سوزو پارڪ ۽ سفيد پَري
سوزو پارڪ، آياسين ماڻهو سڀئي واپس ٿي رهيا هئا، پڪ ٿي ته بند ٿي ويو هوندو پوءِ به تصديق لاءِ اڳتي وڌي وياسين. سبحان الله سڀني جا هوش خطا ٿي ويا ۽ هڪ پاسي بيهي ڏسڻ لڳا اُنهن جهومندڙ جوانين کي جيڪي سوئمنگ پول مان هاڻي هاڻي نڪتيون هُنيون، ڄڻ مئڪدي مان پُر ٿي اُٿيون هيون. ڳاڙهيون اکيون، کليل وار، لڙکڙائيندڙ قدم ۽ حُسن جا تجلا، انهيءَ ٽولي ۾ هڪڙي سفيد ويس ۾ پري يا حور ئي ٿي، ٿي سگهي. رڳو اسين ئي نه پر سڀني جون نظرون اُن طرف هيون. هاڻي سڀني دوستن کي پڇتاءُ هو ته بارڊر تي نه هلون ها، رنگ ته سڀ هتي هئا، هڪ ته سوزو پارڪ نه ڏسي سگهڻ جو ڏک ٻيو ته رنگن کان رهجي وڃڻ، سڀني جي چهري تان ڄڻ اُداسي پنهنجا هٿڙا گهمائي وئي هجي.
هاڻي پهرين سڌو هاسٽل تي آياسين، باقي رات سفر جي حوالي ڪرڻي هئي ۽ لاهور کان موڪلائڻو هو، ڊرائيور کي چيوسين ساڍي نوين وڳي هاسٽل تي اچجان، تيستائين اسين وهنجي فريش ٿياسين، هتي وهنجڻ لاءِ پاڻي اهڙو ته وڻي پيو جو دل پي چيو ته وهنجندو ئي رهجي، صاف شفاف ۽ ٻيو ٿڌو، ڪپڙا چينج ڪري سامان جي پيڪنگ ڪئي سين. گاڏي به تيار بيٺي هئي. هاسٽل کي الوداع ڪري ۽ هاسٽل جي ملازمن سان ڀاڪر پائي موڪلايوسين، توڻي جو اسين مهمان هئاسين پوءِ به بنا بسترن جي اسان کي کٽون ڏنيون ويون هنيون. آئون سمجهان ٿو جيڪڏهن سنڌ جي ڪنهن به يونيورسٽي يا ڪاليج ۾ ڪنهن ٻي صوبي جا ڇوڪرا ايئن گهمڻ لاءِ اچن ته سنڌي اُنهن تان گهور گهور ٿين ها. پنهنجي گهران به ڳولي سُٺا بسترا آڻي کين ڏين ها ۽ ٿي سگهي ته ماني به کارائن، پر هتي اهڙي ڪابه شيءِ نظر نه آئي.