دنيا جو نوحو
ڪي ڳڀا نان، ته ڪي گهر جون ديوارون ٿا ڪيون.
آس جي تاس ۾ جنمن کان اڃايل ماڻهو،
روز دردن جا بيابان لتاڙيندو رهيو،
ڪيترا چنڊ اُلھيا، ڪيترا سورج اُڀريا،
وقت، ڪتين ۽ ستارن کي ڊڪائيندو رهيو،
ڪيتريون موسمون بدليون، ڪيڏيون تهذيبون مٽيون،
درد پوءِ ڀي نه گهٽيو، پوءِ ڀي اداسيون نه کُٽيون،
روم، يونان، مصر، قيصر و ڪسريٰ جا محل،
ڪوھ قافن جون پريون، ديوَ، خزانا دفنيل،
تاج، تختن ۽ طلسمن جون فريبي ڳالهيون،
ريشمي ويس، اُچا طعام، پوشاڪيل ٿالهيون،
ڪا، لٽي ليڙ، ننگي انگ کي اوڍي نه سگهيون،
ڪنهن بکئي پيٽ کي ويلي تي ڳڀو ڏئي نه سگهيون،
تون ۽ مان تن جون ڇو جانان پو پچارون ٿا ڪيون،
همسفر هل ته هلي چنڊ جون ڦارون ٿا ڪيون.
مفلسين وارو سڄو سارو سرابن جو سفر،
غربتون جن کي نه فاقن نه بيمارين جو ثمر،
ڪو جياپي جو حُسن، آس نه اُتساهه سُجهي،
ڪمترين ۾ يا غلامين ۾ عمر ڪٽبي رهي،
نامرادين جو تسلسل نه ڪوئي زور ٽٽي،
بيوسيون پَهَڻَ بدَن ميڻ جان پگھرائي وجهن،
جن جوانين کي اداسيون صفا ڇيڙائي ڇڏن،
ڪاوڙين ۾ سي پنهنجا ڳاٽ رَسين تي چاڙهن،
سرد لاشن کي چمي، مائرون موڙون جو ٻڌن،
اهڙن المين ۾ ڪچا ذهن ڪلاٽيون کائن،
غم جي اوٿر ۾ نه منصف نه مسيحا کي مڃن،
باغي ويساهه چَونِ ڪنهن کي ڪوڪارون ٿا ڪيون،
همسفر هل ته هلي چنڊ جون ڦارون ٿا ڪيون.
درد دولاب، ڏکن بعضي دلاسن جون ڀريون،
موسمن، ميل ميلاپن ۽ مرادن جون خوشيون،
مست جوڀن جا اکين منجهه سجيل تاج محل،
دلبريون، دوستيون، ديوانگيون، شادين جا شغل،
اوچتو درد جي ڦيٿي ۾ وچڙجي ٿا پون،
عشق اِدراڪ ۽ غم پيٽ جا گڏجي ٿا پون،
عارضي ڪيف تڏهن طيش ۾ سگريٽ ڀري،
موت مادن کي سِرنجن يا پائيپن ۾ جهلي،
بند ڪمري جي ويرانين جا حصا ٿي ٿا پون،
پنهنجي جگرن جون دوائون نه دعائون ماڻن،
رخصتين واريون رباعيون نه وداعيون ماڻن،
اهڙن دردن جون اسان دل ۾ مزارون ٿا ڪيون.
همسفر هل ته هلي چنڊ جو ڦارون ٿا ڪيون.
