9 هزار ٻُڏي ويا جيئن ئي پشاور کي پوئتي ڇڏي موٽروي تي چڙهياسين تيئن ئي هاءِ ايس 120 اسپيڊ سان هلي رهي هئي. هن روڊ تي ڪيترو به گاڏي کي فل اسپيڊ ۾ هلائي پوءِ به ڄڻ آهستي پئي هلي، يا ڄڻ پاڻي مان پيئي گذري، روڊ تي ٿوري ٿوري فاصلي تي مختلف هدايتن جا بورڊ لڳل آهن. استاد کي عرض واري انداز ۾ چيوسين استاد اڄ جيڪڏهن ٿي سگهي ته هنن هدايتن تان هٿ کڻو ۽ اسان کي پهچايو. پر اهو ته صرف اسانجو خيال هو. ڊرائيور ايئن نه پيو ڪري سگهي. رستي ۾ ئي سائين انعام فون تي نائٽ ڪوچ جو پُڇي ٿو وٺي، چيائون 6:50 وڳي نڪري ويندي، اسان وٽ باقي اڌ ڪلاڪ بچيو هو ۽ فاصلو وڏو پيو هو. هاڻي ٻيا سڀ آسرا لٿا ۽ ڊرائيور کي به چيوسين توهان جي مرضي آهي، جيتري اسپيڊ تي هلو اسين ته نه پهتاسين، وري ٻيو خيال آيو ته جي ڪوچ اڏي تي لهي اُتان ڪوچ ۾ وڃجي ته اڳيان رائيونڊ وٽ پهچي سگهون ٿا. وين واري کي ٻه سؤ روپيه وڌيڪ ڏنا، اچي ڪوچ اڏي تي پهچايائين پر اتان به آسرو نه مليو ۽ ايئن اسان جا صرف اڌ ڪلاڪ جي اندر تقريباً 9 هزار ٻُڏي ويا. پوءِ رسڪ نه کنيوسين، آياسين اسٽيشن تي پهرين ته ڪوشش ڪئي سين ته ڪا ٻي گاڏي ملي وڃي ته به هليا وڃون، پر پهرين گاڏي شاليمار سا به صبح جو 6:00 وڳي نڪرندي، پوءِ سائين انعام ۽ هڪ ٻه ٻيا ڇوڪرا ويا پهرين هوٽل جي تلاش ۾، اسين اسٽيشن تي بيٺا رهياسين، هن وقت سڀني جي جيڪا حالت هئي سا ڏسڻ وٽان هئي، ڄڻ سموري سفر جو ٿڪ اڄ پيو محسوس ٿئي، ڄڻ هيترن ڏينهن ۾ ڪٿي ڪا بوريت نه ٿي سا سموري بوريت اڄ اچي اسان سان گڏي آهي.