ڀوربن انتهائي رومانٽڪ پوائنٽ تي اچي پهتاسين، هن کي PC ڀوربن چون ٿا، ڀوربن جي مشهور جڳهه صرف اها ئي آهي. PC جنهن ۾ داخل ٿيڻ جا ٻه سؤ روپيه ٽڪيٽ پي ورتي وئي. هتي پُڻ وزير ۽ ڪامورا ئي عياشيون ڪرڻ ايندا هوندا ۽ ٻيا سيٺ جيڪي شادي کان پوءِ “هني مون” لاءِ نڪرندا آهن، اُهي هتي ضرور رهندا آهن، چون ٿا PC ۾ ست کان پندرهن هزار تائين جي رهائش آهي، اهڙي مهانگي رهائش ڀلا اسان جهڙا مولائي ماڻهو ڪٿي ٿا برداشت ڪري سگهن. PC جي سامهون يوٿ هاسٽل ٺهيل آهي، جتي عجيب سحر ڇانيل آهي، وڏا پهاڙ ۽ وڏا سڌا وڻ، ڄڻ ته اسين هي سڀ منظر ڪنهن خوبصورت فلم ۾ ڏسي رهيا آهيون، اعتبار ئي نه پيو اچي ته اسين هنن منظرن ۾ به گهمي سگهون پيا، قدرت جا ڪهڙا ڪهڙا رنگ رچايل آهن. يوٿ هاسٽل جي لان ۾ ڪجهه دير ويٺاسين ۽ دل چاهيو ته ويٺا ئي رهون ۽ رهڻ جو پُڻ سوچيو هو، پر يوٿ هاسٽل بند پئي هئي، چوڪيدار يا هاسٽل انچارج پُڇا ڪرڻ تي به نه ملي سگهيو ۽ پوءِ بس ڪجهه يادگار تصويرون ئي ڪڍي سگهياسين ۽ ايئن هنن منظرن کان به موڪلايوسين. هلڪي هلڪي برسات وري به وَسڻ شروع ڪيو، مري کي جڏهن ويجهو پهتا هئاسين تڏهن ئي ڊرائيور کي چيوسين استاد AC بند ڪر اسين دريون کولي قدرتي AC جو مزو ٿا وٺون، سو AC اڃان تائين بند آهي ۽ هن قدرت جي تازي ۽ خوشبوءِ هاڻِي هوا جو لطف ماڻي رهيا آهيون، ڀلا ههڙن منظرن ۾ به گاڏي جا شيشا بند رکي AC هلائي وڃي ته اهڙو بدذوق ماڻهو ٻيو ڪهڙو ٿيندو!