پنهنجو ڪم پاڻ ڪرڻ ۾ ڪهڙو عيب آهي!
لبنان ڄائي مصطفى عقد جي هدايتڪاريء ۾ هڪ شاندار فلم ٺهيو هو نالو هوس “دي ميسيج”. ان ۾ اسلام جي شروعاتي دور کي ڏيکاريو ويو هو. هدايتڪار کي ان تي بهترين هدايتڪاري جو ايوارڊ به مليو هو. ان فلم ۾ان وقت جو هڪ وڏيرو اميه بن خلف مڪي ۾ ٿيندڙ سالياني ميلي ۾ (بازار ۾) خريداريء لاء پهتل آهي جنهن جي ڇٽي ان جي غلام جي هٿ ۾ آهي. جيڏانهن مالڪ وڃي ٿو غلام ان مٿان ڇٽي ان ريت جهلي ٿو جيئن مالڪ اس کان محفوظ رهي. سموري ڳالهه ڪرڻ جو مطلب ته ان وقت جا وڏيرا/سرمائيدار پنهنجو ڪم پاڻ ڪرڻ کي عيب سمجهندا هئا جيڪا روايت ڪائنات جي بهترين انسان نبي سائين جن ختم ڪئي. پاڻ ڪريم جن پنهنجو ڪم پاڻ ڪرڻ کي فخر سمجهندڙ ۽ سمجهائيندڙ هئا.
ڪجهه مهينا اڳ برطانيه جي هڪ وزيراعظم اليڪشن ۾ هارائڻ کان پوء وزيراعظم هائوس خالي ڪيو. ميڊيا تي اها وڊيو وائرل ٿي هئي ته هو پنهنجي گهر جو سامان پنهنجي فيملي (زال ۽ ٻار) سميت پاڻ کڻي رهيو هو.
دنيا جي سڀ کان امير ملڪ ( دنيا جي عملي بادشاه) آمريڪا جي صدر اوباما جي به اهڙي قسم جي ڪلپ وائرل ٿي هئي جنهن ۾ هو ۽ سندس زال پنهنجو سامان پاڻ کڻي موڪل ملهائڻ لاء ڪيڏانهن وڃي رهيا هئا.
پنهنجو ڪم پاڻ ڪرڻ جو ڪلچر مٿي بيان ڪيل ملڪن (خاص طور يورپ جي ملڪن) ۾ عام آهي پر اهڙو ڪلچر اسان وٽ اڃان تائين ڪا جڳهه ناهي وٺي سگهيو. بي بي سي کان وٺي لوڪل ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي پنهنجي پاران پنهنجي آء ڊي تي رکيل اهڙي ئي هڪ تصوير جو ذڪر وائرل ٿيل آهي جنهن تي تبصرا به تمام گهڻا ۽ دلچسپ ٿيل آهن. هڪ سائين لکيو ته اسان وٽ انهن پروٽولن وغيره کان سواء بچيو ڇا آهي، ويڪسين ٺاهيندڙ (ترقي يافته) ملڪ جو وزير پنهنجي هٿ ۾ ڇٽي کنيو بيٺو آهي جڏهن ته ويڪسين خريد ڪندڙ (امداد طور وٺندڙ) وزير جي ڇٽي ان جو معاون کنيو بيٺو آهي. ٻئي هڪ همراه لکيو ته غلامانه سوچ جي ڇا ته عڪاسي آهي جو هڪ سپر پاور جو وزير پنهنجي هٿ ۾ پاڻ ڇٽي کنيو بيٺو آهي جڏهن ته اسان جي ملڪ جي وزير جو نوڪر اهو ساڳو ڪم ڪري رهيو آهي. وري هڪ صارف ته ائين به لکيو ته اسان پنهنجو ڪم پاڻ ڪرڻ کي عيب ڇو سمجهندا آهيون وغيره وغيره.
اها ڇٽي ضروري ناهي ته وزير موصوف جي حڪم تي ٻئي ڪنهن جهلي هجي ڪي ئي پاڻ (بنا چوڻ جي) خوشامد طور ائين ڪندا آهن سو ڳالهه ڇٽي پاڻ کڻڻ يا نه کڻڻ جي ڪونهي ڳالهه رڳو ڪلچر/ماحول جي آهي ته اسان وٽ اهڙو ڪلچر ڇو ٺهيو آهي.