هي سياست جا سرشتا منافقن جا گروهه،
خان، سلطان، رئيس ۽ نوابن جا انبوهه،
پنهنجين عزتن کي اُتاهان، اُچا خطاب ڏئي،
پنهنجي نطفن کي اعليٰ نسل جا القاب ڏئي،
باگڙين، ڪولهين، جوڳين ۽ جماندارن کي،
ڪڙمي، ڪمدار، آڏن، نوڪرن ۽ راڄن کي،
قسمتن بدلجڻ جون ڪوڙيون آٿتون ڏيئي،
شودرن واريون فيصلن ۾ تهمتون ڏيئي،
ڪن حوازادين جا انگ اُڍيڙيندا رهيا،
هي ڪُتا، ڪا نه ڪا مختياران اُگهاڙيندا رهيا،
ڪن جي مجبورين کي مفلسين جي آرين ۾،
بک جي ڪارائين دردن جي مُڏن ڪرٽن ۾،
چيري ڦاڙي وڍي ٽُڪرن ۾ ڪپي ڀور ڪري،
هڙ جياپي جا وسيلا بنه ڪمزور ڪري،
کانئن ورڪر يا نعريباز جي ونگار وٺن،
اُچي منصب تي پڄي آسرن جا عرصا ڏئي،
سندن عمريون پنهنجي اڳ پوءِ ۾ خرچيندا وتن،
اهڙي مڪار منش تي ملامتون ٿا ڪيون.
همسفر هل ته هلي چنڊ جون ڦارون ٿا ڪيون.
ڪنهن به سقراط ڀٽائيءَ نه ڪو برٽينڊرسل،
ٽالسٽاءِ، مارڪس نه لينن نه ونسٽن چرچل،
ڪنهن به رجنيش، مهاوير، گروءَ گوتم کان،
۽ نه ارتقا جي محرڪ عظيم آدم کان،
آڊيسن، مثنوين، چچ نامي شاهنامن کان،
آسمانن جي مقدس الهامي نياپن کان
پنڊتن، پاٺڪن، لوڪن نه راڄ ڌانين کان،
نظرين ۽ نه ڪو مذهب جي فلاسافين کان،
مسجدن، مندرن، چرچن جي چؤديوارن ۾،
سنت، صوفين نه سنياسن جي آستانن ۾،
ڪنهن به آشرم ۾ هي ڪم ذات مطمئن نه رهيو،
نفس بي نفس پنھنجي سوچ ۾ بي چين رھيو،
ڪن پڇاڻن لئه پاتالن ۾ پڪارون ٿا ڪيون،
همسفر هل ته هلي چنڊ جون ڦارون ٿا ڪيون.
مذهبن، فرقه بندين، نسل پرستين جا عمل،
ڏوهه ڏهڪاءُ، جي دنيا ۾ آنيائن جا شغل،
مڪتبن، مدرسن، واعظن جي بارگاهن ۾،
رهبرن، مرشدن، راهبن جي خانقاهن ۾،
عدل جي ڪٽهڙي، ڪورٽن ۾ ڪُل ني ٿاڻن ۾،
مجلسن، ادبي نشستن، ڀرين بازارن ۾،
جرم، جنسيات ۽ طبقاتي موضوعن کانسواءِ،
ڪي به اخلاق نه ادراڪ جا افڪار رهيا،
گفتگوئن جا سليقا نه ئي معيار رهيا.
ايشور، الله ۽ پرڀوءَ جي پريچائن کي،
عيدگاهن يا نمازن جي هڙني خطبن کي،
مطلبي مقصدن سان مادي ترجمانيون ڪري،
شرح، تفسير، حديشن جون پٺڀرايون ڏئي،
اُولاامرن جي حوالن سان منحرف ڪوٺي،
فاسقن، آمرن، فسطائين جي ٽولي هٿان،
مور ماڻهن کي هو، مذڪور مِٽائيندا رهيا،
تيل ڪڻڇين يا ڪہ گهاڻن ۾ پيڙائيندا رهيا،
کوڙ سقطراط ۽ منصور مارائيندا رهيا،
اهڙن عملن جون اسان دل سان ڌڪارون ٿا ڪيون.
همسفر هل ته هلي چنڊ جون ڦارون ٿا ڪيون.
