ميمبر پنهنجا ضمير ڇو نه وڪڻن!
ويچارن ميمبرن کي ضمير وڪڻڻ به نه ٿو ڏنو وڃي. جيڪي اليڪشن ۾ بيهي پيسا ڀري عوام جا ضمير خريد ڪري هتي پهتا آهن انهن کي ضمير وڪڻڻ ڇو ڪونه ڏجي آخر ان ۾ عيب ڪهڙو آهي. ڀلا ٻيا ڪهڙا سٺا ڪم ڪيا آهن انهن اڳي جو هنن کي هي ڪم ڪرڻ نه ڏجي. ڪو اهڙو گناه ڪنهن پڙهندڙ کي ياد آهي جيڪو هنن ناهي ڪيو! انهن جي ڪيل عملن جي نتيجي ۾ ئي ته اڄوڪو سماج اڏيل آهي جيڪو ڪنهن به طور دوزخ کان گهٽ ڪونهي.
هالي ووڊ وارن سهڻي اداڪارا ڊيمي مور جي جلون سان ڀرپور فلم ٺاهيو هو. نالو هوس انڊيسينٽ پروپوزل (نامناسب تجويز). ڪهاڻي ڦري گهري ان تي پيئي آئي ته سرمائيدار جو ذهن دنيا جي هر شيء کي ويڪائو وکر ٿو سمجهي. هو جسم کي به وکر ٿو سمجهي جنهن ۾ هو گهڻي حد تائين ڪامياب به ٿيو آهي پر هو پيار کي به وکر ٿو سمجهي جيڪو ڪڏهن به ڪنهن به طور تي وکر ڪونهي پر سرمائيدار جي نظر ان کي به وکر ئي سمجهندي رهي ٿي.
هر قسم جي طاقت رکندڙ ٻئي کي ويڪائو پيو سمجهي، اهو سڀ روزانو جي منڊيء ۾ ڏسي سگهجي ٿو پر اسان وٽ گهوڙن جي منڊي (هارس ٽريڊنگ) ان وقت لڳندي/عروج ماڻيندي آهي جڏهن امين ۽ صادق پنهنجا سڀ طريقا آزمائي، پيسا ڏيئي، ماڻهن جا ساه سڪائي/ڌمڪائي، پرايون نياڻيون کڻائي يا اهڙا دڙڪا داٻ ڏيئي ووٽ وٺي اچي اسيمبلين ۾ پهچندا آهن تڏهن هو “باضمير” وڪري جي منڊيء ۾ پهچي پنهنجي مقرر اگهه ۽ ان جي واڌري لاء اداڪاريون ڪندا آهن. اهڙا ته پاڪ جملا ڳالهائيندا جو محسوس پيو ٿيندو ته هنن کان سچو ۽ کرو ته ڪو پيدا ئي ڪونه ٿيو آهي ۽ پوء اوچتو ئي اوچتو هو فلورڪراس ڪري وڌيڪ باضمير ٿي پوندا آهن ۽ سمورو وقت وزارتون ماڻي عوام لاء آزار بڻجندا آهن. هونئن ته ملڪ ۾ ٿيندڙ هر اليڪشن ضمير فروشيء سان ڀرپور رهي آهي پوء اها پيسا ڏيئي وٺي يا ڪنهن مفاد تحت يا وري ڪنهن جي دٻاء ۾ ٿي هجي. ضمير وکر ئي ته رهيو آهي اسان وٽ. سن ٻه هزار اٺارنهن جي اليڪشن ۾ ڪهڙا ڪلور هئا جيڪي نه ڪيا ويا. ڪهڙا ڪيتري ۾ خريد ڪيا ويا خريدارن کي اي ٽي ايم مشين جا لقب ڏنا ويا جيڪي ڪنهن کان لڪل ڪونه آهن. پوء سموري دنيا ڏٺو ته انهن اي ٽي ايم مشينن کي ڪهڙي ريت فائدا ڏنا ويا جنهن جو آخري نتيجو روزانو جي بنياد تي وڌندڙ مهانگائي آهي جيڪا سچ پچ گهر پيئي اجاڙي. کنڊ مافيائون، اٽو مافيائون، پيٽرول