پرڏيهي سيڙپڪار ڇو اچن!
ملڪ جي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته “ترڪ سيڙپڪار پاڪستان کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهن ۽ هتي اچي سيڙپڪاري ڪن”. اها ڳالهه ان ترڪيء جي دوري دوران ڪئي جيڪا عقل کان مٿاهين ڳالهه آهي. پوئين دور جون حڪومتون هجن يا هلندڙ دور جي حڪومت پنهنجي ذهني سطح مطابق هڪ جهڙيون ئي هجن ٿيون يعني پنهنجي اندر کي ڏسڻ کان سواء ڳالهه ڪرڻ هنن جو دستور رهندو پيو اچي اهڙيون ڳالهيون سدائين عقل کن مٿاهيون هونديون آهن.
سئي پن تي بيٺل هلندڙ حڪومت جيڪا سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرن مطابق ايڪٽيهه مئي تي ختم ٿي چڪي هئي (پوء انهن کي حڪم ڏيئي ته اڃان هڪ ٻئي سان وڙهي ڌار ٿيڻ جو وقت ناهي آيو (اهو اچڻ ۾ ٿوري دير آهي) هڪ ٿي رهڻ جي هدايت ڪئي ويئي ۽ وري اهي سڀ هڪ صفحي تي موٽي آيا) ۽ ڪنهن به هڪ پارٽيء، گروپ جي “نه” ڪرڻ سبب ڪڏهن به ڪري سگهي ٿي، ان جي وزيراعظم جي چوڻ تي دنيا سيڙپڪاري لاء ڊوڙندي ايندي اها عقل کان مٿاهين ڳالهه ئي آهي. هڪ ڳالهه جو شڪر ڪجي ته اها سفارتي آداب جي خلاف آهي ته انهن ترڪ وزيرن يا واپارين اسان واري وزيراعظم صاحب کان اهو نه پڇيو ته “اوهان گهڻا ڏينهن/ڪلاڪ آهيو”.
اها عقل کان مٿاهين ان ڪري به آهي ته جنهن ملڪ جا اصلوڪا رهواسي پنهنجي ملڪ منجهان ڦرلٽ ڪري ٻاهر پيا وڃن/ويندا رهن ٿا اتي ڪو ٻاهريون سيڙپڪار پنهنجي پونجي کڻي پهچي.
اها ڳالهه عقل کان مٿاهين ان ڪري به آهي ته پرڏيهي سيڙپڪارن لاء اوهان پنهنجي ملڪ ۾ ڪهڙو ماحول جوڙيو آهي جو هو هتي سرمايو کڻي اچن. امن امان اوهان قائم ڪري ڪونه سگهو، ڪنهن کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي ضمانت اوهان ڪين ڏيئي سگهو امن امان جو حشر اهو آهي جو بڪتربند گاڏيء ۾ ويٺل پوليس جو ايس ايڇ او ان جا سپاهي ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿين، گاريون کائين موت کي پنهنجي اکئين ڏسن پر ڪجهه ڪري نه سگهن. حڪمرانن جي رٽ اها هجي جو هو اغوا انڊسٽري هلائيندڙ وڏيرن کي ايلاز منٿ ڪري اغوا ٿيل پوليس وارن کي واپس ورائين.
اها ڳالهه عقل کان مٿاهين ان ڪري به آهي ته دنيا جي گولي تي موجود ڪو هڪ ملڪ به اوهان جو دوست ڪين هجي. ڪنهن کي اوهان تي اعتبار ڪونه هجي. اوهان سفارتي ميدان تي روز هارائيندا رهو پوء دنيا جا جنت جهڙا ملڪ ڇڏي ڪو اوهان ڏانهن ڇو اچي.
اها ڳالهه عقل کان مٿاهين ان ڪري به آهي ته اوهان جو ملڪ آء ايم ايف جي قرض جي ڪوڙه ۾ ورتل هجي اوهان هٿ ادب جا ٻڌي ان جي سامهون بيٺا هجو ته مان به ان کي رحم پوي ٻه چار ڊالر ڏيئي وجهي ۽ “ڪجهه ڏينهن” نڪري وڃن، ان ماحول ۾ ڪو اوهان جو در خوشخبريء لاء ڇو کڙڪائي.