بشام
بشام جي سبز ۽ اوچين پهاڙين تي پري کان نظر ايندڙ گهر، ماڻهو ۽ مال پيا ڏسون. مون دوربين کنئي ۽ موقعي مان فائدو وٺڻ لڳس، پهاڙين جي چوٽين تي گهر ايئن پيا نظر اچن ڄڻ ڪي ٻارڙن جي راند جا ننڍڙا گهر ٺهيل هجن. حيراني ٿي ته اُهي ماڻهو مرڻا پرڻا سماجي سرگرميون ڪيئن ڪندا هوندا. پر خير جيڪو به جتي ۽ جنهن ماحول ۾ رهندڙ آهي، انهيءَ کي ڪا به ڏکيائي نه ٿيندي آهي. اسان دوربين سان سڀ منظر پاڻ کي ويجهو ڪري ڏٺا، هاڻي گهرن ٻاهران چرندڙ ٻڪريون به نظر اچن پيون، جيڪي هونئن عام نظر سان نه پيون ڏسي سگهجن ۽ اُهي ٻڪريون به ايئن هلي گهمي رهيون آهن، جو ڄڻ پير ٿڙيو ته ويون، پر نه اُهي ڏاڍو مزي سان هيڏانهن هوڏانهن هلي رهيون آهن، ڄڻ ميداني علائقي ۾ چري رهيون هجن.
مس مس وڃي ٻه ڪلاڪ پورا ٿيا ۽ فڪس ٽائيم تي روڊ کليو اسان سڀني گڏجي چيو ته جيڪڏهن پاڪستاني ڪم ڪندڙ هجن ها ته ٻه ڪلاڪ جو ٻُڌائي چار ڪلاڪ ته آرام سان حرام ڪن ها، پر هي چيني هئا تنهنڪري پنهنجي ڳالهه تي پورو لٿا.
هڪڙي ڳالهه جو مون کي عجب ٿيو، جڏهن بالاڪوٽ کان ناران پي وياسين تڏهن دريا ڪنهار ۽ پهاڙين جو ساٿ هو ۽ جڏهن مانسهره کان گلگت پي وياسين تڏهن اوچين پهاڙن جو ساٿ ۽ هڪ پاسي سنڌو دريا جو ساٿ، (جنهن کي بچائڻ لاءِ سنڌي هر وقت ساهه به صدقو ڪرڻ لاءِ تيار آهن). ۽ هاڻي هتي جڏهن بشام کان سوات لاءِ نڪتاسين ته رستي ۾ سوات دريا ۽ سبز پهاڙين جو ساٿ. رستي ۾ ايندڙ ننڍا ننڍا اسٽاپ جنهن ۾ بهله بابا، رحيم آباد، بابي الپوري، تحصيل الپوري ۽ ضلع شانگله آهي، الپوري جي مين بازار سٺي هئي.