درويش ۽ قومپرستي
ڪونه سڄڻ ڪو سَنڌ ڏِسان ٿو،
ويڪو رهبر رَند ڏِسان ٿو،
دڳ تي دوکا، ڌُنڌ ڏِسان ٿو،
لِڪ ۾ ٿو هِت حق وڪامي!
هر ڪو پر هِت پَڪ وِڪامي!.
صبح جو ناشتو به ساڳئي درويش جي هوٽل جي لان ۾ ڪريون ٿا، هڪڙو پٺاڻ اچي ٿو، شهد لي لو بهائي، خالص شهد (ماکي) جو هوڪو ڏي ٿو هڪڙو ڇوڪرو سڏ ٿو ڪريس ۽ پوءِ ماکي جي سڃاڻپ جي لاءِ سڀڪو پنهنجي پنهنجي تجويز ٿو ڏي. پهرين ماچيس جي تيلي ٻوڙي ٻارين ٿا، تيلي نٿي ٻري ۽ شڪ ٿو پوي، ماکي کي سُڃاڻڻ جي هڪڙي اها نشاني آهي ته اگر تيلي ٻوڙي ٻاري وڃي ته اها ٻري وڃي ته سمجهجي ماکي اصل آهي ٻيو تجربو ٿو ڪيو وڃي، ماکي مان ٿورو ڦڙو ڪپڙي تي ڪيرايو وڃي ٿو، اهو تجربو ايئن آهي ته اهو ماکي جو ڦڙو بال وانگر ڊوڙندو بغير ڪپڙي تي لڳڻ جي هيٺ ڪري ته پوءِ ماکي اصل آهي، پر انهيءَ ٻي تجربي مان به ماکي جي اصليت ظاهر نه ٿي سگهي، جنهن کان پوءِ ماکي واري به سمجهو ته هي ڇوڪرا اهڙا بي وقوف ناهن جهڙا مون سمجهيا ٿي. خير پوءِ مجبورن کيس ٻه سؤ واري برني سؤ سؤ روپين ۾ ڏيڻي پئي ۽ ڪافي ڇوڪرن سوکڙي طور ماکي ورتي.
ناشتو ڪري ٻاهر نڪتاسين، ڪجهه شهر جو چَڪر لڳايوسين ناران شهر ڄڻ ڳوٺ ٿو لڳي، بلڪل ايئن يا ڪنهن ڳوٺ جو ننڍو شهر ٿو محسوس ٿئي، سمنڊ جي سطح کان 8700 فوٽ جي اوچائي تي اڏيل ناران شهر ۾ جڳهيون ۽ هوٽلون خوبصورت ٺهيل آهن. بلڪ ايئن جيڪي فلمن يا فوٽن ۾ سبز پهاڙن جي دامن تي ڳاڙهين کپريل وارين ڇتن سان اڏيل جهوپڙين نما جڳهيون ڏسندا هئاسين، بلڪل اُهي ئي منظر سامهون آهن. بازار کان ٿورو ٻاهر ٿا نڪرون.
دريا ڪنهار، ڇوليون هڻندو گذري رهيو آهي، اسان مان به ڪجهه پير پاڻي ۾ پائي اندر هڪڙي وڏي پٿر تي، ڪي ويهي، ڪي بيهي، واري واري سان فوٽو ڪڍرائين ٿا ۽ پوءِ جلد ئي واپس اچون ٿا، هوٽل اڳيان جتي جيپون انتظار ۾ تيار بيٺيون آهن. ڇهه ڇهه سؤ روپيه ۾ ڪرايل جيپن ۾ ڇهه ڇهه ڄڻا ويهون ٿا، هڪ جيپ ۾ ست ڄڻا سوار ٿين ٿا. ٿورو اڳيان هلي پُل تي اچي اُتان کان جيپون مُڙن ٿيون هڪڙي پٿريلي رستي ڏانهن. هاڻي جيئن پوءِ تيئن اهڙو ئي پٿريلو ۽ ڏکيو رستو پار ڪرڻو آهي. اسان جي سموري سفر ۾ هي پهريون ڀيرو هو جو ههڙو خراب رستو آيو آهي ۽ انهيءَ رستي تي هنن فور ويل جيپن کان سواءِ ٻي ڪا سواري ممڪن ئي ناهي، جو جهيل سيف الملوڪ تائين پهچي، هي اهڙو ڏکيو ۽ پُرخطر رستو آهي، اگر ڪو ڪمزور دل سياح شايد ڪجهه فاصلي تي هلي واپسي جو نه سوچي ويهه. مون کي هنن آسمان کي ڇُهندڙ پهاڙين ۽ پر خطر رستي تي هلندي اهو شهزادو سيف الملوڪ ياد پيو اچي، جنهن پري بديع الجمال کي حاصل ڪرڻ لاءِ اهڙو ڏکيو سفر طئه ڪرڻ کان نه ڪيٻايو هو. اُن جي دل ۽ ذهن تي عشق سوار هو ۽ عشق اُها شيءِ آهي، جيڪا انتهائي ڊڄڻي شخص کي به انتهائي بهادر بنائي ڇڏي ٿي، عشق جي چيچ پڪڙي هلندڙ هڪ منٽ لاءِ به ڪنهن وڏي کان وڏي خطري کان به نه لهرائيندو.
عاشق زهر پياڪ ويهه پَسي وَهسن گهڻو.
(شاهه)
عشق عجب آ تنهنجي راهه،
وٺي هلين ٿو گڏ ويساهه،
هَليو جو تنهنجي چيچ پَڪڙي،
پهتو وڃي سو مقتل گاهه.
(م-س)
اسان کي ته ڪوبه عشق نه هو پر شوق ضرور هو ۽ عشق کان پوءِ شوق به ماڻهوءَ کان الائي ڇا ڇا ڪرائي ڇڏي ٿو، سو ايئن به ڪنهن ڊپ يا خوف کي دل جي ويجهو اچڻ ڏيون، انهيءَ کان پهرين، زور زور سان ڳائڻ ۽ تاڙيون وڄائڻ لڳون ٿا. اردو، سنڌي گانا سڀ مڪس. اسان کي ڏسي افضال جيڪو جيپ جو ڊرائيور هو ۽ سندس پاسي کان ويٺل هڪڙو ٽماٽي جهڙو ڳاڙهو ڇوڪرو ويٺو هو، ڏانهن ڏسي مشڪيو ۽ زور زور سان ڳائڻ لڳي ٿو ۽ جيپ جي اسپيڊ به وڌي پئي وڃي. هڪ ته رستو رسڪ وارو ٻيو ته سڀئي مستي ۾، مون ڪنهن ويلي دعائون گهري پي ورتيون ۽ نيٺ آخر ڏهه هزار ڇهه سؤ فوٽ (10600) جي بُلندي تي پهتاسين.