نيون ڪربلائون
هيلوڪين بهارن جي ٻارين تي شايد.
حسين پوپٽن جون اڏارون نه ٿينديون،
چنبيلن تي ٻيهر سي شامون نه اينديون،
نه ڪي آڳرن ۾ ڪي رابيل کڙندا،
نه ڪيارين، ڪونڊين ۾ رتن، جوت ڦٽندي.
نه بصري ۽ بغداد جي سرحدن کي،
نه ڪو ڪنھن اَبهم ٻار جي هونگڙين کي،
صبوح جا سويرا ڀليڪار چوندا.
ربابن تي رقص ۽ رباعيون نه ڇڙنديون،
نه صحرا جي خيمن ۾ لڳندا جهميلا،
نه ڪونجون سنجهائن جو ورنديون وڻن ڏي،
نه اوچين کجين کان ستارا تڪيندا.
نه ونين کي پڄنديون وصل جون نويدون،
نه واريءَ کي چمندا ڪتين جا سنيها.
ڇو جو هيل ٻيهر ڪنهن ماريءَ جي مک تي،
انساني آزاديءَ جي بنيادي حق تي،
بمن، بارودن واري موسم وري آ.
ڪروزن ۽ اسڪڊ ميزائلن جي ڄَر سان،
وري ڪا زمين ٽامڻي ٿي ٻري آ.
وري ڪالهه وانگي صفا مروہ وچ ۾،
حياتيون،جياپو، تلاشڻ ڊڪن ٿيون.
وري بيوسيون ڪي، ڪرشما ٿيون چاهن،
نيون بيحسيون ڪربلائون گهرن ٿيون.
او آقا جهانن کي الفت کپي ٿي.
خليجي بازارن ۾ قتلامَ آهن،
ڪيڏا ڪارِزارن ۾ ڪهرام آهن.
لهوءَ ليٿڙيل لاش ٽينڪن ۾ چٿجي،
ضميرن کي ٺوڪي لپاٽون هڻن ٿا،
وڏي واڪ دنيا تي ٿُوڪي چون ٿا.
ڪيسوڦل جي ڊگهين قطارن تي شايد،
هيلوڪين بهارن جي ٻارين تي شايد،
حسين پوپٽن جون اڏارون نه ٿينديون،
چنبيلين تي ٻيهر ڪي شامون نه اينديون.
______
[b]1. هونگڙين = ننڍڙي جا آواز، 2. ڪارِزارن = جنگ جو ميدان[/b]
(عراق ۽ اتحادين آمريڪا، برطانيہ، اسپين ۽ آسٽريليا جي جنگ جي پسمنظر ۾ 2 اپريل 2003ع تي لکيل)