روانـگي
اوچتو برسات وَسڻ شروع ٿي وئي، اڄ صبح سان ئي جيڪا ساهه ٻوساٽيندڙ گرمي هئي، اُن مان ئي محسوس پي ٿيو ته، شام برسات پوندي. خير اڃا شام جا 5 ٿيا آهن، تنهنڪري ٿورو برسات ۾ وهنجڻ جو مزو وٺون، پوءِ ٿا تيار ٿيون، سو ٻاهر نڪري برسات ۾ وهنجڻ لڳس. هتي حيدرآباد ۾ اَچڻ کان پوءِ برسات ۾ وهنجڻ لاءِ به ڄڻ سِڪي ويا آهيون! زندگي ايترو ته مصروف ٿي وئي آهي، جو ڪڏهن ڪڏهن ته سوچيندو آهيان، اسين به ته ڪمپيوٽرن سان گڏ ڄڻ ڪائي مشين هُجون، صبح 9 وڳي کان رات يارهين يا ڪڏهن ته ٻارهين، هڪ وڳي تائين ڪمپيوٽر ۽ اسين گڏ گڏ هلندا رهون ٿا. زندگي بَس ڪمائڻ، کائڻ پيئڻ ۽ سُمهڻ تائين محدود ٿي ويئي آهي. ڄڻ دُنيا ۾ ٻيو ڪُجهه آهي ئي ڪونه، اِها زندگي به ته نه ٿي، بَس هڪڙو دائرو آهي، جنهن ۾ روز هڪجهڙو جيءَ رهيا آهيون، جيئن نار ۾ اُٺ وَهي اِيئن وَهي رهيا آهيون. هي منهنجو ڏهن ڏينهن لاءِ سفر تي وڃڻ، مون لاءِ ڪنهن معجزي کان گهٽ ناهي، تنهن ڪري ئي ته صبح کان پئي تياري هَلي.
اڃا برسات ۾ وهنجي رهيو هوس ته بجلي به هلي ويئي، پوءِ سوچيم اَڙي مون ته اڃا شيوَ به ناهي ڪئي، هاڻي ٿي به رات وئي آهي. سوچيم بجلي الائي ڪيڏي مهل اچي تيستائين وهنجي ته وَٺان، پاڻي کوليم نلڪي ۾ پاڻي بجاءِ هوا جو پريشر سُوسَٽ ڪري نِڪتو، موبائل ۾ وقت ڏِٺم اَٺ ٿيڻ وارا آهن، هاڻي دل جو ڪانٽو حدِ رفتار کان وڌي هلڻ لڳو، سوچيم هاڻي ڪم ڀلو ٿي ويو. پر بجلي وارن کي الائي ڪيئن الله ساڃاهه ڏني جو جلدي اچي ويئي نه ته هتي بجلي نه ٻُڌائي ويندي آهي، نه ٻُڌائي ايندي آهي، پنهنجي مرضي جي مختيار آهي، ڀلي کڻي سڄو نظام سندس مٿي هلندو هُجي، پر صفا اصل، اکين کان انڌي ڪَنن کان ٻوڙي ٿي هلندي آهي، ڪير آهي جو کانئس بي پرواهيءَ جو پُڇاڻو ڪري، ڪنهن ۾ به همت ناهي، سو اهڙي مائي بجلي جو وقت تي اچڻ معنيٰ “کيس الله ساڃاهه ڏني” چيو ويندو آهي.