مافيائون ۽ ڪيتريون ٻيون سڀ اهي اي ٽي ايم مشينون ئي ته آهن جن اهڙي ماڻهوء کي ڪرسيء تي ويهاريو آهي جنهن جي هو لائق آهي ئي ڪونه. ان جو پنهنجو ووٽ ۽ ان جي خاص وزيرن جا ووٽ ضايع ٿيا آهن ته پوء ڇا چئجي، يعني لکين ووٽ کڻندڙ ووٽ ڏيڻ نه سکيو هجي ته پوء ان کان وڌيڪ ڪهڙو قهر ٿي سگهي ٿو. وزيراعظم چوي ٿو ته پيسو استعمال ٿيو آهي، هن اهڙا الزام اليڪشن ڪميشن تي هنيا آهن ته هو اڻسڌي چونڊ ڪرائڻ ۾ ناڪام رهي آهي ان کي اها ڳالهه ياد ڪونهي شايد ته سينيٽ جي عدم اعتماد واري ووٽ وقت اوهان جي ڪيترن مخالفن اوهان جي فيور ۾ ووٽ ڏنا هئا اهي ڪهڙيء ريت مليا هئا. يعني مان ڪريان ته سڀ ڀلو ۽ تون ڪرين ته سڀ خراب. ٽن سالن جي حڪمرانيء کان پوء به تقرير ۾ اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ واريون ڳالهيون ڪجن يعني ثابت ڪجي ته مون هيئن جدوجهد ڪئي ته پوء افسوس کان سواء ڪرڻ لاء باقي ڪجهه ڪونه ٿو بچي جو اهڙيون ڳالهيون باور ڪرائين ٿيون ته همراه پنهنجي ڪارڪردگي ٻڌائڻ ۾ بااعتماد ڪونهي يا ان وٽ اهو ڪجهه چوڻ لاء آهي ئي ڪونه.
سماج جي آخري تصوير هيء آهي جو جج به اهو پيا چون ته اسين ڪنهن ملڪ ۾ ڪونه پر هڪ گٽر ۾ پيا رهون. ڪن وري چيو ته ٿي سگهي ٿو قيامت گذري ويئي هجي ۽ اسين دوزخ ۾ پيا رهون. هي جملا سمجهه وارن لاء تمام وڏا آهن هنن جملن کان پوء باقي ڪجهه ڪونهي جيڪو ڳالهائجي.
سنڌ جهڙي پرامن سرزمين کي جهنم بڻائيندڙ هاڻي ته سڀ پڌرا پيا ٿيندا وڃن. قانون کي جهڙيء ريت ننگو ڪري نچايو پيو وڃي ان تي ماتم ئي ڪري سگهجي ٿو. ڪيترين وارداتن ۾ گهربل سنڌ (يتيم خاني) اسمبلي جو ميمبر شيرزمان سرعام پنهنجي ئي منحرف پارٽي ميمبر کي سڀني اڳيان بيعزتو ڪيو، ماريو ڪٽيو، گهليو اهو هاڻي “سنهري تاريخ” پاڻ وٽ محفوظ ڪري ورتو آهي. اليڪشن کان هڪ ڏينهن اڳ اهڙيون شرمناڪ حرڪتون ڪندي لڄي ٿيڻ بجاء اهو ڀڳوڙو اليڪشن واري ڏينهن ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندي اليڪشني بوٿ ۾ يعني ووٽ وجهڻ وقت پاڻ سان موبائيل کڻي آيو آهي. ڪا ڪاروائي ڪونهي، ڪا توهين ڪونهي توڙي جو اليڪشن ڪميشن وٽ اهڙا اختيار آهن ته هوء بي ضبطيون ڪندڙ کي مهل موقعي تي سزا ڏيئي سگهي ٿي پر قانون پيسي وارن، اختيار وارن اڳيان هڪ ٻانهي آهي جيڪا ٽڪي ٽڪي ۾ پيئي وڪامجي.
05.03.2021