سفرناما

حيدرآباد کان هنزه تائين

“حيدرآباد کان هنزه تائين” سفر ۾ جتي لاهور ۽ اُتي جي مشهور تاريخي جاين (مينار پاڪستان، شاهي قلعو، بادشاهي مسجد، واگها بارڊر) کان وٺي وادي ناران، جهيل سيف الملوڪ، گلگت، وادي هنزه، سوات ۽ پشاور بابت معلومات ڏنل آهي اُتي انهن هنڌن تائين پهچڻ ۽ ماڻيل مشاهدن، تجربن ۽ نظارن جو پُڻ احوال ڏِنو ويو آهي، ۽ هي سفرنامو انهن هنڌن تي وڃڻ لاءِ سٺي گائيڊ آهي ۽ گهر ويٺي پڙهڻ وارن لاءِ سٺو تفريحي ڪتاب آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2581
  • 820
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • مور ساگر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book حيدرآباد کان هنزه تائين

ايـبـٽ آبـاد

ايبٽ آباد پهچي پهرين يوٿ هاسٽل تي هلڻ لاءِ چئون ٿا، ڊرائيور روڊ جي پاسي کان لڳل بورڊ پڙهندو هلي ٿو، هڪڙي ننڍڙي بورڊ جي ڀرسان گاڏي بريڪ ڪري ٿي. بورڊ پڙهي ۽ تير جي اشاري سان اندر گلي ۾ گاڏي هلڻ لڳي ٿي، هي گلي ڪچي آهي ۽ هن پاسي شايد هاڻي نئين آبادي آهي. ٺهيل ته وڏا وڏا ۽ خوبصورت بنگلا آهن، پر سڀ هاڻي ئي آباد ٿيل محسوس ٿين ٿا. ڪجهه بنگلا ڪراس ڪري هڪڙي بنگلي جي سامهون اچي بيهون ٿا. جيڪو يوٿ هاسٽل جو آهي. بيل وڄايون ٿا ته چوڪيدار دروازو کولي ٿو، ڄڻ اسان جي اچڻ جو کيس انتظار هو بغير تعارف وغيره پُڇڻ جي وڏو دروازو کولي گاڏي کي اندر اچڻ لاءِ اشارو ڪري ٿو، بوند اڃان به وسي رهي آهي، سڀني پنهنجو پنهنجو سامان سنڀالي کنيو. اچي ڪمرن ۾ ڀيڙا ٿياسين، چار چار بيڊ هر هڪ ڪمري ۾ هئا. ڪمرن جي سامهون ڊرائنگ روم نما هال هو، سنئون سڌو بنگلو ئي هو، ايئن کڻي چئجي ته بنگلي ۾ هاسٽل هو، بهرحال اسلام آباد کان وڌيڪ خوبصورت هاسٽل آهي. سامان رکي وري به تڪڙو نڪتاسين، گاڏيءَ ۾ ويٺاسين، ماني کائڻ لاءِ هڪڙي هوٽل تي ويٺاسين، ماني گهرائي ويئي. مون ماني نه کاڌي جو ايوبيه گلي تي ماني کاڌي هئي. باقي قدرت جا منظر ڏسي بُک جو احساس ئي ختم ٿي ويو. سائين کي چيم “سر آئون صرف بوتل پيئندس” ۽ اندر وڃي ويٺس موبائيل به چارج تي لڳايم اڃان آن ئي مَس ڪيم تيستائين “هر جاءِ پرين هر محفل ۾ مونکي تنهنجي ڪمي محسوس ٿي” بيل وڄڻ شروع ٿيو، ادا منظور هو، حال احوال ورتائين چيائين ڏينهن جو سڄو ڏينهن فون نه پي لڳي؟ چيم سڄو ڏينهن پهاڙي سلسلو هو جتي موبائيل ويچارو ڪم ڪرڻ کان لاچار هو. خير حال احوال ٿيا، چيائين ڪتابن وارا هاڻي اچي وريا آهن، سڀ چوَن ٿا اسان کي جلدي ڪتاب کپن، پر خير آهي، تون خير سان گهمي اچ پوءِ پيا ڪتابن وارن کي مُنهن ڏينداسين. مون وري گهر فون ڪري پرينءَ کان احوال ورتم ۽ حال ڏنم، سندس هر بار جيان اهو ئي سوال ته واپس ڪڏهن ايندين، ڀلي ڏينهن ۾ ڏهه ڀيرا فون ڪريان پر آخر ۾ اهو ضرور پُڇندي آهي ته واپس ڪڏهن ايندين.
