سفرناما

حيدرآباد کان هنزه تائين

“حيدرآباد کان هنزه تائين” سفر ۾ جتي لاهور ۽ اُتي جي مشهور تاريخي جاين (مينار پاڪستان، شاهي قلعو، بادشاهي مسجد، واگها بارڊر) کان وٺي وادي ناران، جهيل سيف الملوڪ، گلگت، وادي هنزه، سوات ۽ پشاور بابت معلومات ڏنل آهي اُتي انهن هنڌن تائين پهچڻ ۽ ماڻيل مشاهدن، تجربن ۽ نظارن جو پُڻ احوال ڏِنو ويو آهي، ۽ هي سفرنامو انهن هنڌن تي وڃڻ لاءِ سٺي گائيڊ آهي ۽ گهر ويٺي پڙهڻ وارن لاءِ سٺو تفريحي ڪتاب آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2581
  • 820
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • مور ساگر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book حيدرآباد کان هنزه تائين

ملڪه پربت

سامهون اولهه طرف کان سڀ کان وڏو پهاڙ جنهن کي ملڪه پربت چيو وڃي ٿو انهيءَ کي دوربين ذريعي سڀئي دوست ڏسون ٿا، جنهن جي چوٽيءَ تان برف هيٺ ڳڙي رهي هئي. منظر ڏاڍو خوبصورت لڳي رهيو آهي. ايئن پيو محسوس ٿئي ڄڻ خوابن جي واديءَ ۾ سير ڪري رهيا هجون. ملڪه پربت جي اونچائي 17600 فوٽ ٻُڌائي وڃي ٿي، اها اڃا تائين ڪوبه سر ڪري نه سگهيو آهي.
واپس آياسين، جهيل ۾ ٻيڙي تي سوار هڪ جوڙو نظر آيو، شايد ڪو آفيسر ٿي لڳو، بهرحال، ڳاڙهي لباس ۾ چاندي بدن ۽ کُليل سنهري وار شفاف پاڻي تي ترندڙ ٻيڙيءَ ۾ سچ ته ڄڻ بديع الجمال جي رنگن مان ڪو ٿورڙو ئي سهي رنگ پيو پَسجي. سڀني جون نظرون اُن جوڙي طرف کَڄن ٿيون ۽ هلڻ جي رفتار گهٽائي ڇڏين ٿا. اسين به ٻيڙي واري سان ڳالهايون، پر صرف ٻه منٽ جي پنڌ جا چار سؤ ٻُڌائي رهيا هئا. چيوسين بابا اسان ته بَس ڪئي، اسين ساڳي ئي پُل تان گذرون ٿا. هاڻي سڀئي گڏجي بيهي ٿا سائين انعام سميت گروپ فوٽو ڪڍرايون ٿا، پوءِ ساڳين جيپن ۾ سوار ٿي واپس اچون ٿا. رستي ۾ هڪ هنڌ برف جي ڇِپَ کي هٽائيندڙ همراهه جيپ کي بيهارين ٿا ۽ ڪُجهه ڏيئي وڃڻ جي صدا بُلند ڪن ٿا. کين ڪُجهه روپيا ڏيون ٿا ۽ اڳتي ٿا وڌون، ڪُجهه پنڌ هلي هڪڙو برف جو پهاڙ ٿو گڏجي، جتي به ڪجهه نوجوان برف جون سيڙهيون ٺاهيو ويٺا آهن. اسان ڪجهه وقت لاءِ جيپن کي روڪي انهي برف جي پهاڙ تي فوٽو گرافي ڪريون ٿا ۽ انهن نوجوانن کي ويهه روپيا کن ڏيون ٿا.
