اسٽيبلشمينٽ جو ڄار ۽ ڪرسي پرست سياستدان
نيٺ اهو ڏينهن به ڏسڻ لاء مليو جو “سڀ کان وڌيڪ سليڪٽيڊ” (اڄ تائين هڪ وزيراعظم به “مرضي” کان سواء ڪونهي آيو) بڻايل سياستدان به ان نتيجي تي پهتو جنهن تي پراڻا وزيراعظم پهتا هئا. سڀ ان ئي نتيجي تي پهتا ته کين سبز خواب ڏيکاري ڪرسي ڏيئي استعمال ڪري ٽشو وانگر اڇلايو ويو. فرق رڳو اهو آهي ته ڪي جلد پهتا ڪي دير سان، ڪي هڪ دفعو ڪرسي حاصل ڪرڻ کان پوء، ڪي ٻه دفعا پر پهتا سڀئي. ڏک اهو آهي ته ڪو به ڪرسي وٺڻ کان اڳ يعني “بي آبرو هوڪر ڪوچي سي هم نڪلي” کان اڳ ڪونه پهتو.
ملڪي تاريخ جا سڀ ئي ڪرسي چمندڙ خواب کڻي ايندا رهيا ۽ ڪرسيء تي ويهڻ کان پوء پاڻ کي “سڀ ڪجهه” سمجهندا رهيا پر جڏهن استعمال ٿي چڪا ته کين سمجهه ۾ آيو ته هي رڳو نظر جو دوکو هو، ٻيو ڪجهه ڪونه.
لڙڪپن کيل ۾ کويا، جواني نيند ڀر سويا بڙهاپا ديک ڪر رويا وه هي قصا پرانا هي” انتخاب ٿيو اڱر کان جهلي وڏو ڪيو ويو، استعمال ٿيو ۽ اڇلايو ويو سمورو قصو اتان شروع ٿي اتي ئي پورو ٿيندو رهيو آهي اڄ تائين.
1977 ۾ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي جو تختو اونڌو ڪري جنرل ضياء اميرالمومنين وارو خواب کڻي پهتو تڏهن ڀٽي صاحب رسول بخش پليجي سان ملاقات ڪئي. ملاقات کان پوء ڀٽي چيو ڪاش! مان پليجي سان اڳ ۾ مليو هجان ها. ڳالهه ملاقات جي ڪونهي ڀٽو اڳ ۾ به پليجي سان مليو هو پر ان وقت “دست شفقت” مٿس هو جنهنڪري هن سمجهيو ته شايد “هو منهنجا آهن ۽ سدائين رهندا” تنهنڪري اهو ملڻ “ملڻ” نه هو. ڪرسيء تي ويهي ۽ تڏي تي ويهي ملڻ ۾ فرق هجي ٿو جيڪا ڳالهه ڀٽي صاحب کي پوء سمجهه ۾ آئي، “ته هو ڪنهن جا به ڪونه آهن” اڳتي هلي انهن ڀٽي سان اها ڪئي جيڪا اڳي ڪنهن سان ڪونه ٿي هئي. هڪ بي جان ڪيس ۾ هن کي ڦاسيء تي چاڙهيو ويو جنهن جي فتوى تي ڪيترا دفعا آڱريون کڄيون رهيون آهن وڏي قهر جي ڳالهه اها ته ان جي ڌيءَ ٻه دفعا وزيراعظم ٿي ته اهو ڪيس نه کولرائي سگهي. هن ڪيس کلڻ سان ڀٽو صاحب زنده ڪونه ٿئي ها پر تاريخ جي درستگيء لاء ۽ اڳتي اهڙن ڪڌن فيصلن لاء دروازا بند ڪرڻ واسطي اهو ضروري هو. هي ڪيس ايترو ڏکيو به ڪونهي ڇو ته سابق جج صاحبن جا بيان رڪارڊ تي آهن ته هي عدالتي قتل هو ۽ ججن دٻاء ۾ اچي فيصلو ڪيو هو. ساڳي تناظر ۾ هڪ ڳالهه ڪندو هلجي ته پنجاب بار جي ڪيترن وڪيلن ڀڳت سنگهه کي 1931 ۾ ڦاسي ڏيڻ واري ڪيس مان ڪيتريون ڪمزوريون تلاش ڪندي اهو ڪيس ٻيهر کولي تاريخ جي درستگيء لاء اپيل جون تياريون ڪندا رهيا آهن.