تڪڙو تڪڙو شيوَ ڪرڻ لڳس، تيستائين پاڻيءَ جي بالٽي به ڀَرجي ويئي، وهنجي ٻاهر نڪتس ساڍا اَٺ، سوچيم هر سال وانگر شايد هن سال به اِها حسرت دل ۾ ئي رَهجي وئي، باقي ڏهه منٽ ۾ اسٽيشن تائين پُهچان، سو به وَسندڙ برسات ۾، ممڪن ته نه ٿو لڳي، اصل واءُ مينهن ٿي ٿيلهو ڪُلهي ۾ پائي پارس کان موڪلائي هيٺ لٿس، حسن مون سان گڏ ٿي هليو روڊ تائين، روڊ تي پُهتس، روڊ جي جاءِ پاڻي جي درياءَ والاري هئي، جو پاڻي ڇوليون هڻي گذري رهيو هو. پَري پَري تائين ڪو به رڪشا نظر نه آيو، پَڪ ٿيم ته نه پهتس، اميد جو ڏيئو پوءِ به ٻرندو رهيو، اِن وچ ۾ وري به 117 تي فون ڪري پُڇي ورتم، هن ڀيري اردو ڳالهائيندڙ فون کنئي، چيائين پوڻي نئون وڳي نائيٽ ڪوچ رواني ٿيندي، پنج منٽ اهي به مليا. وَر مٿي کڻي جوتي سوڌو پاڻي ۾ لَهي پيس، اسٽيشن تائين پنڌ اچڻ جو سوچيم، وچان گلي ورتم، گلي ۾ هڪڙو رَڪشا وارو بيٺو هو، چيومانس، چيائين “اسٽيشن مين نهين جائون گا ميري گاڙي ڦنس جائي گي” چيم ٻيلي اِيئن نه ڪر، ٽرين ۾ باقي پنج منٽ آهن، لاهور وڃڻو آهي، ڪوشش ڪر، پٺاڻ هو، سوچي چيائين “چَلو بهائي الله مالڪ هي جهان تڪ جا سڪينگي وهان هي آپ ڪو اُترنا پڙيگا”، دل ۾ سوچيم ٺيڪ آهي، ڀلا اسٽيشن کي ويجهو ته پُهچائيندو، “چلو بهائي الله مالڪ هي” اسٽيشن جي ٻاهران پاڻي ۾ ئي لاٿائين. پڇومانس “ڪتنيَ؟” بهائي هوتي تو بيس روپي هين، ليڪن تيس روپيه دي دو” خوشي مان ٽيهه روپيه به ڏنم سندس شڪريو به ادا ڪيم. سنڌي ماڻهو آهيون نه، جنهن مٺو ڳالهايو سَڄا اُنهيءَ جا. هن ته وري به وقت ۾ ساٿ ڏنو، ڀلي کڻي سندس ڌنڌو ئي اِهو هجي.
وري به گوڏي جيڏي پاڻي ۾ لهي اچي اسٽيشن تي پُهتس، چئني طرف نظرون ڊوڙايم، سائين انعام وارا ڪٿي به نظر نه آيا، موبائيل ڪڍي نمبر ڊائل ڪيم، سائين انعام ٻُڌايو اسٽيشن تي بُڪ شاپ جي سامهون بيٺا آهيون جَلدي پُهچ. هيڏي هوڏي ڊوڙڻ لڳس بُڪ شاپ ڪٿي آهي، هڪ ٻن کان پُڇيم، چيائون اسان کي خبر ناهي، نيٺ ريلوي جي ملازم کان پُڇيم، چيائين “اوڀر طرف آخر ۾ آهي” بس منٽ ڪري ورتم. پهرين سائين انعام تي نظر پئي جو فلحال سُڃاڻپ صرف اُن سان هئي، سڀئي دوست گڏ ٿيا بيٺا هئا، سائين انعام سڀني سان واري واري تعارف ڪرايو.
