ڪجهه پنهنجي پاران: همسفر هل ته هلي چنڊ جون ڦارون ٿا ڪيون
تاريخ ۾ جبر، ڏاڍ، ڏمر ۽ انساني تشدد جا انيڪ مثال رقم ٿيل آهن. هڪ ته فاتحن جو مفتوحن تي ظلم، وستيون، واهڻ، آباديون، لٽي تاراج ڪرڻ، شهنشاهن، تاريخي فزاقن هٿان لکين هزارين وسنديون، علمي ادبي ادارا، درسگاهون ساڙيون، لٽيون، ڦريون ۽ تهس نهس ڪيون ويون. مذهبن جي نالي تي به ڪروڙين قهر ٿيندا آيا آهن. انساني آہ زارين جون مذهبي تعصبن، استحصالن، انيائن ۽ خون خرابين خلاف ڪائنات جي ابتدا کان وٺي هيل تائين جون احتجاجي پڪارون، التجائون بي يارومددگارن جي بي وسيءَ وارن پڙاڏن جا ورلاپ هر دور جو حساس قلمڪار، چترڪار ۽ ڪلاڪار محسوس ڪندو ۽ رت رئندو آيو آهي ۽ ان اولا امرن جي ڏهڪائن خلاف پنهنجن پنهنجن لفظن جي اڻت، هنر، فڪر ۽ فهم سان اندر جي ڌڪار ۽ نفرت جا اظهار پڻ ڪندو آيو آهي. هتي مان اها ڳالهه بہ واضح ڪندو هلان ته فنڪار محض فنڪار ۽ قلمڪار صرف قلمڪار ئي هوندو آهي. وقت جو سچو فنڪار پنهنجي نرت، صدا ۽ برش واري ڪلا سان انهن نفرتن جو نماءُ، صرف انجمن ۽ عاليه وارري ڏانءَ سان نه پر موجودہ دور جي شيماڪرمانيءَ ۽ انيلا سُندر جهڙين سُندر نارين جي سُندرتائن واري روپ ۾ به ڪري سگهي ٿو. شيما ڪرمانيءَ جڏهن ڀٽائي رحه کان پوءِ سنڌي ٻولي جي نهايت جامع ۽ عظيم شاعر شيخ اياز سان 1992ع ڌاري سنڌي ادبي سنگت FTC بلڊنگ ۾ شاندار شام رچائي هئي ته دودي چنيسر واري شيخ اياز جي لکيل منظوم نظم تي جنهن نرتيه ڪلا سان تاريخي اوپيرا ۾ پنهنجي انڱ جي لوچ سان لُڇي انهن ڪڌن ۽ ڪروڌي ڪردارن کي ننگو ڪري وائکو ڪيو هو، اهو اڄ به منهنجي ڇا، پر سڀن حاضرين جي ذهنن تي نقش ٿيل هوندو. ساڳي ئي سال دبئيءَ ۾ انيلا سُندر جا، هندستان جي سنڌي سندر نرتڪا آهي. ان جي وڍيو فلم جاچيندي جڏهن پنهنجي سنڌي سماج ۽ سوسائٽيءَ ۾ مروج روادارين، وضعدارن، راج الوقت، رسمن ۽ مختلف ڏڻن ملهائڻ، هوائي جهازن واري دور کان اڳ واپار لاءِ وڻجارن جو ٻيڙن تي اسهڻ ۽ سندس واپس ورڻ جي آس ۾ سندن ونين جون درن ۾ ديدون وجهي ويهڻ، ڏياريءَ، دسهڙي، ناتال ۽ هوليءَ جون رنگين رنگ ڌارائون ۽ ان اڏامندڙ ڌارائن، پچڪارين ۽ چنري ۽ چوليءَ جو رنگ رنگ چٽجي پوڻ، ڏوڪلي، اسي موريءَ راند جا ٺينگ ٽپا، ڇيڄ شادمانا، هزارين هيج کنيون هيءَ ناري ان وڍيو ۾ ٽي ڪلاڪ پنهنجي شاندار پرفارمنس (اداڪاري) ڪندي رهي ۽ اهي ٽي ڪلاڪ ان “سنڌيت جي سرهاڻ” واري عنوان سان هن ڪيسٽ ۾ سنڌ جو هڪ زندھ دور سمايل هو. هن ۽ سندس سٿ، جنهن ۾ سندس ورُ به شامل هو، جو پنهنجي روشنين واري هنر سان اسٽيج جي پردي تي پاڻيءَ جون چلڪندڙ ڇوليون ڏيکاري رهيو هو، جنهن ۾ ٻيڙي جي اسهڻ ۽ ورڻ جا مڪمل تاثر ۽ پويان هڪ وڻجارن جي وڇوڙي جو گيت هوا ۾ ٻريو پئي، جنهن تي انيلا سومهڻين ۽ باکن جو بندر تي بيهي وڻجاري جي اوسيئڙي ۾ ان جي اچڻ واري آس کنيو تر ٻهاريندي نظر اچي رهي هئي. ته ڳالهه پئي ڪيم اهڙن وقتن جي سچن ساهتڪارن جي جيڪي پنهنجي رڳ رڳ ۾ سچايون ڀري جيئندا ۽ دنيا جي ڪج روش تي روز لڇندا مرندا رهن ٿا ۽ پنهنجي پنهنجي ارپيل ڏات سان ان سماجي قدرن جي پرچار ڪندا رهن ٿا، دنيا جي شهنشاهت ۽ اقتدار جي حوس ۾ حڪمرانن جي حڪمن هيٺ صرف رومي ۽ يوناني خدائن جي عتاب ۽ نافرمانين جي سزائن عيوض يا مذهبي اطاعتن جي بغاوت ۾ لکن ڪروڙن معصوم انسانن جو خون وهايو ويندو هو. 169 ق.م قبل مسيح ۾ هڪ يوناني شهنشاهه Antiochus “ اينٽئاڪس” جڏهن مصر کي فتح ڪرڻ ۾ ناڪام ويو ته هن يروشلم تي ڪاهه ڪري هزارن لکن يهودين کي هيڪل سليمانيءَ واري مندر ۾ قتل ڪري انهن جي خون جي ڦوهارن سان هيڪل سليمانيءَ جون ديوارون رنڱي ڇڏيون هيون. ان مذهبي نافرمانيءَ واري تشدد جي ڪارروائي بعد يهودي مذھب تي بندش مڙهي وئي هئي. ڪيترن جيئرن يهودين جي بدن جون هڏيون سوئرن کي کارايون ويون ته اهڙن تاريخي المناڪ ڪربلائن جي پس منظر ۾ اڄوڪي صديءَ جو شاعر يا قلمڪار جڏهن ورق اٿلائي ٿو ته ڄڻ انهن هڏين چٻاڙجڻ جا رڙڪا ۽ تن رومي محلن جي ڀتين تان ٽمندڙ انساني رت جا ريڳاڙا اڃا ۽ اڄ به پنهنجي دل، قلم يا ڪلڪ جي نب تان ڳڙندي محسوس ڪري ٿو. اهڙين ئي موجود عراق ۽ اتحادين، افغانستان، بوسنيا ۽ ويٽنام جنگين ۽ ماضيءَ جي ڪربناڪ ڪٿائن کي محسوس ڪندي منهنجو هن ڪتاب ۾ هڪ طويل نظم “دنيا جو نوحو” به شامل آهي، جنهن ۾ انهن تاريخي سانحن جي محسوسات سان گڏ هاڻوڪي انسان روزمرھ جي وارتائن جي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم. غمن، خوشين، محرومين، خودڪشين جا الميا، لڳ لاڳاپا ڇڏي ڏور ويندڙن جون پنهنجن وارثن وٽ دردن جون ڇڏيل ڊپازٽون، تاحيات رهندڙ يادن جي خلش، الوداعيون، محبتون، وفائون، جفائون، ميل ميلاپ، وڇوڙا، ياريون، باشون، وقت پٽاندڙ بدلجندڙ محبتن جا قدر، ڌرتيءَ ۽ مٽيءَ جون مهڪارون، ان جي سرهاڻ جو هٻڪارون، مست نظارا، وشال سمونڊ تي سج ۽ چنڊ جرڪندڙ سونا روپا ڪرڻا، حسين ساروڻين جون شامون ۽ راتيون، ان يادگيرين ويلي ڪويل جون آڳ لڳائيندڙ ڪوڪون، ڪنهن پپيهي جي هنيانءُ وڍيندڙ هوا ۾ ٻرندڙ صدا، اهي سڀ ڪيفيتون توڻي جو دنيا جي هر شاعر جا موضوع رهيا آهن ۽ منهنجي پڄاڻان پوءِ به ساڳيون ئي رهنديون ۽ وقت جو قلمڪار انهن موضوعن کي کڻي ڪوتاگري پيو ڪندو رهندو پر فرق رڳو هر دل ۽ هر نظر جي اپٽار يا منظرنگاريءَ جو رهندو آهي.
