حسين چهرن جي سُرخين ۾ دکن جا پهر ٿا جاڳن
اداسين جا وڳا پهريون سمورا شهر ٿا جاڳن.
دريءَ کي ٽيڪ ڏئي شاعر سموري رات ٿو سوچي،
سماجن جي مزاجن ۾ بلا جا قهر ٿا جاڳن.
سَرءُ جي چنڊ کي روڪيو نه اڄ جي رات اورانگهي،
اُماوس جي سناٽن ۾ عمر جا زهر ٿا جاڳن.
بيابانن کي چئو پنهنجن سفاڪين ۾ ڪميون آڻن،
سرابن کي اُڪارڻ لئه سراپيل سحر ٿا جاڳن.
سدائين ياد جو اوٿر کنيون هر مند ٿي موٽي،
پذيراين ۾ شاعر جا سمورا فڪر ٿا جاڳن.
الهن تلهن جي اُڻ تڻ ۾ عجب حالت بڻي گهر جي،
بعضي گهر جو ڌڻي بعضي پَٽِيون ۽ پَڃر ٿا جاڳن.
عمر جي نٽهڻن خاطر لُٽائي ڇانورا پنهنجا،
نما شامن جي پاڇن ۾، وهيءَ جا ڍڪر ٿا جاڳن.
دلاسن ڪاڻ دل کولي تنهنجو دامن پسايان پر،
تنهنجي آٿت جي دلبي مان جرح جا پٿر ٿا جاڳن.
ازل کان پيار پهرن جون آسيون ساهه ۾ سانڀي،
سنياسين جي صدائن ۾ وفا جا وکر ٿا جاڳن.
پنهنجون محروميون ميڙيون گهڻا ڏينهن ٿيا گذاري ويو،
چون ٿا پر “تبسم ” جا اڃان ڀي شعر ٿا جاڳن.
______
1- اُماوس = اونداهه
2- سفاڪين = سختيون
3- سراپيل = ڀؤ ۾ ورتل
4- پذيراين = استقبال، اهتمام.