ڇا سنڌ ۾ پي پي خلاف ڪجهه ٿيڻ وارو آهي!
هڪڙي پنجابي شاعر جو شعر آهي ته “ڪڇ شهر دي لوگ وي ظالم سن، ڪڇ سانون مرڻ دا شوق وي سي” بلڪل سچ. پي پي دشمنيء جي تاڙ ۾ “ماڻهو” ويٺل هئا ۽ آهن. جنرل ضيا کان مشرف تائين ڪهڙا طريقا نه آزمايا ويا پر سنڌ جي عوام اهي سڀ ناڪام بڻايا تنهن هوندي به پي پي کي پنهنجي برباديء جو ايترو شوق آهي جو هو پنهنجي برباديء جو پاڻ انتظام ڪندڙ آهي.
غور سان ڏٺو وڃي ته 1988 کان وٺي پي پي ڪنهن نه ڪنهن طور تي حڪمراني ڪندڙ پارٽي رهي آهي (تنهنڪري هن پارٽيء کان پڇاڻو به ان دور کان وٺي ٿيڻ گهرجي) پر ڪارڪردگي زيرو اٿس. خود بينظير صاحبه به اهو ڪجهه نه ڏيئي سگهي جيتري ان لاء سنڌ جي عوام ميد رکي هئي.
ان ڳالهه جا اسين اکين ڏٺا شاهد آهيون ته 1988 ۾ هر سنڌي ماڻهوء اهو پئي سمجهو ته بينظير صاحبه وزيراعظم ڪونه ٿي آهي پر هو پاڻ (هر سنڌي) وزيراعظم ٿيو آهي. جنرل ضيا جي ذريون ذريون ٿيڻ کان پوء واري صورتحال اها هئي ته اليڪشني عملو نعرا هڻندي پولنگ اسٽيشنن تي پهتو هو. وڏو گرمجوشيء وارو ماحول هو. گهر گهر رڳو پي پي جا جهنڊا هئا. گڏه گاڏي وارن چندا ڪيا، ٽانگي وارن چندا ڪيا ٽيڪسي ڊرائيورن چندا ڪيا جن مان بينر ۽ جهنڊا ٺهرائي انهن تي لکرايو ويو ته ووٽ بينظير جو آهي ٻيو ڪو اچڻ جي تڪليف نه ڪري. ٻئي پاسي پي پي جون ٽڪيٽون انهن کي مليون جن منجهان گهڻا ضيا جي مجلس شورى جا ميمبر رهيا هئا، جن ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جي ڦاسي تي چڙهڻ وقت مٺايون ورهايون هيون ڇو ته انهن کي مجلس شورى جي ميمبري اهڙي “ڪم” سبب ملڻي هئي. اهڙن ماڻهن جا نالا لسٽ ۾ ڪنهن شامل ڪيا يا ڪرايا خبر ناهي پر عام ماڻهن خاص ڪري سنڌين ڪنهن جي به ڳالهه ڪونه ٻڌي ۽ ووٽ پي پي کي ڏنو. وڏا وڏا سياسي رانديگر پنهنجي سيٽ هارائي گهر وڃي اهو سوچڻ ۽ چوڻ تي مجبور ٿيا ته هي سيلاب آهي هر ڪو پي پي مخالف ان ۾ لڙهي ويندو.
ان هوندي به اميدون پوريون نه ٿيون ٿوري ئي وقت ۾ عام ماڻهن منهن موڙڻ شروع ڪيو. پي پي جو پنجاب مان صفايو ٿي ويو، هاڻي خود پارٽي قيادت ان کي مڃي ورتو آهي ته پنجاب ۾ پي پي جي حيثيت تائيد ڪندڙ پارٽيء واري به ڪونه رهي آهي. ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ هيڪڙ ٻيڪڙ وڃي ڪي بچيا آهن پر سنڌي پنهنجي نڀائڻ واري ريت سبب نڀائيندا پيا اچن.
سنڌين کي پي پي مايوس پئي ڪيو آهي ۽ ان تي گهري نظر رکڻ وارن پاران ان کي وڏو اڀاريو پيو وڃي خاص ڪري تازي ٿيل برساتن ۽ ان کان پوء جيڪي تباهيون آيون ان هن پارٽيء لاء مشڪل صورتحال کڙي ڪئي آهي. ان ٻرنديء تي تيل جو ڪم پي پي جي نااهل ميمبرن جون اهي ڳالهيون آهن جن ۾ هو اهو به خيال ڪونه پيا ڪن ته انهن جي لفظن سان برسات ٻڏلن جي دل آزاري ٿيندي. اڳي رڳو هڪ قائم علي شاه هوندو هو جيڪو چوندو هو ته ٿر جي عورتن کي ٻار ڄڻڻ ڪين پيا اچن. هي ٻوڏ ستايل (2010 واري ٻوڏ وارا) چانورن جي خوشبوء تي ڀڳا ٿا اچن وغيره. هاڻي اٽڪل سڀ ميمبر اهڙيون گوهر افشانيون پيا ڪن. جنهن ڪري سوشل ميڊيا تي هنن جي ناڪام پاليسين تي کلي عام تنقيدون پيون ٿين. ماڻهو وڏيرن کي اهڙا لفظ پيا ڳالهائين جيڪي ڳالهائڻ منع هوندي آهي. پي پي جي مرڪزي قيادت به ان کي محسوس ڪندي پاڻ کي رڳو ڊي سي/ايم پي اي/ايم اين اي سان ميٽنگين تائين محدود ڪيو آهي. کلي عام اچڻ کان لهرائن پيا اهي سڀ جيڪي عوام عوام جي تسبيح پڙهندي ٿڪبا ڪين آهن.
ان سموري صورتحال مان “فائدو وٺندڙ” هاڻي عوام ۾ اهي ماڻهو لاهي رهيا آهن جيڪي پي پي خلاف ٻريل ان باه ۾ پيٽرول جو ڪم ڪن. اهي وڏيرا جيڪي پي پي ۾ اچڻ لاء ايلاز منٿن تائين پهتل هئا اهي پنهنجي باه ڪڍڻ لاء وڏيون وڏيون رٿائون پيا رٿين. اهڙي صورتحال ۾ پي پي قيادت خاص طور تي چيئرمين بلاول ڀٽي صاحب تي وڏي ذميواري عائد ٿئي ٿي ته هو پنهنجي ئي پارٽيء جي اندر ويٺل غيرذميوار ماڻهن کي ٻاهر ڪڍي، پنهنجي پارٽيء جي سنڌ مٿان حڪمرانيء جو نئين سر جائزو وٺي ان کي بهتر کان بهتر ڪري. هن ڏکئي وقت ۾ ان عوام جو ساٿ ڏي جن هن جي وڏڙن کي عزتون بخشيون هيون ۽ اڃان تائين عزتون پيا بخشين. خراب کان خراب حڪمرانيء جا رڪارڊ ٺاهيندڙ سندس پارٽي خلاف نڀائيندا پيا اچن. هڪ ڳالهه اسان سڀني کي سمجهڻي پوندي ته تنقيد کان بالاتر ڪوبه ڪونهي. مقدص ڳئون وارا تصور ختم پيا ٿين. ماڻهو هاڻي سوچين پيا، “جگنو ڪو دن ۾ پرکني ڪي ضد ڪرين، بچي هماري عهد ڪي چالاڪ هوگئي” سنڌي ڀلي ايترا چالاڪ ڪونه ٿين پر چڱي بري جي سمجهه ته هر ماڻهو رکندڙ آهي.
09.09.2022