چاهُه آهي ڪو چرچو ته ناهي پرين
شعاع آهي ڪو شعلو ته ناهي پرين.
ڇو تو ڇوڙي ڇڏيون ڇيريون پير َمان،
ساز سهڪيو آ، سُڏڪيو ته ناهي پرين.
پيار پاڇو نه آ دَرَ، دريءَ بَلبَ جو،
تانگهه سياري جو تِڙڪو ته ناهي پرين.
سونهن جون ساعتون مَن ڳڻيندو نه ڪر،
مُحبتن جو ڪو ماپو ته ناهي پرين.
ٻانهن سان ٻارَ وانگر اُگهي ٿو ڇڏين،
هي ڪو بازاري بوسو ته ناهي پرين.
سِڪَ جو ڪاسو، ڪَپي بعضي لَپ ٿو ڏئين،
پيار ٻاجهر جو ٻورو ته ناهي پرين.
پيار خيرات وانگر تون ڏيندو نه ڪر،
دل ڪا جهولي يا ڪِستو ته ناهي پرين.
تون وسارڻ گهرين ۽ وساري ڇڏين،
عِشقُ آ راند رونئشو ته ناهي پرين!
هر ڪا ساڀيان محلُ ماڻي، ممڪن نه آ،
سڀ ڪو راجا جو سپنو ته ناهي پرين.
ها “تبسم“ جو ئي پر اٽل سمجهجانءِ،
هي ڪنهن ڀِت ڇِت جو پاڇو ته ناهي پرين.