ڪالم / مضمون

منھنجا اخباري ڪالم

ھن مجموعي ۾ سال 2021ع ۽ 2022ع ۾ مختلف اخبارن ۾ ڇپيل 79 ڪالم/مضمون شامل ڪيا ويا آھن. جيتونيڪ اخباري ڪالمن جي عمر محدود ھوندي آھي ڇو تہ اھي مخصوص حالتن کي نظر ۾ رکي لکيا ويندا آھن، پر ساڳي وقت اھي ڪالم تاريخ بڻجي ويندا آھن. ھي ڪالم سنڌ جي سياسي، سماجي، ادبي، اقتصاد حالتن ۽ مسئلن کي نروار ڪرڻ لاءِ لکيا ويا آھن. ساڳي وقت ڪالمن ۾ ان وقت جي واقعن کي پڻ پڙھي سگهجي ٿو.

Title Cover of book منھنجا اخباري ڪالم

جنت جهڙي سنڌ دوزخ ڪيئن بڻي؟

جنت جهڙي سنڌ دوزخ ڪيئن بڻي؟
ڪنهن به قيمت تي ڪرسي سبب آهي اڄوڪي سنڌ جي صورتحال جو. ڪرسي حاصل ڪريو، پوليس کي پنهنجو نوڪر بڻايو ۽ مخالف مارايو نصب العين هجي ٿو اسان جي انهن همراهن جو جيڪي سڀ ڪجهه وڪڻي به ڪرسيء پويان ڊوڙندڙ آهن. صدريون سبرائي قطار ۾ ويٺل آهن بلڪل انهن وانگر جيئن درگاهن جي ڏاڪڻين تي فقير ڪشتو کڻي ويٺل هوندا آهن. مون اها ڳالهه وڌاء ڪري ڪونه لکي آهي بلڪل اهو ئي سچ آهي ته ڪرسيء جا متوالا ائين ئي در تي جهولي جهليو ويٺا آهن. ڪرسي وري انهن جي هٿ وس آهي جيڪي سنڌ ۽ سنڌين کي غلام بڻائي بيوس بڻائي سمورو مال هڙپ ڪرڻ جي منشور تي ڪارفرما آهن. اهي ڪرسيء جا متوالا ڪرسي ڏيڻ وارن سان ملاقات ڪري موٽندا ته انهن جا ڪارندا سوشل ميڊيا تي اچي اهڙيون ڳالهيون وڏي دعوى سان لکندا ته لکي وٺو علائقي جو ڇپر ڇانو ڀوتار گورنر/وزير/مشير ٿيندو. اتي هڪ سوال اهو ٿو اٿي ته ڇا هنن متوالن ۽ ديوانن کي ڪرسي ائين مفت ۾ ملندي آهي يا اتي ڪو وکر ڏيڻو پوندو/گروي رکڻو پوندو آهي هنن کي. ائين مفت ۾ ڌڪو به ڪونه ملندو وارو پهاڪو سچ آهي هنن جي اندر مان ضمير نالي شيء ڪڍي ڪرسي هنن حوالي ڪئي ويندي آهي جيڪو سودو هنن لاء ڪا وڏي ڳالهه ناهي هوندو. اسان جي وڏيرن جي اها ڪمزوري هُنن يعني ٻي ڌر کي ڀلي ڀت خبر آهي تنهنڪري ڪرسي ڏيکاري هنن کي بلڪل ائين ئي تڙپايو ويندو آهي جيئن اسين مزاق مزاق ۾ ٻارن اڳيان پيسا يا ڪا کائڻ جي شيء ڏيکاري انهن کي هرکائي هنن جي اندر جي تڙپ کي وڌائيندا آهيون. ان کان پوء واڪ هلندو ته ڪير وڌيڪ وکر وڪڻندو ۽ سٺا نتيجا ڏيندو. اها ڳالهه ڪا لڪل ڪونهي ته ڪرسي ڌڻين کي ڪهڙا نتيجا گهربل هجن ٿا. پوء هي همراه ڪرسي وٺي سڌو ڳوٺ ايندو ۽ ڪمدارن کان پنهنجي مخلفن جا ڏس پتا پڇي ڪم شروع ڪندو.
