ڪا دلفريب زندگي نظر ۾ پيهجي وئي،
هُوءَ ڪير هئي جا آئي، دل نگر ۾ پيهجي وئي.
جمال جوت سان جُڙيون هزارين پدمڻيون پريون،
لٿي جو هُوءَ جل پري اندر ۾ پيهجي ويئي.
هيءَ آرسي کڻو اڳيان، هٽايو ساريون روشنيون،
هوءَ عڪس، سوجهرا کڻي پَڌَر ۾ پيهجي وئي.
هي ڏامرن جا روڊ جن تي زندگيون رَوان دوان،
۽ عُمر جا ڪنهن بلب يا پٿر ۾ پيهجي وئي.
هميشه پنهنجي گهر ڇو مان، اچان ٿو ايڏي دير سن،
هوءَ سوچي سوچي اَڻ لَکي فڪر ۾ پيهجي وئي.
شاديءَ جي رات جو وَڳو ۽ جهَمڪيون ٽرئنڪ ۾ رکي،
صبح جو پنهنجي گهوٽ واري گهر ۾ پيهجي وئي.
ھيءَ گهر جي ڇت جا مينھن ۽ نہ سيءَ کي جهلي سگهي،
اُنھيءَ کي ھوُءَ تڪي تڪي پتر ۾ پيھجي وئي.
ڪاوڙجي ڌار ٿي سُتس ته هوءَ الائي ڪنهن مهل،
سُري پُري اُٿي وري به ڀر ۾ پيهجي وئي.
لڦن کي چُمندي چيم ته سخت آهي زندگي،
هُوءَ مُرڪي جنڊ جي نئين چڪر ۾ پيهجي وئي.
مهيني ٻن جي لاءِ “غفار” اُڌار ڇو نه ٿو وٺين،
مان کيس خار ۾ ڏٺو پگهَر ۾ پيهجي وئي.