ڪيتريون عشق ڪهاڻيون ڪتابي ورقن تي،
ڪي رقم ٿيون ته ڪي راوين وٽان رهجي به ويون،
وارتائون، جي اِدارن نه رسالن ۾ ڇپيون،
دوستيون جن کي ڪي پوريون نه پذيرايون مليون،
موقعي مهلن جا ڊگها عرصا انتظار ڪندي،
سنگسارين ۽ سزائن جي وَر چڙهي به ويون،
خنجرن، تيز ڦرن، گولين تيزابن سان،
ڪيترا اُجرا جسم ڪارا ڪري ماريا ويا،
لاش جن جا نه تڏا ۽ نه عذر خواهيون ڪجن،
فاتحائن نه ڪو ڪفنن جون پريشانيون ڪڍن،
ڪيڏارن، مرثين، آهُن نه ڪو اوسارن ۾،
وصل، ورچڻ نه وڇوڙن جي ڪن ترانن ۾،
آڊ، يا لانگ پلي اوپيرا نه ٿيٽر ۾،
عالمي حقن جي خبرن نه پڌرنامن ۾،
کوڙ المين جو نه چرچو نه ڪو پڙلاءُ رهيو،
جن وفائن جو ڪنهن جاءِ نه ورجاءُ رهيو،
تن سچائين جون سڄي عمر سنڀارون ٿا ڪيون.
همسفر هل ته هلي چنڊ جون ڦارون ٿا ڪيون.
هارپي واري حياتيءَ جي المناڪ ڪٿا،
بدنصيبين ۽ بکن وارا ڪربناڪ قصا،
هڪ پنهنجي کيت ٻيو حالات کي سانَهر ڏيندي،
عمر سنوتن جي سودائن ۾ گذاريندو رهي،
سک جو ڳولائو اميدن جي ڊگهين ٻارين ۾،
خودفريبين جا زمينن ۾ ٻيجارا پوکي،
پوءِ پارن ۾ آواندن کي واهوندي جو اٿي،
ڳنڍَ ڏيندو ته ڪڏهن ڳنڍَ ورائيندو وتي،
پيهي تي ليٽندي گرمين جي رجيل راتين ۾،
باک جا شعاع بعضي پنهنجا پڪل کيت ڏسي،
جهار هڪليندي پريان ايندي جي آهٽ کي ٻڌي،
ٽِڪَ ٻڌي ٽمڪندڙ تارن جي قطارن کي ڳڻي،
ڌيءَ جي ڏاجي ته ڪڏهن ليپي جي لاڳت جوڙي،
وک کي وائريندي ڊگهيون آسون اڏاريندو رهي،
ديري جي واهتن کڻتن جا انتظار ڪٽي،
نيٺ بٽئيءَ ۾ اڳئينءَ رهت جا وياج ڏئي،
هيلوڪي ڀاڻ ۽ ٻج واري رخت ساڻ کنيون،
خالي ٻاچڪن ۾ سڃائين کي وجهي روئي چوي،
سُکين پهرن جو سَڌون پاڻ اجايون ٿا ڪيون،
همسفر هل ته هلي چنڊ جون ڦارون ٿا ڪيون.
ڪاپڙين، ڪوھه ڪشالن ۽ سنياسن جا سفر،
هنگلاجن جي لَڪن، پاهڻن، پنڌن جون پِٿون،
جوڳين جي ساز سرودن، ڏُٿن، ڏهاڳن جون،
ڪينرن، ناد، نفيلن، دفن، دمامن جون،
ڀالوا واريون ڀِٽون، ساڏوهين جون ساروڻيون،
جوڳ، ويراڳ، وڇوڙي، وطن جا اوسارا،
بروي، رپ، رامڪليءَ، يمن آسا، راڻي جا،
سسئيءَ، سهڻيءَ، سورٺ، ليلا، سُر حسينيءَ جا،
ڪاپائتي، ڪيڏاري، ڪاموڏ، ڪارايل جا قصا،
ڪربلا جهيڙيندي آلِ رسول جو قضيو،
ميگهه ملهار، تتر، تاڙي، ابر آگم جون،
هِير، هٻڪار، وڳر، ويس، سُک، سانباهن جون،
ماڻڪن، سمنڊ سيواڪن، کائر جون خوشحاليون،
اوسيئڙن، بندرن، وڻجن ۽ واپارن جا ذڪر،
ساري عالم سميت، سنڌ سڪاريءَ جا فڪر،
ڀٽ ڌڻي تنهنجي کاهوڙين جون کيڪارون ٿا ڪيون.
