پنهنجي پاران : مور ساگر
جڏهن جڏهن ڪيڏانهن گول دائري مان ٻاهر نِڪري وڃون ٿا ته لڳي ٿي ها هيءَ ئي زندگي آهي. سفر، مسافريون زندگي کي خوبصورت بڻائين ٿيون. زندگي کي نوَن تجربن مان گُذارين ٿيون ۽ زندگي جو حِصو پُڻ آهن. مونکي جيترو رولاڪيون، مُسافريون وڻندڙ آهن اُترو ئي آئون اُنهن کان پَري رهيو آهيان. ڪا گهڙي ڪَمن ۾ ڪا گهڙي غَمن ۾ باقي رولاڪين لاءِ ڪا راهه، ڪا واهه بچي ئي ڪانه ٿي. ڪا گهڙي مزي ۾ ڪا گهڙي ڏچي ۾، بقول بخاري جي:
ڪَمن ۾ ڪا، غَمن ۾ ڪا، مَزي ۾ ڪا ڏَچي ۾ ڪا،
مَڃون ٿا هر گَهڙي سوچَي، لُڇي لوچَي لنگهايون ٿا.
ننڍي هوندي کان منهنجو اِهو خواب رهيو آهي ته ساري سنڌ جو سلام ڀرجي ۽ پوءِ مُلڪ گهمجي اڃا به قسمت جي مهرباني ٿي ته مُلڪ کان ٻاهر گهمبو پر ماڻهوءَ جي پنهنجي جوڙيل ترتيب تي زندگيءَ يا قسمت هلڻ جي پابند ناهي، انهيءَ ڪري سنڌ سڄي گهمڻ کان پهرين پاڪستان گهمڻ جو موقعو مليو. هونئن ته سڄي سنڌ گهمڻ لاءِ سڄي سنڌ کان دوستن جون دعوتون اچن ٿيون، پر ڪڏهن وقت ناهي ته ڪڏهن وسيلا ۽ ايئن اهو منهنجو خواب اڃا ساڀيان ٿي نه سگهيو.
سائين انعام ڀٽي لائق استاد سان گڏ محنتي ۽ محبتي انسان پُڻ آهي، مون وٽ سينٽر تي پهريون ڀيرو نئين سنڌ ميگزين شايع ڪرائڻ جي حوالي سان آيو هو، پوءِ تعارف ٿيو ته هي اهو ئي انعام ڀٽي آهي جنهن جا ڪالم آئون ڪاوش ۾ پڙهندو هُيس، ۽ پوءِ هڪ ليکڪ طور اسان جي دوستي ٿي وئي، جيڪو به ڪم ڪار هوندو هيو ته کڻي ايندو هيو ۽ هميشه ڪاروبار جي حوالي سان سهڻيون صلاحون، مفيد مشورا پڻ ڏيندو هو مثبت سوچ رکندڙ ذهن آهي، گڏوگڏ گهمڻ ڦرڻ ٻاهر نڪرڻ، دنيا کي ڏسڻ گهرجي جهڙا خيال به شيئر ڪندو هو. ۽ پاڻ جيڏانهن به ويندو آهي ته گهمڻ لاءِ صلاح ضرور هڻندو آهي. هن ڀيري به مهراڻ يونيورسٽي جي شاگردن کي “آل پاڪستان ٽوئر” تي وٺيو پي ويا مونکي به ٻه چار ڏينهن پهرين ٻُڌايائين ته هلو ته وٺيو هلان. الائي ڪيئن هن ڀيري هلڻ جي هامي ڀريم ۽ پوءِ نِڪري پيس. سفر ڪيئن گُذريو سو ته پَل پَل جي خبر لکيل آهي.
منهنجو هڪ خيال آهي ته ڪڏهن ڪنهن تاريخي شهرن يا ماڳن تي وڃجي ته پوءِ هڪڙو سفرنامو ضرور لکجي جنهن ۾ اُن شهر يا ماڳن جي تاريخي حوالي سان هڪ اهڙي معلومات هجي جنهن مان ٻين کي فائدو ٿيئي، ته ڪو به ماڳ ڏسڻ چاهي ته اُن بابت هو پهرين ئي سڀ ڪجهه ڄاڻندو هُجي. اِهو خيال کڻي سفرنامو ته مون لِکيو پر ڇپائڻ واري مرحلي ۾ ايتري ته گهڻي دير ٿي وئي جو هاڻي ته گهڻو ڪجهه بدلجي به چُڪو هوندو اُنهن ماڳن مڪانن تي جيڪي مون 2006 ۾ ڏٺا هئا. هر سال اِهو خيال کڻي دل ۾ ته هن سال ضرور ڇپائيبو. نيٺ 2009ع ۾ پَڪو پهه ڪيو ۽ مسودو محترم الطاف شيخ صاحب کي پوسٽ ڪيم، الطاف شيخ نهايت ئي پُرخلوص ۽ پنهنجائپ وارو رويو رکي دلچسپي سان پڙهي هفتي اندر مهاڳ لکي ڏِنو، سوچيم ٻه اکر سائين انعام ڀٽي کان لکرايا، انعام ڀٽي 2009ع ۾ ملائشيا ۾ پنهنجي سبجيڪٽ ۾ Ph.D ڪري رهيو هو. مواد سمورو اي ميل ڪيومانس، هن صاحب به نهايت محبتن مان ڪتاب کي پڙهي ۽ جلد ٻه اکر لکي اي ميل ڪري ڇڏيا. پاڻ وري Ph.D ڪري واپس پنهنجي وطن آيو، مونسان مليو ۽ ڪاپي گهريائين چيم سائين اڃان ناهيان ڇپائي سگهيو. سو هن سفرنامي ڇپجڻ ۾ مون حد کان وڌ سُسُتي جو مظاهرو ڪيو آهي، بهرحال پڙهندڙ دوست ان ڳالهه کي ذهن ۾ رکي پڙهن، ته سفرنامو 2006ع جو لکيل آهي.
انهن ٻنهي صاحبن جا لک ٿورا، جن محبتن سان هن ڪتاب تي پنهنجا ويچار شيئر ڪيا اُن سان گڏوگڏ يوسف سنڌي جا به قرب جنهن سفرنامو پڙهي پنهنجي ڄاڻ مطابق مشورا ڏِنا اُن سان گڏ اِها آڇ پُڻ ڪيائين ته مونکي ڏي سچائي اشاعت گهر طرفان شايع ٿو ڪرايان. سندس وڙ آهن. سفرنامي بابت راءِ ضرور موڪلجو، جيئن آئينده وڌيڪ سهڻي نموني لکي سگهان.
توهان جي محبتن جو منتظر
مور ساگر
حيدرآباد
27 نومبر 2013ع