اسيمبلين جا اجلاس به پٽ تي ٿيڻ گهرجن
ڪالهه جي اخباري سرخيء موجب سنڌ جي سرڪار سڳوريء هاء ڪورٽ ۾ اعتراف ڪيو آهي ته سورنهن لک ٻار زمين يعني پٽ تي ويهي علم پرائي رهيا آهن. علم جنهن لاء اسان جي نبي سائين فرمايو ته اوهان منجهان ڀلو اهو آهي جيڪو عمل سکي ۽ سيکاري. علم جنهن جا پاڻ سڳورا عاشق هئا. حڪومت سنڌ وڌيڪ فرمايو ته گذريل اٺن سالن ۾ ٻارڙن لاء هڪ ڊيسڪ به ناهي ورتي. اخبارن واري خبرن جي بنياد تي سوشل ميڊيا تي به هن موضوع تي تمام گهڻو مواد ڏٺو ويو آهي.
جيڪڏهن دنيا جو سڀ کان ڀلو عمل يعني علم سکڻ ۽ سيکارڻ جو عمل پٽ تي ٿي رهيو آهي. استاد ڀڳل ٽٽل ڪرسي تي ويهي ٿو. ڪرسي اڳيان پيل ميز ڀڳل/ ٽنگن بدران سرن تي بيٺل آهي ته اسمبلين جا اجلاس به پٽ تي ٿيڻ گهرجن. هي غريبن جا هڏڏوکي، همدرد، غريبن (اليڪشني لفظن جا جادوگر) جا يار به پٽ تي ويهن ۽ اتي اهڙيون جهڳيون هڻن جهڙيون هو اسمبليء ۾ هڻندا آهن. جيڪو خوبصورت ڳالهائڻ هو اسمبليء جي عمارتن کي بخشيندا آهن اهو پٽ تي ويهي اسان کي بخشين.
انهن کي ڪنهن اجازت ڏني آهي ته ڪروڙين روپيا رڳو پنهنجي ويهڻ واري آفيس کي خوشبودار بڻائڻ تي خرچ ڪن. آرام ڏيندڙ (ننڊ ڏياريندڙ) ڪرسين تي ويهن (سڄي دنيا ڄاڻي ٿي اسان جي اسمبلين ۾ ننڊ گهڻي ڪئي ويندي آهي) ٻارڙن جي اسڪول لاء آيل فرنيچر جا پيسا کائي دنيا جي ملڪن جا سفر ڪن ۽ اتي عياشيون ڪن.
پنهنجا ٻارڙا فائيو اسٽار هوٽلن جهڙن اسڪولن ۾ پڙهائي انهن جي ٻارڙن کي پٽ تي ويهي علم پرائڻ تي مجبور ڪن جن کين ووٽ ڏيئي اسمبليء ۾ وڃڻ جهڙو بڻايو. ٻين لفظن ۾ انهن جو احسانمند هجڻ بجاء انهن کي، انهن جي مستقبل کي تباه ڪن. اڃان ٿورو وڌيڪ ته پنهنجا محسن ڪش بڻجن. ڳالهه ته اڃان اڳتي به آهي پر تڪبر ۽ غرور سبب هو ٻڌڻ جي سگهه ڪونه رکندڙ آهن.
اهو مسئلو رڳو سنڌ جو ڪونه هوندو اهو سڀ سموري پاڪستان ۾ ٿيندڙ هوندو ۽ پڪ سان جتي به ٿيندو هوندو اتان ڪونه ڪو ايم اين اي، ايم پي اي، سينيٽر ضرور چونڊبو هوندو. اهو ڪنهن نه ڪنهن جو تڪ هوندو جنهن لاء هو وڏي فخر سان چوندا آهن ته هي منهنجو آبائي تڪ آهي. آبائي تڪن جو حشر اهو آهي جو اتي ٻارڙا پٽ تي ويهي علم پيا پرائين. اها ٻي ڳالهه ته انهن اسڪولن ۾ استاد/هيڊ استاد/سئيپر پنهنجا ماڻهو رکرايل اٿن جيڪي يا ته بنگلي تي نوڪري پيا ڪن يا پنهنجي برادري جنهن کي اڄ ڪلهه قوم جو نالو ڏنو پيو وڃي ان سان تعلق رکندڙ هجن ٿا. سنڌي قوم، بلوچ قوم وغيره ختم هاڻي قبيلا ۽ ذاتيون قومون پيون سڏجن. هن مڪروه سوچ پويان به اهي ئي آبائي تڪ رکندڙ ماڻهو آهي اهي ئي غريبن جا هڏڏوکي آهن.
ان کان اڳ بند پيل اسڪولن جو مسئلو جيڪو ڪيترن سالن کان هلندڙ آهي اهو به اڃان تائين حل ڪونه ٿيو آهي. آبائي تڪن ۾ موجود ڪيترائي اسڪول بند آهن انهن عمارتن تي قبضا آهن. اهي مينهن جا واڙا بڻيل آهن. ضلعي ناظميء جهڙي انسان دشمن عهده گهڙيندڙ مشرف جا تحفا ان وقت سموريون طاقتون رکندڙ هوندا هئا مٿيان گهڻا ڪم ان ئي دور جي پيداوار آهن پر موجوده حڪومت جيڪا ڪيتري ئي وقت کان سنڌين مٿان حڪومتي وڏيرا مڙهيندڙ آهي ان به ڪو ٻوٽو ڪونه ٻاريو آهي. کين اها سڌ ڪونهي ته ڀٽي جو قرض سڏجندڙ نعرو پنهنجي وقعت وڃائي ويهندڙ آهي. نياڻيء کي ووٽ ڏيو وارو نعرو به پنهنجو ملهه وڃائي ويٺل آهي جيڪڏهن ڪو نعرو سدا بهار آهي ۽ رهندو ته اهو پنهنجي ڪارڪردگيء وارو هوندو. ڪجهه ڏيندڙ هجو ته ڪجهه وٺندڙ بڻجي سگهو ٿا نه ته شخصيت جو سحر پنهنجو ملهه وڃائي ويهڻ ۾ دير ڪونه لڳائيندو.
23.04.2021