هڪڙن دوستن جو خيال هو ته شهر جو چڪر لڳائجي، ٻين دوستن جو خيال هو ته ٿڪجي پيا آهيون آرام ڪجي، اڃان سڀاڻي وڏو سفر ڪرڻو آهي، پوءِ سڀني جي راءِ سان واپس هاسٽل تي ئي اچڻو پيو. سڀئي فريش ٿيا، هتي هڪڙو مزو هو ته ٻن ٻن ڪمرن جي وچ ۾ اٽيچ باٿ روم ساڳيون هو. هاڻي جي اسين وڃون باٿ روم ۾ ته هنن وٽان دروازو اندران بند ڪريون، جڏهن هنن کي ضرورت پوي ته پوءِ اسان جي ڪمري ۾ اچي پوءِ باٿ ۾ داخل ٿين وري سندن ڪمري ۾ نڪري وڃن ۽ اسان وٽان دروازو بند. ڏاڍو مزو لڳو پيو هو، چار چار ڇوڪرا هر روم ۾ ٽوٽل اٺ ٿياسين ۽ اٺن جي وهنجڻ تائين اها راند هلندي رهي.
هتي به پاڻي انتهائي صاف ۽ ٿڌو هو چوڪيدار کان پُڇڻ تي ٻُڌايائين ته هي پاڻي قدرتي چشمن جو آهي، دل ۾ سوچيوسين واهه مولا تنهنجا رنگ ڪٿي آيا آهيون، جتي وهنجڻ لاءِ به چشمن جو پاڻي نصيب آهي، سبحان الله ۽ هڪ پاسي ٿر ٿو ياد اچي جتي هٿ مُنهن ڌوئڻ کان به لهرائيندا آهيون، جتي انتهائي ڪڙو (کارو) پاڻي جيڪو اکين تي هڻ ته ڄڻ مرچ اکين ۾ پئجي وڃن ٿا. اُتي به ماڻهون رهن ٿا ۽ خوش رهن ٿا. سڀ رنگ اُن رنگي جا آهن جنهن سموري ڪائنات جا ايئن الڳ الڳ رنگ رکيا آهن.
صبح جو اٺين وڳي تائين سڀئي ڇوڪرا اُٿي تيار ٿي وڃن ٿا. ايبٽ آباد جو هي صبح به ڄڻ سياري جو صبح پئي محسوس ٿيو. هاسٽل جي اڱڻ ۾ نڪرون ٿا ۽ نظرن سان ٽڪرائجن ٿا سبز پوش اوچا پهاڙ. چؤطرف اهو پهاڙن جو سلسلو يڪسان نظر اچي ٿو ۽ محسوس ٿئي ٿو ته ايبٽ آباد ڪو ننڍو شهر آهي پر ايئن ناهي، هي شهر تقريباً 2659 ايڪڙن جي ايراضي تي مشتمل ۽ صوبي سرحد جو ٻيو وڏي ۾ وڏو شهر آهي، هزاره ڊويزن جي پهرين ڪمشنر “ميجر جنرل جيمس ايبٽ” جي نالي پويان 1853ع ۾ “ايبٽ آباد” سڏيو ويو. هي شهر سامونڊي سطح کان 4120 فوٽن جي اوچائي تي ٻُڌايو وڃي ٿو.
