ڳوهون کائڻ وارا مريخ تي وڃي پهتا ۽ اسين....!
ايراني شاعر فردوسي پنهنجي ڌرتيء تي ٻاهرين حملي خلاف هڪ شعر چيو هو جيڪو سڄي دنيا ۾ مشهور ٿيو. شعر جو حاصل مطلب هي هو ته اٺين جو کير پيئڻ وارا، ڳوهن جو گوشت کائڻ وارا عرب اڄ ايران تي حملا ٿا ڪن! اي آسمان حيف هجيئي، اي آسمان حيف هجيئي.
هڪ خبر موجب متحده عرب امارات يعني يو اي اِي پنهنجي خلائي پروگرام جي حوالي سان جشن ملهائي رهيو آهي. هنن جو موڪليل سيارچو جنهن جو نالو هنن هوپ يعني اميد رکيو آهي اهو مريخ جي مدار ۾ داخل ٿي چڪو آهي. هن سياري جي مدد سان اماراتي سائنسدان هن خوبصورت سياري تي تحقيقات ڪندا. تحقيقات کان پوء اها ڳالهه سمجهڻ ۾ مدد ملندي ته هن سياري تان هوا ۽ پاڻيء جا ذخيرا ڇو ۽ ڪهڙيء ريت گهٽيا.
هي هڪ ڪم پوري عرب دنيا خاص ڪري اتان جي نوجوانن لاء سياري جي نالي وانگر هوپ يعني اميد جو سبب بڻبو. عرب نوجوانن ۾ اتساه پيدا ٿيندو ۽ هو هن ميدان تي به پاڻ ملهائڻ وارا ٿي پوندا.
عربن دنيا جي ملڪن خاص ڪري يو اي اي ٻيا به ڪيترا ڪارناما سرانجام ڏنا آهن. هن ئي ملڪ وٽ دنيا جو سڀ کان اوچو ٽاور يعني برج الخليفه آهي جنهن جي اوچائي ايتري آهي جو پهرئين منزل ۽ آخري منزل تي روزي رکڻ/کولڻ جو ٽائيم مختلف آهي جيڪو دنيا ۾ شايد وڏو ريڪارڊ به آهي ته هڪ ئي جاء تي ٽائيم جو فرق هجي پوء اهو ڀلي سيڪنڊن يا منٽن جو ڇو نه هجي.
دنيا ۾ خوبصورت ۽ وڏن هوٽلن جو ريڪارڊ به هن ملڪ وٽ ئي آهي جڏهن برج العرب ٺاهيو ويو (جيڪو سمنڊ ۾ آهي) ته دنيا کي ڏندئين آڱريون اچي ويون هيون.
مون پاڻ 2004 ۾ هي هوٽل ڏٺو (جيڪو شايد هاڻي وري نوان نوان (روزانو جي بنياد تي) هوٽل اچڻ سبب وسارجي چڪو آهي. هن هوٽل جي ڇت تي هيلي پيڊ به آهي جيڪڏهن اوهان چاهيو ٿا ته اوهان جهاز مان لهي سڌو هوٽل پهچو ته هوٽل جو هيلي ڪاپٽر اوهان کي کڻي هوٽل جي ڇت تي لاهيندو ۽ اتان لفٽ جي وسيلي اوهان پنهنجي ڪمري تائين پهچايا ويندا). مون هن ملڪ ۾ لڳندڙ ساليانه فيسٽيول ۾ شرڪت ڪئي ۽ هڪ ڳالهه تمام گهرائيء سان محسوس ڪئي ته هي ملڪ هاڻي معاشي حب بڻجي چڪو آهي هتي مصنوعات جا انبار لڳل هجن ٿا. رڳو سون جي بازار ئي ايتري آهي جو ننڍڙو شهر ان ۾ سمائجي وڃي جتي هر دڪان تي مڻين سون پيل آهي. حيرت ۾ وجهندڙ وڏي ڳالهه اها جو وڪرو ڪندڙ ۽ خريداري ڪندڙ (اڪثريت) ٻيئي غير عرب آهن پر ڪمائي اتان جو مقامي عرب ٿو جيڪو سنڌ ۾ بلڪل ان جي ابتڙ آهي. هتي خريدار سنڌي آهي پر ڪمائڻ وارو سنڌي ڪونهي. فيسٽيول گهمڻ لاء آيل هڪ ايراني همراه سان ڪچهري ٿي ڪجهه سيڪڙو فارسي کان پوء انگريزيء ۾ جڏهن مون کيس ٻڌايو ته مان فارسي شاعري خاص ڪري حافظ جو ديوانو آهيان ته هن همراه به مون سان سٺو ورتاء ڪيو. اسان جي ڊگهي ۽ دلچسپ ڪچهريء دواران مون کائنس پڇيو ته ايراني شاعر فردوسي جيڪو عربن لاء شعر چيو هو، اوهان کي هي ساڳيا عرب لڳن ٿا!؟ جنهن جي جواب بجاء هن ڪيترو وقت مون ڏانهن گهوريو ۽ پوء خوشيء مان کلي جواب ڏنائين ته؛ نه هي اهي ناهن رهيا.
ان وقت کان وٺي اڄ تائين مان جڏهن به عرب دنيا جي ڪا خبر پڙهندو آهيان ته ان کي پنهنجي مرده سماج سان ڀيٽيندو آهيان. سوچيندو آهيان ته اسان جو ملڪ ۽ خاص طور تي اسين سنڌي ڪٿي بيٺا آهيون.
اها سنڌي قوم جيڪي دعوا پيئي ڪري ته هوء پنج هزار سال پراڻي تهذيب جي مالڪ آهي ۽ دنيا کي تهذيب سيکاريندڙ آهي ان جو حال اهو آهي ته ان جا ڪيترا ئي ماڻهو پنهنجا ٻچا وڪڻڻ تي مجبور آهن. غربت جي شرح حد کان وڌيڪ آهي ۽ ظلم اهو جو اها ڏينهون ڏينهن وڃي پيئي وڌندي. خودڪشيون روز جو معمول آهن. بيضمير وڏيرو جنهن ذات سان تعلق رکندڙ آهي ان کي پنهنجي ذات وارا ڇپر ڇانو پيا سڏين. گئس ۽ تيل جا ذخيرا رکندڙ، ڪوئلن جا ذخيرا رکندڙ، ذراعت ۾ خودڪفالت رکندڙ قوم وٽ نه ته نوڪريون آهن ۽ نه ئي ڌنڌا. ان جي نوڪرين تي ان جي ئي ضلعي/صوبي جو ڪوڙو ڊوميسائيل ٺهرائي روزانو جي بنياد تي قبضا پيا ڪيا وڃن. سنڌين جي ٻچن جي جاءِ تي سنڌ جي ڪاليجن/يونيورسٽين ۾ ڌاريا پيا داخلائون وٺن وڏي ڳالهه اها جو اهي ڪوڙا ڊوميسائيل به آفيسن ۾ ويٺل سنڌي ئي پيا ٺاهين جن مان گهڻائي وڏيرڪي سفارش تي ڀرتي ٿيل بدنسلا آهن جيڪي پيسي لاء پنهنجي نسل خلاف کڏون پيا کوٽين اها خبر ڪونه اٿن ته سندن ئي ٻچا نوڪرين لاء رلندا اسان سنڌين کي پاڻ کي دنيا سان ڀيٽڻ گهرجي ۽ ڏسڻ گهرجي ته اسين ڪٿي بيٺا آهيون.
12.02.2021