ٻئي پاسي پراڻو ڪرسيء وارو وڏيرو عرف سنڌ جو ازلي دشمن پنهنجي ڪرسيء جا پراڻا جاوا وساري ڪونه سگهندو، پنهنجي گاڏيء جي اڳيان پويان پوليس جو پروٽوڪول هن کي خواب ۾ به پيو ڇرڪ ڀرائيندو جنهن ڪري هو وري اهڙا عمل ڪندو جيئن شهر جي ميونسپل چيئرمين کي فيل/ناڪام ڪرڻ لاء نالين ۾ پٿرن سان ڀريل ٻوريون وجهي بند ڪيو ويندو آهي. پنهنجي ئي اثر رسوخ وارن علائقن ۾ پاڻ بدامني ڪرائي پوء واويلا ڪندو بلڪل ائين جيئن ڪو وقت اڳ ڪراچيء جي لساني تنظيم ڪندي هئي. اسان سڀني کي اهي ڳالهيون ياد هونديون ته ان تنظيم وارا پنهنجا مخالف ماري پنهنجي پارٽيء جي جهنڊي ۾ دفنائي وري اچي روڊ بند ڪندا هئا ۽ مطالبا رکندا هئا ته قاتل اڃان تائين گرفتار ڇو نه ٿيا آهن.
اهڙن سمورن عملن جو آخري نتيجو هن وقت اهو آهي ته سنڌ هن مهل دوزخ جو دونهون پيئي اوڳاڇي. ڳوٺ ڳوٺ ۾ ذات پرستي/قبائلي جهيڙا عروج تي آهن. بدامني ڪرائي وڃي ٿي يا موجود آهي ٻنهي صورتن عذاب سهندڙ عام ماڻهو/سنڌي آهي جنهن کان ان جو آخري گره کسڻ جون تياريون عروج تي آهن.
ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن ڪشمور جي علائقي ۾ هڪ ئي گهر جا ڏه ڀاتي ماريا ويا تڏهن نه ته آسمان لڏيو نه ته زمين ڦاٽي. باقي اسان جي حڪومتن کي ته پيسا ڦرڻ ۽ مخالف مارائڻ کان فرصت ئي ڪونهي تنهن ڪري ان کي ته نه لهر نه ڪو لوڏو. سوال اهو آهي ته اهي ماڻهو جڏهن مئا پئي ته قانون ڪٿي هو. هي اربن روپين جون پگهارون کائيندڙ ڪٿي هئا. ڇا انهن علائقن ۾ ڪو ڊي سي، ايس پي وغيره مقرر ڪونهي. هيء پوليس جيڪا مخالف ٻڌڻ ۽ ڇوڙڻ ۾ پوري آهي ڪٿي هئي. ٻيو ته قبائلي جهيڙن جي شوقين سردارن (انسان دشمنن، جن جي گهڻائي اسمبلين جي ميمبر آهي) کي لغام ڏيڻ وارا قانون سڀ ستل هئا! سوشل ميڊيا تي اهي خبرون آهن ته انهن مري ويل ماڻهن جا ايڪونجاه ٻار يتيم ٿيا آهن. اهي ايڪونجاه ٻار اڳتي هلي ڇا ڪندا. ڪير انهن جي پرگهور لهندو يا ته اهي (الله نه ڪري) ڌاڙيل ٿيندا يا انهن جون ملڪيتون ڦٻائڻ لاء اهي ماريا ويندا پنهنجن ئي مائٽن هٿان. گهڻو امڪان اهو آهي ته انهن جون ملڪيتون اهي ئي سردار قبائلي تحفظ ڏيڻ جي نالي ۾ ڦٻائي ويندا جيئن اڳي ٿيندو آيو آهي.
ڇا ڪيفيت هوندي، ڇا ماحول هوندو، ڇا سوڳواري هوندي جڏهن ايترا لاش گڏ کنيا ويا هوندا. ڪيترين مائرن ڀينرن جا جگر ڳريا هوندا. اهي مائرون اهي ڀينريون جيڪي هاڻي روز مرنديون. ڇا سوچينديون هونديون اهي بيواه ٿيل عورتون، ڪنهن کي اندازو آهي. انهن جي هڪ هڪ ساه ۾ ڪيترا رنج هوندا. اها به پڪ آهي ته مرندڙ ڌر جا سردار وري پنهنجي برادري جنهن کي قوم جو نالو پيو ڏنو وڃي ڪٺ ڪوٺائي بدلي جون تياريون ڪندا هوندا. پنهنجي معيشت کي مضبوط ڪرڻ لاء گهر گهر چندا ڪندا هوندا. انهن جا ڪارندا حالتن کي وڌيڪ خوفناڪ بڻائي سڀني کي ٻڌائي انهن جي گهر ۾ پيل ان داڻا ۽ مال مويشي وڪڻي به وڏيري/سردار کي ڏيڻ جا سبق ڏيندا هوندا. هي صورتحال عام ماڻهو لاء تباهي جو پيغام ۽ سردار لاء خوشحاليء جو پيغام آهي.
21.05.2021