همسفر هل ته هلي چنڊ جون ڦارون ٿاڪيون.
هي سيه فارم نسل وارا مٽيءَ جا پُتلا،
منڊيلا، مارٽن لوٿر، يا غزنوين جا اياز،
دل ۾ بي لوث وفادارين جا کوڙ کنيون،
نسل در نسل غلامين وارا پنجوڙ کنيون،
حڪمرانن جي ڪُڌن سياهه ڪارنامن کي،
بادشاهت جي غرورن ۾ ڪيل گناهن کي،
جانشينن جا جرم، شوق شاهزادين جا،
شاھي محلن جي ڪنيزن يا حرم خانن جا،
نيرين روشنائين بعضي بلوط پاڇن جا،
ڪي سچا عشق ته ڪي داستان عياشين جا،
پنهنجي سينن ۾ کنيون پنهنجي زبانن کي سبيون،
ڪنهن مؤرخ نه فاتح جي دٻدٻن کان ڊنا،
مسعود ، محمود، قصوريءَ جهڙا باڪو نه بڻيا،
حبشين جهڙيون اسان ڪاٿي سچائيون ٿا ڪريون.
همسفر هل ته هلي چنڊ جون ڦارون ٿا ڪيون.
بعضي اونداهه بعضي ضوفشان اُجالن مان،
احتسابن جي زوالن ڪڏهن عروجن مان،
فاتحن، جابرن تاريخي قزاقن جي هٿان،
ڪڏهن شڪست ڪڏهن جيت ڏياريندي رهي،
جيئري دفنايون، ڪنهن کي ماريون جياريندي رهي،
هيءَ مٽي ڇا ڇا عجب رنگ ڏيکاريندي رهي،
زلزلن، آتشي جبلن جي زهري مادن سان،
سيلابي وهڪرن، دريا جي رخ مٽائڻ سان،
روز تهذيبون جوڙي روز مٽائيندي رهي،
وقت جي لاهين چاڙهين مان اُڪاريندي رهي،
هي مٽي ڇا ڇا عجب رنگ ڏيکاريندي رهي،
برپٽن، باغيچن گهاٽين ڇڊِين آبادين جا،
نرم، مضبوط ڪرئہ ارض جي وجودن جا،
ڪِولين، هاٿين، پتڻن، وڻن، پهاڙن جا،
ڪڏهن اُکوڙيون ڪڏهن پير کُپائيندي رهي،
پيٽ ڄاون کي جنم ڏيندي اُجاڙيندي رهي،
پنهنجي وارثن کان ڪئي امتحان وٺندي رهي،
هيءَ مِٽي رنگ ڪڏهن ڍنگ ڏيکاريندي رهي،
ڪي دڙا ورثا ڪري قومي تحفظن ۾ ڏيون،
ميوزمن وارا خفا نسل جي ذمي سونپيون،
بانورجي اسٽويا جي آس پاس ليٽي رهي،
کيس ڇا پهر ته ورثن کي سنڀاليندي اسين،
هن عجوبن جي افاديت کي ڌڪاريندي اسين،
سندس صدين جا يادگار ڀوري خاڪ ڪري،
سمگلرن سان نواردات جا واپار ڪري،
سوداگرين جي هوس ۾ وفائون عاق ڪري،
قومي ڪردار جون پئسن جي لالچن ۾ اچي،
مجرمن وانگي اسين روز لتاڙون ٿا ڪيون،
همسفر هل ته هلي چنڊ جون ڦارون ٿا ڪيون.