راشد ابڙو، ڪاشف ميراڻي، شعيب شيخ، اعجاز جعفري، راجيش، ابراهيم پٺاڻ، ضياءُ، وجڳ، اسحاق راجپوت، سڀني سان هٿ ملايم ۽ پوءِ سڀني کي ٻُڌايائين ته هي آهي مور ساگر جيڪو اسان سان گڏ سفر ۾ همسفر آهي، ٿيلهو لاهي هيٺ فرش تي رَکيم، سڀني دوستن جا ٿيلها هڪ جڳهه تي پيا هئا. پهرين ملاقات هئي، تنهنڪري اِها مختصر هيلو هاءِ ٿي، پوءِ آس پاس نظرون گهمڻ لڳيون، سڀني طرف خوبصورت رنگ نظر آيا، حيدرآباد هونئن به هوائن ۽ حُسن جي حوالي سان مشهور آهي، ويتر انتظار جي گهڙين ۾ حُسن جا رنگ ئي پنهنجا هوندا آهن، پر جڏهن انتظار پنهنجي حد ٽپندو آهي ته، پوءِ عذاب ٿي پوندو آهي، جيئن هاڻي اسان سان ٿي رهيو آهي. پوڻن نوَن جي بجاءِ پوڻا ڏهه اچي ٿيا آهن، اڃا نائيٽ ڪوچ جو دور دور تائين ڪوبه ڏس پَتو ناهي. هاڻي سڀئي هڪ ٻئي سان ڳالهيون ڪري ڪري ٿَڪجي پيا. سڀئي آهستي آهستي خاموشيءَ جي حوالي ٿيندا ويا، هيڏي هوڏي ڦرندا رهيا، ڪنهن وقت ٿيلهن تي بيزاري مان بُت ٿي ڦِٽو ڪيائون ته ڪنهن مهل اُٿي وڃي، ڪنهن چپسن جي چهر ٿي ورتي ته ڪنهن جوس ٿي ورتو، اِيئن هڪ ڪلاڪ ٻيو به لنگهي ويو، يعني پوڻا يارنهن ٿي ويا، هاڻي ته صفا ٿَڪاوٽ محسوس ٿيڻ لڳي، سفر واري خوشي ته چهرن تان اِيئن غائب ٿي ويئي، جيئن گرمي ۾ خوبصورت عورت جي چهري تان مِيڪ اَپ. اهو آهي اسان جو پيارو پاڪستان!!! اِها آهي ريلوي جي دُنيا، اِهو آهي وقت جو قدر!!!...
هاڻي ويٺل عورتون به اُٿي هيڏانهن هوڏانهن هَلڻ لڳيون، هِڪڙي انتهائي قدآور، بَدن ۾ ڀريل، خوبصورت شبيهه جي، سُنهري وارن واري عورت اَچي ڀرسان گذري، ڏاڍي بي پرواهيءَ سان. هڪ دوست چيو، سُبحان الله، ٻي چيو هي ساهيوالڻ ٿي لڳي، اهڙو قد بُت اُنهن جو هوندو آهي، وَچان مون به ڳالهائڻ شروع ڪيو، ’ساهيوال جون مينهون هُجن يا مايون مشهور ضرور آهن،‘ سڀني مُسڪرايو، انعام چيو واقعي اِيئن ئي آهي، اِيئن وري به سڀئي دوست ڳالهين ۾ شروع ٿيا. ٻيو نيٺ ڇا ڪَجي ها، پاڪستان جي وقت ۽ نظام تي ته هونئن به ڪيترائي پهاڪا ۽ چوڻيون مشهور آهن، سو اُن کي ڇڏيون ٿا، پر هاڻي ته صفا ڄڻ ڪيئي وسوسا پيا ورائن، الائي ٽرين ايندي به الائي نه، رات اِتي ئي گذارڻي پوندي، پر پوءِ ساڍي يارهين وڳي اچي نيٺ انتظار خودڪشي ڪئي ۽ نائيٽ ڪوچ اسان جي سامهون گذري اچي بيٺي، انعام دوستن کي ٻُڌايو ته بوگي نمبر 1 ۾ هڪ کان 13 سيٽون پنهنجون آهن، سڀني ٿيلها ڪُلهن ۾ وِڌا، بوگين تي نمبر پڙهندا اڳتي وڌندا وياسين، نيٺ وڃي بوگي نمبر 1 تي پُهتاسين، هاڻي پنهنجون سيٽون تلاش ڪرڻ لڳاسين، ڇاڪاڻ ته اسان جي سڀني سيٽن تي ماڻهو ويٺل هئا. اسان پنهنجون ٽڪيٽون ڪڍي ڏيکاريون، پوءِ جن وٽ نه هيون، سي ويچارا سيٽون ڇڏيندا ويا، ٻه همراه کيسن مان ٽڪيٽون ڪڍي ڏيکارڻ لڳا، اُن ڪري جو اسان جا ٻه ڇوڪرا نه آيا هئا، جن جون ٽڪيٽون ڪينسل ڪرايون سين، يارنهن چاليهه تي ٽرين حيدرآباد جي هوائن کي الوداع چئي رواني ٿي.
