اسمبلي بلڊنگين ۾ مڇي مارڪيٽون ٺاهيون وڃن ۽....
.......۽ موجوده مڇي مارڪيٽن ۾ قومي/صوبائي/سينيٽ اسمبلين جا اجلاس ٿيڻ گهرجن. هونئن به هاڻي وڃي ٿورو فرق بچيو آهي. اسمبلي ميمبر هڪ ٻئي تي الرون ڪرڻ کان هڪ ٻئي کي ڪرسيون هڻڻ وارو سفر پورو ڪري هاڻي هڪ ٻئي جي ماضيء جا قصا ڪڍڻ کان (جيڪي گهڻن جا قابل فخر ناهن رهيا) ڪچين گارين تائين پهتا آهن. اها ڳالهه پڪ سان ڪري سگهجي ٿي ته مڇي/گوشت مارڪيٽن ۾ هاڻي اهڙا قصا ڪونه ڏٺا پيا وڃن.
تبديلي جي نالي ۾ وزيراعظم جي ڪرسيء تائين پهچندڙ جيسين ڪرسيء تي نه پهتو هو ته ڏاڍيون ڀليون ڀليون ڳالهيون ڪندو هو. پاڻ فرمائيندا رهيا آهن ته پارليامينٽ جون عمارتون ڊهرائي اتي اسپتالون ٺاهيون وينديون. وزيراعظم هائوس کي ڊهرائي اتي راند جا ميدان ٺاهيا ويندا. وزيرعظم هائوس جون مينهون به وڪيون وينديون. اتان جون گاڏيون به وڪيون وينديون وغيره وغيره. (ان کان وڏو ۽ تمام وڏو ظلم اهو جو اسان اهڙيون ڳالهيون ٻڌي بنا ڪنهن سوچ ويچار جي انهن تي اعتبار ڪندڙ هوندا هئاسون توڙي جو هن کان اڳ ساڳي ڪرسيء لاء جدوجهد ڪندڙ اهڙيون يا ملندڙ جلندڙ ڳالهيون ڪندا رهيا آهن پر اسان نه سبق سکيوسين نه سکنداسين)
پاڻ وڌيڪ فرمائيندا هئا ته کين ٻه سو ماهرن جي ٽيم کيسي ۾ پيل آهي جيڪا ڪجهه ئي وقت ۾ پنهنجي صلاحيتن سان هن ملڪ ۾ سون چانديء جو نهرون وهائي ڪڍندي. ان ٽيم جا ميمبر به وڏي واڪي چوندا هئا ته عمران خان آئي گي. ٻاهران پيسا لائيگي ٻه سو ارب ڊالر آء ايم جي منهن پر ماري گي...... اها ٽيم پنهنجي صلاحيتن سان اڄ ڏينهن تائين رڳو تباهيء کان سواء ڪجهه ڪونه ڏيئي سگهي آهي. پارليامينٽ جي اخلاقي پستي کي وڌيڪ پست ڪرڻ وارو ڪم به هنن جي نصيب ۾ آيو آهي. ائين ڪونهي ته هنن کان اڳ پارليامينٽن ۾ موجود ميمبر ڪي الله لوڪ فقير هوندا هئا. ائين به ڪونهي ته اهي هڪ ٻئي سان سٺو سلوڪ ڪندڙ هئا پر جيڪا اخلاقي پستي گهٽ ليول جي هئي اها هاڻي وڌي ويئي آهي. ميمبر ته اٽڪل ساڳيا ئي آهن، پاڻ نه ته سندن فرزند ارجمند يا ڀائٽيا ڀاڻيجا. ٻين کان سواء ڪير اچي سگهي ٿو يا ڪنهن کي اچڻ ڏنو ويندو پر اهي وڌيڪ ڪري پيل آهن.
