سفرناما
حيدرآباد کان هنزه تائين
“حيدرآباد کان هنزه تائين” سفر ۾ جتي لاهور ۽ اُتي جي مشهور تاريخي جاين (مينار پاڪستان، شاهي قلعو، بادشاهي مسجد، واگها بارڊر) کان وٺي وادي ناران، جهيل سيف الملوڪ، گلگت، وادي هنزه، سوات ۽ پشاور بابت معلومات ڏنل آهي اُتي انهن هنڌن تائين پهچڻ ۽ ماڻيل مشاهدن، تجربن ۽ نظارن جو پُڻ احوال ڏِنو ويو آهي، ۽ هي سفرنامو انهن هنڌن تي وڃڻ لاءِ سٺي گائيڊ آهي ۽ گهر ويٺي پڙهڻ وارن لاءِ سٺو تفريحي ڪتاب آهي.
- 0/5.0
- 2578
- 820
- 3 سال اڳ
- 0
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (114) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب “حيدر آباد کان هنزه تائين” پياري شاعر ۽ ليکڪ مور ساگر جو سفرنامو آهي جيڪو ساحل پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو آهي.اسان ٿورائتا آهيون مور ساگر جا جنهن ڪتاب گفٽ ڪرڻ سان گڏ هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com ڪتاب جو مطالعو ڪريو
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
ھيستائين ڪابہ ريٽنگ ناھي مِلي
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
ڪتاب بابت وڌيڪ:
- ليکڪ مور ساگر
- ڇپيو ويو 2014
- ڇپائيندڙ ساحل پبليڪيشن
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 01/Jan/1970
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي ھا
- لاٿو ويو 820 ڀيرا