هڪ سيٽ هيٺ ٻه برٿ انهيءَ جي مٿان، آئون هيٺين سيٽ تي هوس ۽ مٿيون برٿ ٻي همراه جو هو، جيڪو ڪراچي کان آيو پي، انهيءَ سُمهڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوءِ آئون هيٺ سيٽ تي ويهي نه پيو سگهان، مون کي اها ريل جي سيٽنگ صفا خراب لڳي، جو مون چاهيو هو آئون سمهندس نه، دري کولي ويهي نظارا ڏسندس، پر حقيقت ۾ اِيئن نه ٿي سگهيو، اِها حسرت به ڄڻ اڌوري رهي. سائين انعام ته رومال مُنهن تي ويڙهي سُمهي پيو، ٻيا دوست وڃي گڏ سيٽن تي ويٺا، جو اُهي پَتن جي تاس به گڏ کڻي آيا هئا، ۽ وچ تي هڪڙو ٿيلهو رکي پَتا کولي راند رهڻ شروع ٿي ويا. مون کي اِهو عمل هونئن به نه وڻندو آهي، سو آئون الڳ سيٽ تي هوس، ويهڻ جي سهولت به ميسر نه هئي، مجبورن سُمهي پيس، پر ريل ۾ ايتري منزل تي اِهو پهريون سفر هو، سو ننڊ ڪٿي ٿي اچي. (هن کان پهرين شهدادپور مان حيدرآباد تائين آيل آهيان، جو ڀاءُ عبدالحڪيم جمعداري جي ٽريننگ تي ويل هو، فون ڪيو هئائين ته موڪل نه ملندي تنهنڪري پگهار کڻي وَڃ، مون کي به ڪنهن نئين منزل / ماڳ تي وڃڻ وقت ڏاڍي خوشي محسوس ٿيندي آهي، هِتان ته وين ۾ ويو هوس پر واپسي لاءِ سوچيم ريل جو سفر به ڪري ڏِسان اهڙو ته بيزار ڪيائين جو حيدرآباد تائين اصل چهرو ئي بدلجي ويو، اسٽيشن تي لٿس ڄَڻ ٿر مان وريو هُجان، مٿي سان گڏ سڄي بدن ۾ به سور، ڄڻ بيمار ٿي پيس.
پاسا ورائيندو ۽ ڪنهن ڪنهن وقت دري مان مُنهن ڪڍي ٻاهر ڏسڻ جي ڪوشش به ڪندو رهيس، پر ٻاهر صرف ڪاري رات ئي هئي، نيٺ ننڊ به اچي ڀاڪر پاتو ۽ خاموشي جي غفائن ۾ گم ٿي ويس. جڏهن اک کُلي ته ٽرين بيٺل نظر آئي ۽ دري مان نظر ڪيم روشنيون ئي روشنيون هُيون، ٽائيم ڏٺم، ٽي لڳي پنجاهه منٽ ٿيا هئا، همراه کان پڇا ڪيم، ٻڌايائين روهڙي پهتا آهيون. سڀئي مسافر لهي ڪجهه نه ڪجهه وٺي کائڻ لڳا، آئون به اڪيلو لهي پيس جو ڪمپني ته هئي ڪانه، اسٽيشن جي ڇيڙي تائين اچڻ چاهيم گهمڻ جي خيال کان، پر سوچيم جي اوچتو ٽرين هلي پئي ته پوءِ پنهنجي سيٽ تائين ڊوڙي به نه پهچي سگهندس، واپس وريس، برگر، ڪجهه بسڪيٽ، ڪجهه چپس ۽ پاڻي جي بوتل ورتم، آيس پنهنجي سيٽ تي، سائين انعام اڃان سُتو ئي پيو هو، اڌ ڪلاڪ ترسي چار لڳي ويهه منٽن تي ٽرين روهڙيءَ مان رواني ٿي، وري به ساڳيو سفر، وري به سڀ مسافر پنهنجي سيٽن تي سمهڻ لڳا ۽ نه چاهيندي آئون به سمهي پيس.