گونگي پولار جي سيني ۾ صدين جون چيخون،
آٿتن وارا ڪفن پايون دفن ٿينديون رهيون،
رومين، تاتارين، چنگيزي جشن گاهن جا،
نازين، توڙي فرنگين جي قيدي ڪيمپن جا،
خوني شينهن جي ڳياڙين مِرُن جي پيٽن مان،
ڳاڙهين آنڌين، ڪاري پاڻيءَ جي انڌين وادين مان،
روز مجبور غلامن جا گذر ٿيندا رهيا،
بي گناهن جون لهوءَ منجهه لوواڙيل ٻوٽيون،
بنديخانن جي ديوارن تي ريڳاڙيل ٻوٽيون،
سرخ ماسن جا ٽُڪر قاتلن جا داغ کنيون،
ڦرڪندڙ عضوا سفاڪيت وارا سُراغ کنيون،
”و انحن اقرب“ واعدن جي انتظاريءَ ۾،
قالو بليٰ واري قولن جي پاسداريءَ ۾،
پنهنجي ”تذليل“ جا اسباب پڇائيندا رهيا،
روئي خالق کي چَون ڪهڙيون خطائون ٿا ڪيون!؟
همسفر هل ته هلي چنڊ جون ڦارون ٿا ڪيون.
اولمپڪ، آسڪر، تفريح واريون تقريبون،
سونهن سرسين جا جهميلا حسين نارين جا جسم،
عيد، ميڙن يا دسهڙن جا دُهل دمباها،
موسمن بدلجڻ، ڪِن صحتيابين جون خوشيون،
راکين جي ٻڌڻ يا سفرن جي اُسهڻ جا ضامن،
هولين جون رونقون، رنگن جون ڌنڪ ڌارائون،
ڏوڪلي راند، ڏِڻن، ڏياٽين، ڏيارين جا جشن،
شادين، طوهرن جون ٻُڪيون، جهمريون ڇيڄ شرنايون،
جنم موقعن يا عقيقن جون عجب آسيسون،
ويلنٽائين ڏهاڙن جا وچن ورجاڻيون،
سرڪن، ڪارنيوالن ۽ چوڏيلن جا مزا،
سال جي آخري سورج جي الوداعي رسم،
يارين باشين جي گشن، ڊاڙ ڊُشن جا ميلا،
چنڊ راتين جون چوياريون ۽ دوستين جا نشا،
او وَيل ويل ! تنهنجيون روز تنوارون ٿا ڪيون،
همسفر هل ته هلي چنڊ جو ڦارون ٿا ڪيون.
ڪي ڳڀا نان ته ڪي گهر جون ديوارون ٿا ڪيون!
__________
1. اُلهيا = لهي ويا، غروب ٿي ويا.
2. مختياران = پنجاب جي ڳوٺ جو قصو، جنهن ۾ وڏيري نجي فيصلو ڪري مختياران بيبيءَ سان زنا ڪرڻ جو......... ماڻهن کي حق ڏنو ۽ پاڻ به سرعام عزت لٽي، مختياران جي ڀاءُ جو ڏوهه اهو هيو جو هو وڏيري چواڻيءَ ته شودر ۽ ڪم ذات هيو ۽ سندس ڀيڻ سان عشق ڪندو هو.
3. منش = ماڻهو
4. آشرم = مذهبي عبادت جي جاءِ
5. اوسارن = روئڻ ۾ پار ڪڍڻ
6. ورچڻ = ڪڪ ٿيڻ، خفي ٿيڻ
7. (ڪينرن،ناد ،نيفلن، دفن، دمامن) = سازن جا قسم
8. کائر = ٿر جو حصو
9.قصوريءَ= ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جي ڪيس جو اهم شايد ۽ ساڳئي ئي ڪيس جو مکيه سرڪاري وڪيل.
10. قزاقن= ڦورو
11. و انحن اقرب = قرآن شريف جي آيت جنهن ۾ پروردگار جو ساهه کان ويجهو هئڻ جو ذڪرآهي.