ايبٽ آباد کي اُن جي زيرانتظام ڏورانهن علائقن، ننڍن رستن ذريعي ملايو ويو آهي، هن جي اُتر ۾ ميرپور منڊيان، اوڀر ۾ ڪوهه شيخ الباندي، ڏکڻ ۾ سهلڊ ۽ اولهه ۾ ڪوهه حبيب جا ڳوٺ آباد آهن. سبز پهارن جي هنج ۾ آباد هن شهر جي موسم چون ٿا ٻارهن ئي مهينا بهار جهڙي رهي ٿي، پر سياح وڌ ۾ وڌ جولاءِ، آگسٽ ۽ سيپٽمبر ۾ اچن ٿا، باقي برف ڏسڻ جا ۽ انجواءِ ڪرڻ وارا شوقين سياح جنوري ۽ فيبروري ۾ پُڻ هن طرف رُخ رکن ٿا. هتي جا مشهور تعليمي ادارا مليٽري اڪيڊمي، آرمي برن هال ڪاليج ۽ ايبٽ آباد پبلڪ اسڪول نمايان آهن. پنجاب جي شهر ’حسن ابدال‘ کان نڪرندڙ شاهراه تي حسن ابدال کان 70 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي ايبٽ آباد آهي، حسن ابدال کان ايبٽ آباد ويندڙ ريلوي جي آخري اسٽيشن حويليان آهي، جيڪا ايبٽ آباد کان تقريباً 16 ڪلوميٽر ٻاهر آهي، ايبٽ آباد مان نڪرندڙ شاهراه ريشم جيڪا قراقرم جابلو سلسلي کان ٿيندي چين جي سرحد تي خنجراب تائين پهچائي ٿي ۽ شاهراه ريشم ذريعي مانسره کان ڳڙهي حبيب الله ۽ اُتان کان مظفر آباد (آزاد ڪشمير) وڃي سگهجي ٿو. بالاڪوٽ ۽ خواب جهڙي وادي ڪاغان وڃڻ لاءِ پُڻ هتان ئي رستا نڪرن ٿا، ايبٽ آباد ۾ اڪثريت واريون ذاتيون تنولي، اعواڻ، ڪڙلال، جدون ۽ عباسي آهن.
چوڪيدار کي سويري ناشتي لاءِ روانو ڪيو هو، هو ناشتو وٺي آيو، جيڪو هال ۾ ويهي گڏجي ڪيوسين. هاڻي سر انعام چيو صرف ڪلاڪ اڃان آهي، اگر ڪنهن کي شهر مان چڪر لڳائڻو آهي ته ڪلاڪ اندر ئي موٽي اچي. سڀ ڇوڪرا الڳ الڳ روانا ٿيا، مون اسحاق کي چيو هل ته پاڻ به شهر جو سير ڪري اچون. اسحاق کي شيوَ ڪرائڻي هئي ۽ مون ڪيمره جا سيل وٺڻ پي چاهيا، ٻاهر روڊ تي پهتاسين، آياسين بازار جي طرف پر ويجهو ئي ٻئي ڪم ٿي ويا، يعني نائي جو دڪان ۽ جنرل اسٽور ٻئي هڪٻئي جي سامهون هئا، اسحاق شيوَ ڪرائي ۽ مون ڪيمره ۾ سيل لڳرايا. آئون به اچي ويٺس. نائي جو دوڪان ڏاڍو خوبصورت هو، سيٽنگ وغيره ۽ رنگين ٽي وي رکيل هئي، جنهن تي ڪيبل هلي رهيو هو. ايبٽ آباد ۾ گهمڻ جي لاءِ ته هڪڙي ئي پوائنٽ مشهور آهي، شمله پهاڙي، پر شيڊول مطابق هن وقت اُتي نٿا وڃي سگهون، ڇو جو ڪلاڪ اندر واپس هاسٽل تي پهچڻو آهي. ويجهو ئي اسٽاپ جي ڀرسان اچون ٿا.
ايوب هاسپيٽل ائنڊ ڪامپليڪس آهي جيڪو انتهائي وڻندڙ ۽ خوبصورت نظارو آهي، اندر اچون ٿا ۽ سائي ڇٻر سان سينگاريل خوبصورت لان ۾ مختلف گلن جي ڀرسان ويهي فوٽو گرافي ڪيون ٿا ۽ هي حسين منظر پاڻ وٽ محفوظ ڪريون ٿا. ايوب ڪامپليڪس جي دروازي وٽ ئي اخباري اسٽال هو، جنهن تان پُڇا ڪريان ٿو هتي جي لوڪل مشهور اخبار، “آج” ٻُڌائي وڃي ٿي. رنگين اخبار قيمت ٽي روپيه، وٺان ٿو۽ سرسري نظر اُن جو مطالعو ڪريان ٿو.