گاڏي بغير اسٽيشن جي به تمام گهڻا اسٽاپ ٿي ڪيا، شايد ٻين گاڏين کي ڪراس ڏيڻ لاءِ رُڪي ٿي، ٻيو ڀيرو جڏهن اک کُلي ۽ دَري مان ٻاهر نظر ڪيم تمام وڏي ڀت نظر آئي، ڀنڀرڪي ۾ وڌيڪ ٻيو ڪجهه به نظر نه پئي آيو، خبر پئي ته هاڻي اسين سرائيڪي پٽي ۾ داخل ٿي چُڪا آهيون ۽ هن وقت چشتيان ۾ آهيون، چشتيان جو نالو ٻڌڻ سان پٺاڻي خان ياد آيو ۽ ياد آيو:
“ميڏا عشق وي تو ميڏا يار وي تو”
وري به ليٽي پيس، موبائل جي رنگ وڳي، ڳوٺان ماما احمد هو، حال احوال ٿي ورتائين ته، ڪٿي پهتا آهيو، اکيون مهٽيندي ۽ هيڏانهن هوڏانهن لوڻا هڻندي، سائين انعام کان اشاري سان پُڇيم، چيائين خانپور، چيم خانپور پُهتا آهيون، صبح ٿي چُڪو هو ۽ ٻاهر دري کان هاڻي نظارا ڏسڻ جي آزادي هئي، ٻنهي طرفن کان ساوڪ ئي ساوڪ نظر آئي، ٻنيون صفا سڌائي ۾، جن ۾ ڪٿي ڪٿي ڪمند پوکيل نظر ٿي آيو، نه ته اڪثر وونئڻ ئي پوکيل هئا. اهڙا ته سڌائي ۾ هئا جو ڄڻ ڦيٿون رکي سڌائي سان پوکيا ويا هُجن، چني ڳوٺ کان اڳيان نواب صاحب جو ننڍڙو شهر ڪراس ڪيوسين جتي اڪثر ٻنين ۾ عورتون ڪم ڪندي نظر آيون، ڪٿي گُڏ ڪڍي ۽ گندگاهه صاف ڪري رهيون هيون. اسان وٽ سنڌ ۾ هاڻي ته صرف ڪولهي ۽ ڀيل قبيلن جون عورتون ئي ٻنين ۾ ڪم ڪنديون آهن، باقي ته ڪنهن به قبيلي جون عورتون ٻنين ۾ ڪم نه ڪنديون آهن، ها باقي اُتر سنڌ جي خبر ناهي، ٻڌو اٿم ته ڪجهه اهڙا علائقا آهن، جت مرد صرف هوٽلن حوالي هوندا آهن، هر مرد سان هڪ عدد خوبصورت ڇوڪرو گڏ هوندو آهي، ڀرت ڀريل ٽوال ڪلهي تي هوندا آهن ۽ اُتي بازار جو سيڌو سامان وٺڻ تائين عورتن جي ذمي هوندو آهي.
خانيوال اسٽيشن پُهتا آهيون، جتي گاڏي تقريباً ڪلاڪ کن بيهندي آهي، جنهن دؤران صفائي وغيره ڪندا ۽ پاڻي ڀريندا آهن، تنهنڪري ماڻهو صبح وارو ناشتو پُڻ هتي ئي ڪندا آهن. سڀني ٽوال ٿيلهن مان ڪڍيا ۽ ٽٿ برش ڪڍيا، ته ڪن صابڻ پڻ کنيا، هتي قطارن ۾ نلڪا لڳل آهن جيئن مسجدن ۾ وضو خانه هوندا آهن، پر پوءِ به رش هوندي آهي، جو ڌڪا ڏيئي وارو وٺڻون پيو پوي، سمه سٽه ۽ آدم واهڻ جي وچ ۾ ڪجهه علائقو غريب آباد ۽ واري جي دڙن تي مشتمل هو، جتي واري اهڙي وسي رهي هئي جو هي سڄو ڪرشمو انهيءَ جو هو جو عورتون پڻ مردن سان گڏ منهن ڌوئڻ تي شروع هيون، بنا ڪنهن حجاب جي.