هاڻي واپس ناران ۾ ساڳي هوٽل سمرلينڊ ۾ ڪمري نمبر 107 تي پهچي سامان سهيڙيون ٿا. ڪجهه ئي گهڙين ۾ پيڪنگ ڪري ورتي سين، هڪڙي وين ڪرائي آيا ڇوڪرا، اُن ۾ سوار ٿي واپس مانسهره تائين ساڳين رستي تي نِڪري پئون ٿا.
ڪلاڪ ڏيڍ جو سفر طئي ڪرڻ کان پوءِ، اڳيان سلائيڊنگ ٿيڻ جي ڪري هڪڙو چيڙ جو وڏو وَڻ روڊ جي وچ تي ڪريل نظر آيو ۽ سڄو روڊ پٿرن سان ڀريل آهي، جنهن کي مشين ۽ بلڊوزر ذريعي هٽايو پيو وڃي، وري به ڪلاڪ روڊ بلاڪ آهي، ڪجهه دير اُتي لڳي ٿي. اتي پاسي ۾ ڪجهه گهر آهن، جن جي اڱڻ تي ڪجهه فروٽ جا وڏا وڻ بيٺل آهن، جن ۾ هن وقت ڪجهه فروٽ موجود آهن، پوءِ هڪ ڇوڪري ڪجهه فروٽ پٽڻ چاهيو، مالڪن صرف ڏٺو پي پر جڏهن آهستي آهستي سڀئي مسافر اهو ڪجهه فروٽ روڙڻ لڳا ته پوءِ هڪڙو جهونو پٺاڻ عرضداڻي انداز ۾ چوي ٿو ته: بابا غريب آهيون، خيال ڪريو، اسان جي روزي اِها ئي آهي. روڊ آجو ٿئي ٿو ۽ ٻنهي طرف کان گاڏين جي وڏي قطار هاڻي آهستي آهستي ڪراسنگ جي مرحلي مان گذري ٿي.
هن وقت به تقريباً ڏينهن جو پويون پهر آهي. وين پارس هوٽل تي بريڪ ڪري ٿي، ماني کائون ٿا، پوءِ وري به سفر لاءِ نڪري پئون ٿا. رستي ۾ وري به گانا شروع ٿي وڃن ٿا، ڪو ڪِٿان پيو وڃي ڪو ڪِٿان پيو اچي. مڙئي گاڏي ۾ گوڙ لڳو پيو آهي. البت هن ڀيري جنهن ڳالهه جو مونکي ڏُک پهتو سا اِها هئي ته نه ڪنهن اوچن۽ سبز پهاڙن کي ڏسي ٿي سبحان الله چيو نه ئي ڪنهار درياءَ جي موجن تي ڪائي حيراني هئي، تڏهن مون کي بابا ڀٽائيءَ جو هي بيت دل تان گذري اکيون پُسائي ويو.
“ڳوليان ڳوليان مَ لهان، شال مَ ملان هوت”
لطيف سرڪار جو ڪوبه شعر ٺلهي ڳالهه ته ناهي هوندي، پر هڪ چِٽي ۽ سَچي حقيقت هوندي آهي.
78 ڪلوميٽرن جو فاصلو ويڙهي هاڻي ڀُريل بالاڪوٽ مان ٻيهر گذرون پيا، مون وين جي دريءَ مان ڪيمره ٻاهر ڪڍي، ٽُٽل ڀُريل ۽ وِکريل بالا ڪوٽ جا ٻه فضائي فوٽو ورتا، ۽ دل تي تري آيو منهنجو نظم “عيد جي اچي ته پوءِ”:

عيد جي اچي ته پو اُنهن تي ٿورو سوچجو!

رهي نه ڇَت سِر مَٿان،
نه درَ ديوارون ئي بچا،
پيا خوابَ خيمن ۾ سَڙن،
اڌورا جن جا سڀ سَفر،
اُنهن تي ٿورو سوچجو!

وِکريل ورق ڪتاب جا،
اُداس ٿيلها ۽ گُڏيون،
چِٿيل گُل گُلاب جا،
جهُريل مائرن جا جِگر،
اُنهن تي ٿورو سوچجو!

رَهيو نه جنهن جو گهر آهي،
رَهيو نه جنهن جو وَرَ آهي،
ونيءَ جا وِکريل وارَ هِن،
ٽُٽَل چُوڙيِن جا ٽُڪرَ،
اُنهن تي ٿورو سُوچجو!