مٿي بيان ڪيل ڀٽي ۽ پليجي صاحبان جي ملاقات ۾ پليجي ڀٽي تي (گهڻين ڳالهين سان گڏ) واضع ڪيو هو ته هن وقت تنهنجي لاء سڀ دروازا بند ڪيا ويا آهن هاڻي رڳو هڪ ئي دروازو کليل اٿيئي ته تون عوام وٽ وڃ توڙي جو ان لاء به دير ٿي چڪي آهي پر اها هڪڙي ڳالهه ئي تنهنجي لاء ٺاهيل ڦندي کي ختم ڪري سگهي ٿي ٻيو ڪجهه ڪونه.
پوء ڀٽو عوام وٽ ويو وڏا وڏا اجتماع ڪيائين پر تيسين گهڻي دير ٿي چڪي هئي ۽ پوء “انتخاب ڪري، طوطي وانگر پڙهائي، استعمال ڪري کيس ماريو ويو”
ساڳيو ڪم بينظير سان به ٿيو کيس 1983 ۽ 1986 جي ايم آر ڊي تحريڪ جي بدلي (سنڌين جي جدوجهد مان هوا ڪڍڻ لاء) ٻه دفعا وزيراعظم بڻائي ٽئين دفعي جا خواب ڏيکاري هن دنيا مان اهڙيء ريت رخصت ڪرايو ويو جو اڃان تائين خبر ناهي ته “هي سڀ ڪنهن ڪيو” جڏهن کيس هٽايو ويو ته هوء به عوام وٽ ويئي جلسن ۾ پنهنجي ماڻهن کان اهو نعرو هڻايائين “يا الله يا رسول، بينظير بيقصور” پر “هنن” تي اهڙا نعرا ڪٿي ٿا اثر ڪن هو سمجهي ويا ته اهي نعرا زبان مان نڪتل آهن دل مان نه.
نواز شريف به ساڳي ئي مرحلي مان گذاريو ويو پر هو “لاڙڪاڻي ۽ لاهور” جي فرق ڪري ماريو ڪونه ويو آهي. پهرئين دفعي کيس چيو ويو ته اسٽيفا ڏي جنهن تي هن ضد ڪئي ته مان ويندس ته صدر به ويندو ۽ پوء ٻيئي ويا. ٻئي دفعي هن اسمبليء ۾ “ڀاري مينڊيٽ” سان آمد ڪئي اچڻ شرط اٺين ترميم جو خاتمو ڪيائين ۽ پاڻ کي بي خطر سمجهي مسند تي ويهي رهيو. ٻئي دفعي کيس ٻئي طريقي سان هٽايو ويو. ٽين دفعي ٽين طريقي سان.
هر دفعي ٻين وانگر هي به عوام وٽ ويو جتي چيائين مجهي ڪيون نڪالا پر تيسين سندس لاء سڀني دروازن سان گڏ هي دروازو به بند ٿي چڪو هو.
هاڻي هي سائين به اهائي ٻولي پيو ڳالهائي ڏه لک ماڻهن جو جلسو ڪري اتي پنهنجو ڪيس رکڻ پيو چاهي ڇو ته هن جي لاء به سڀ در بند ٿي چڪا آهن. عوام جو در به بند اٿس جو هن عوام سان اها ڪئي آهي جهڙي ٻرڙي ٻارن سان. چوڌاري گهمندڙ ڦرندڙ کيس اهڙي ڪُنَ ۾ اڇلائي چڪا آهن جتي پيو ڦرندو ۽ جيسين ڪن ۾ ڦاٿل ٻيڙيء وانگر تختو تختو ٿي نه پوي تيسين ڪونه نڪري سگهندو.
مٿي بيان ڪيل سڀني حڪمرانن جي ذهنن ۾ اهڙيون ڳالهيون ويهاريون ويون ته هي بهارون سدا لاء. هي بجليون پيون ٻرنديون اهڙين ڳالهين هر ذهن کي فرعون بڻايو کين عوام ڪوليون ماڪوڙيون لڳيون هڪ لمحو به اهو نه سوچيائون ته تاريخ جو سبق ياد رکون ۽ عوام سان نه ڦٽايون جو اڳي پوء اهو هڪ در ئي ڪم ايندو.
25.03.2022