ڪيڏي نه بدنصيبي چئبي جو قانون ٺاهيندڙ هڪ ٻئي کي برداشت ڪرڻ نه سکيا هجن. هڪ ٻئي کان قانون اندر رهي سوال ڪرڻ نه سکيا هجن ۽ نه ئي وري ٻيا انهن کي قانون اندر جواب ڏيڻ سکيا هجن. ڇا قانون ٺاهيندڙن لاء ڪي نوان قانون جوڙيا وڃن. انهن لاء وري ڪا نئين اسمبلي ٺاهجي، ڪي نوان ميمبر چونڊيا وڃن..... هي ڇا مشڪريون آهن.
بجيٽ اجالاسن وارن ڊرامن ۾ پنهنجي اداڪاريء جا جوهر اڃان بحث هيٺ ئي هئا اڃان انهن جي لائق زبان مان نڪرندڙ لفظن سان ٿيندڙ زخم سڪا ئي ڪونه هئا جو ٻي حد ڪئي ويئي. ملڪ جو وزيرخارجه (جنهن لاء سوشل ميڊيا تي گهڻو ڪجهه لکيو ويندو آهي. ڪن ته اهو به لکيو ته ان سميت گهڻن جا وڏا انگريزن جا مخبر هئا. مقامي ماڻهن کان وڌيڪ انهن جا وفادار هئا وغيره وغيره) ۽ ملڪ جي ايندڙ وزيراعظم جي اميدوار محترم بلاول ڀٽي زرداريء جي وچم ۾ جملن جي ڏي وٺ ٿي. اهي جملا دلچسپ هئا يا نه بحث اهو ڪونهي. اهي جملا هڪ ٻئي لاء بغض ۽ ڪيني سان ڀرپور هئا. اهي جملا ايترا خوفناڪ هجن يا نه پر اهي جملا جنهن لهجي سان ڳالهايا ويا ان اڳيان بغض ڪينو ساڙ وارا لفظ ننڍڙا هئا.
ٻنهي صاحبن کي قابل احترام سمجهو ويندو رهيو آهي پر جنهن ادائگيء سان هنن هڪ ٻئي مٿان حملا ڪيا اهي گهڻو ڪجهه ٻڌائڻ سان گڏ اهو به پيا ٻڌائين ته هنن پويان هلندڙ ماڻهو “ڪيترا وڏا” هوندا. هنن مڪالمن مان اها به ڄاڻ ملي ته وڏو ماڻهو، ننڍو ماڻهو پيسي سان ڪونه ٿيندو آهي. وڏو ماڻهو ننڍو ماڻهو عهدي سان به ڪونه ٿيندو آهي. ماڻهو پنهن جي اخلاق سان ئي وڏو ماڻهو ننڍو ماڻهو هوندو آهي.
اسان جي ڳوٺن ۾ ڳوٺاڻي عورتن جا جهيڙا به ان ئي ريت جا هوندا آهن. ڪڏهن غور ڪجو. مردن جا جهيڙا ان ڪري مان نه لکندس جو اهي هنن کان گهٽ گهاء ڪندڙ هوندا آهن ۽ نه ئي اهڙا اشارا ڪندڙ.
ٻڌايو پيو وڃي ته افغانستان مان دنيا جو وڏيرو پنهنجون فوجون پيو واپس گهرائي اهي فوجون اڃا پورا طرح ٻاهر نڪتيون ئي ڪونه آهن ته اتان جي طالبان ملڪ تي قبضو ڪرڻ شروع ڪيو آهي. اهي ڪيترا ضلعا هٿ ڪري چڪا آهن. ٻڌو آهي ته اشرف غني صاحب جيڪو وڏيري سان ملڻ ويو هو اهو واپس اچڻ جي تڪليف نه ڪري جيڪڏهن ڪري به ته طالبان کان “ويزا” وٺي پوء اچي. اهڙيون سنگينيون محسوس به ڪرايون وڃن ٿيون اسان جي پيارن حڪمرانن پاران. اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته خطي جي صورتحال شايد مستحڪم نه رهي پوء به اسان جا همراه ملڪ کي مضبوط ڪرڻ بجاء هڪ ٻئي خلاف سازشون پيا ڪن.
02.07.2021