رڳو وزير ڪونه ننڍي کان ننڍو عهدو رکندڙ پاڻ کان ننڍي عهدي واري تي اهڙا حڪم هلائي ٿو يا ان مان اها توقع رکي ٿو ڇو ته هو جڏهن وري پاڻ کان وڏي عهدي واري سان ملي ٿو ته پاڻ اهڙي قسم جا عمل ڪري ٿو. خوشامدون ڪري ٿو جنهن سان اهو ڪلچر وڌيڪ طاقتور ٿي پوي ٿو. ان ڪلچر اسان جي سماج کي مئل سماج بڻائي ڇڏيو آهي. ان جو ئي آخري نتيجو اهو نڪتو آهي ته خوشامد غلاميء جو روپ ورتو آهي ۽ پاڻ کان وڏن عهدن تي ويٺلن آقا ۽ پاڻ کان ننڍي عهدن تي فائز رهندڙ غلام سمجهو وڃي ٿو. اهو ڪلچر اڄ جو ڪونهي ۽ رڳو اسان وٽ ڪونهي دنيا جي گولي تي اسان جهڙا نالي ماتر آزاد ٿيل ملڪ اهڙي ئي جهنم مان گذري رهيا آهن.
اسان جي حڪمرانن جهڙن حڪمرانن جي تاريخ اهڙن ئي ڪمن ۾ گذري آهي. تاريخ وڏي واڪي ٻڌائيندڙ آهي ته ملڪ جي عوام کي ڦري لٽي جمع ٿيل رقمون رڳو بادشاهن کي خوش ٿيڻ تي خرچ ٿينديون رهيون آهن. ڪي بادشاه پنهنجي مخالف کي شعر و شاعري ۾ گاريون ڏيڻ واري شاعري تي خوش ٿي انعام اڪرام ڏيندا هئا. ڪي وري پنهنجي عياشيء خاطر رقمون خرچيندا هئا. بادشاهن جي غسل خانن ۾سهڻيون ڇوڪريون انهن جي خوشيء لاء موجود هونديون هيون. بادشاه سلامت درٻار ۾ اچي ته ان کي کلائڻ لاء مسخرا موجود رهندا هئا. بادشاه سلامت ڪا ڳالهه ڪري ته ان تي واه واه ڪرڻ لاء ماڻهو موجود، ڪي هٿ ٻڌي بيٺل ته ڪي وري سون/چاندي/هيرن جا ڪشتا ٺاهڻ لاء ويهاريل هئا. جڏهن بادشاه جي دل چوي ڪنهن کي به هاٿيء جي پير هيٺان يا شينهن جي پڃري ۾ موڪلي ان جي مرڻ تي خوش ٿيندا رهن اهڙن سمورن ڪمن تي به رقمون خرچ ٿينديون هيون.
جديد دور ۾ به عرب سڳورا (پيسي وارا) اٺن جي ڊوڙ لاء دنيا مان اغوا ٿيل ٻارڙا خريد ڪندا هئا/آهن جن کي اٺ جي پٺيء تي ٻڌي ويهاربو آهي ۽ جيئن ٻار خوف کان رڙيون ڪندو تيئن اٺ تيز ڊوڙندو ۽ مالڪ جو اٺ کٽندو جنهن سان مالڪ خوش ٿيندو.
ٻئي پاسي تاريخ اهڙن حڪمرانن جي ڪارنامن سان به ڀريل آهي جن سمورو وقت، سمورو پيسو، سموريون طاقتون پنهنجي عوام کي خوش ڪرڻ لاء خرچ ڪيون نتيجو اهو آهي ته اڄ انهن جي ملڪن ۾ ٻار ڄمڻ شرط حڪومت جي ذميواري آهي. حڪومت ان جي کير جو الائونس ان ئي ڏينهن جاري ڪري ٿي ۽ اسان جي حڪمرانن جهڙن حڪمرانن جي ملڪن ۾ ٻار ڄمڻ شرط قرضي آهي جنهن سبب ٿيندڙ ڏينهون ڏينهن مهانگائي ٻارن جي وات تان کير کسيندڙ هجي ٿي.
09.04.2021