ماڙيون ۽ بنگلا هئا سَندن،
گاڏين تي ڪندا هئا سَفر،
کُليل اُڀ جي هيٺان اَڄ،
سي بي سهارا بي ثمر،
اُنهن تي ٿورو سوچجو!

وَٺو جي عيد جا وَڳا،
ڏِيو جي پيار مان تحفا،
ڏئي هٿ ۾ هٿ هَلو،
خوشيون ڪريو ڀلي مگر!
اُنهن تي ٿورو سوچجو!

اڌورا جن جا سڀ سَفر،
پيا خواب خيمن ۾ سَڙن.

زلزلي کان پوءِ ڪُجهه ڏينهن بعد پهرين عيد آئي هُئي جنهن تي اهو نظم لکيو هئم.
وين رَستي سان ٽائر گسائيندي فاصلي کي ويڙهيندي هلي، اچي مانسهره پُهتاسين، اَڏي تي لهي گاڏي تلاش ڪئي سين، پر ٻَڌي ۾ گاڏي نه پي هلي. دوستن کي چيم جيستائين گاڏي اچي آئون سامهون واش روم مان ٿي اچان ٿو. پوءِ ڪجهه ٻيا دوست به هليا، واش روم مان ٻاهر نِڪتاسين، هِڪڙو ٿُلهو مَتارو همراه کٽ تي هنڌ وڇايو سُتو پيو هو، چيائين پئسا؟! چيوسين، اسان ته صرف پيشاب ڪيو آهي، اکيون ڦاڙيندي چيائين “پانچ روپيا نڪال” ڪڍي ڏنامانس، پر عجب لڳو، آيس اڏي تي، سائين ٻڌايو ته ٻڌي (يڪي) ڀاڙي ۾ ڪوبه هلڻ لاءِ تيار ناهي، هاڻي هلون ٿا اڳيان قراقرم ڪوچ اڏي تي، آياسين هن وقت رات جا ڏهه ٿيا آهن، ٽڪيٽون ورتيون ٻڌايو ويو ته رات جو ٻارهن وڳي گاڏي هلندي، هوٽل جي ڇت تي وڃي ويهو، ٿيلها کڻي ڪُلهن ۾ ڪياسين چڙهي وياسين هوٽل جي ڇت تي. ڇت سڄي بلڪل کُليل هئي ۽ کجي جي واڻ سان واڻيل کٽون پيون هيون، انهن تي ڪُجهه ليِٽياسين، بدن مان ٿڪ ڪڍيوسين. هتي سڀني دوستن آزادي سان فونن تي پي ڳالهايو، مون به سڀني جا نمبر ڊائل ڪيا، پر ڪنهن جو به نمبر نه ملي سگهيو، ڪجهه دوستن ماني کاڌي ڪجهه دوستن صرف چانهه پيتي، مون هن ڀيري نه ماني کاڌي نه چانهه پيتي. الائي ڪهڙي اُداسي مَن ۾ واسو ڪري وئي هئي، جو کائڻ پيئڻ تي دل نه پي لڳي. ٻن ڪلاڪن جي طويل انتظار کان پوءِ ڪوچ آئي، انهيءَ ۾ ويهڻ لاءِ تڪڙو تڪڙو هيٺ لٿاسين. برسات آهستي آهستي وسڻ جا ويس ڪري رهي هئي. بس دير ايتري ٿي جو ڪوچ ۾ ويٺاسين ۽ برسات شروع ٿي وئي. اسانجو سمورو سامان مٿي ڇت تي رکي مٿان ٿلهو پردو/چادر چاڙهي رَسيءَ سان ڇڪي ٻڌو ويو. ڏسندي ڏسندي مانسهره جا رَستا واهن جيان وَهڻ لڳا. رات جا ٺيڪ ٻارهن ٿيا، ڪوچ اسٽاپ ڇڏيو. هاڻي حاجي جو ڪراچي کان فون آيو، حال احوال ڪياسين، ٻڌايومانس ته مانسهره مان روانا ٿي چُڪا آهيون. گلگت وڃڻ لاءِ.