پنجاب وارا چون ٿا ته اهو ٿورڙو علائقو به ريگستان ڇو رهي، تنهنڪري اسان کي ڪالاباغ ڊيم کپي ۽ ملڪ رهي نه رهي، پرواهه ناهي، پر ڊيم کپي ۽ سنڌ ۾ ڪوٽڙي کان هيٺ درياءَ ۾ پاڻي نه ڇڏڻ جي ڪري لاڙ کي جيڪو سمنڊ نقصان ڏنو آهي، اهو ڪنهن به حڪمران کي نظر ئي نٿو اچي ۽ اسان جا هتان جي علائقن جا چونڊيل نمائنده پڻ انهيءَ بربادي تي خاموش هوندا آهن، اسيمبلين ۾. بدين کان هيٺ سيراڻي ۽ ڪڍڻ واري پاسي پاڻي نه پهچڻ ڪري جيڪي زمينون ويران ۽ غيرآباد ٿي چُڪيون آهن، اُهي جن به ڏٺيون هونديون سي سنڌو تي ساهه ته ڏيئي ڇڏيندا، پر ڪڏهن به اِهو ڊيم اڏڻ نه ڏيندا.
فريش ٿي ناشتو ڪري اچي پنهنجي پنهنجي سيٽن تي ويٺاسين، مون کي هر ڪلاڪ ٻي ڪلاڪ فون پئي اچي جو پويان ٻه ٽي ڀائر هئا، جيڪي واري واري سان حال احوال وٺندا رهيا، ساهيوال اسٽيشن تي پهتاسين، بوتلن ۾ پاڻي ڀريوسين ۽ ساهيوال جو نالو ٻڌڻ سان حيدرآباد اسٽيشن تي اها بي پرواهه، قدآور عورت ياد آئي، جنهن لاءِ دوستن جو خيال هو ته ساهيوال جي ٿي سگهي ٿي ۽ ٻيو مون کي دل تي تري آيو شيخ اياز ۽ اُن جو لکيل ڪتاب “ساهيوال جي جيل ڊائري”. جنهن جون ڪجهه سِٽون هتي لکان پيو:
“رات جا يارنهن لڳا ته اسان ساهيوال پهتاسين. رات ۾ ٿڌي تنور ۽ پپل جي وڻن جي بوءِ هئي. ڪجهه پريان ريل جون انجڻيون هڪٻئي کي سيٽيون هڻي رهيون هيون. رستي تي بجليءَ جي بتين رات جي پوندڙ بارش ۾ ننڍڙا ٻيٽ ٺاهيان ها جي پري پري تائين نظر اچي رهيا ها ۽ اُنهن جي جهرمر ڪندڙ سطح تي پاڇا ڪنبي رهيا ها.
اڌ ڪلاڪ کان پوءِ اسان ساهيوال جيل تي پهتاسون. جيل جا گارڊ مون جهڙن اوپرن مهمانن تي هِريل هئا. منهنجي تلاشي ورتي وئي. مون ٻيو سڀ ڪجهه آندو هو سواءِ ڪِتابن جي ڇو ته ڪتاب C.I.D وارا کڻي ويندا آهن. مون کي رڳو ٻه ڪتاب هيا- “سارا برنارڊ جي زندگي”، “شاهه جو رسالو”. رسالي ڏانهن اشارو ڪري مون کان جيلر پُڇيو ته “هي ڪهڙو ڪتاب آهي؟” مون هن کي چيو، “هي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ڪلام آهي. شاهه عبداللطيف بلي شاهه وانگر صوفي شاعر هو. اسان سنڌي انهيءَ ڪتاب کي مذهبي ڪتاب جو درجو ڏيندا آهيون.” جيلر ڪجهه سوچي مون کي اجازت ڏني ته اهي ڪتاب مان پاڻ سان رکان. پوءِ ڪجهه پُراڻيءَ ريت موجب لکپڙهه ڪئي وئي ۽ مون کي هڪ وارڊ ۾ اُماڻيو ويو.
تقريباً پوڻين چئين وڳي لاهور شهر ۾ داخل ٿياسين، هونئن اسان کي پهچڻون صبح جو يارهين وڳي هو، شهر ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ به ڏهه پندرهن منٽ ريل هلندي رهي، هڪڙي بورڊ تي نظر پئي “ڪوٽ لکپت” ۽ ياد آيو رسول بخش پليجو ۽ سندس لکيل ڪتاب “ڪوٽ لکپت جو قيدي”.