هي ڪتاب سهيڙڻ مهل سوچيم ته هن ڪتاب ۾ ڪجهه اڳين ڪتابن جا غزل به شامل ڪيان ته جيئن منهنجي جملي غزلن جوڪجهه حصو سهيڙجي هڪ ڪتاب ۾ اچي. جيتوڻيڪ اڃا هن کان به ٻيڻا ٽيڻا ڇپيل ڪتابن جا غزل رهيل آهن. جي حياتيءَ ساٿ ڏنو ته ايندڙڪتابن ۾ شامل ڪندس. منهنجو ايندڙ ڪتاب نظمن جوهوندو، جنهن ۾ ساڳي ئي طرح هن ڪتاب وانگر نئين شاعري ۽ اڳين نظمن جي چونڊ وارو حصو شامل ڪندس. پر اهو سڀ ممڪن آهي هن عمر، هن پساهه جي باقي ھئڻ سان.
شاعر هجڻ ناتي اها آس اٿم ته جيسين جيئرو رهان هن ڌرتيءَ جي خوشحاليءَ، انساني اپ وستين جي سرگذشت جا گوناگون قصا، پيڙائن ۽ بي وفائين جا روڄ راڙا، وفائن جي لمحن جا گيت ڳائيندو رهان. ڇيڄن ۽ شغلن کي پسي من ايئن ئي ڇوليون ڇلندو رهي ۽ آئون پوئين پساهه تائين من جي مشاهدن سان اهو سڀ ڪجه سميٽي پنهنجي سٽن ۾ اوتيندو رهان ۽ اهو سڀ تڏهن ممڪن آهي جڏهن اوهان پنهنجي ڀاڪرن جي ڀرين ۾ سڀني سرجڻهارن کي ڀري ۽ ڀيچي رکندؤ ۽ تن سان گڏ مونسان به اوهان جو چاهه ساڳيو رهندو. استاد بخاريءَ چيو هو ته :
هونءَ ته مٽيءَ جي چپٽي آهيان،
جيئي سنڌ ته سڀڪي آهيان،
سانگين سان گڏ سالگرهه مان،
وڇڙي ويس ته ورسي آهيان.
هن ڪتاب سهيڙڻ ۾ منهنجي وڌ ۾ وڌ مدد ڪندڙ پنهنجي بيماريءَ جي حالت ۾ به منهنجو ڪچيون ڦڪيون لکڻيون اتاري فيئر ڪري مهل سر ڏيڻ ۾ غفلت نه ڪندڙ فقير محمد وفائيءَ ۽ پنهنجي پياري شاعر دوست محترم رکيل مورائيءَ جو نهايت ٿورائتو آهيان، جنهن پڻ سڏ ۾ سڏ ڏئي هن ڪتاب کي اوهان جي هٿن تائين پڄائڻ ۾ منهنجو ڀرپور ساٿ ڏنو.
توهان جو
[b]ع-غ تبسم
[/b]ڪراچي