... ۽ بليڪ لسٽ ڏانهن سفر جاري آهي
هو رڙيون ڪندو رهيو ته مان مسلمان آهيان، مان به آخري نبي جو امتي آهيان منهنجا ننڍڙا ٻچا روزانو قران مجيد پڙهڻ ويندا آهن پر هن کي ڪنهن به مسلماني جو سرٽيفڪيٽ نه ڏنو ۽ قانون نافذ ڪندڙ قانون مٿان تاريڪ راهن ۾ ماريو ويو. گذريل ٻه چار ڏينهن اهڙا جملا سوشل ميڊيا تي انساني شعور کي جهنجهوڙيندا رهيا. رڳو هي ڪونه ٻيا به ڪيترا ئي بيگناه تاريڪ راهن ۾ ماريا ويا جن کي موت جي ننڊ سمهارڻ وارن کي به اها خبر ڪونهي ته انهن جو ڏوه ڪهڙو هو.
ڳالهه فرانس جي سفير کي نيڪالي ڏيڻ تان شروع ٿي، ڌرڻا لڳا، احتجاج ٿيا، روڊ بند ٿيا، شهري پريشان ٿيا ۽ “معاهدو” ٿيو ته اوهان جي ڳالهه مڃي ويندي پر ڪجهه وقت مهلت ڏيو ۽ قانون (جيڪو انڌو ۽ طاقتور هوندو آهي) کي مهلت ڏيڻي پيئي. هن ڌرڻي هڪ همراه جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو. همراه تي ڪيس هليا آخري نتيجي طور هو ملڪ کان ٻاهر هليو ويو ۽ ساڳي ڌرڻي ٻي همراه کي حڪومت ۾ آڻڻ جي راه هموار ڪئي. ڏٺو وڃي ته هلندڙ حڪومت ڌرڻن جي ئي ڌيء آهي. ڌرڻن وارا ئي وزير مشير آهن اها ٻي ڳالهه ته هاڻي اهي ئي وزير اهڙن ڌرڻن تي ڪڙڪي پون ٿا ۽ ساڳين ماڻهن کي ساڳي ڏوه ۾ “شاباس” ڏيندڙ ان تي پابندي هڻن ٿا.
فرانس جي سفير کي نيڪالي ڏيڻ اسان جي وس جي ڳالهه به ڪونهي. ان جي آفٽر افيڪٽس جو مقابلو ته پري رڳو ان جو تصور به خواب ۾ شينهن اچڻ جيترو ڀوائتو آهي. باقي ٻي ڳالهه اها ٿي ته فرانس وارن پنهنجي شهرين کي ۽ پنهنجي عملي کي هتان نڪرڻ جو حڪم ڏنو جنهن کان پوء سفارت خاني ۾ رڳو نالي ماتر عملو رهندو. هاڻي اسان جي حڪومت انهن کي منٿون ڪندي ته سائين ائين نه ڪريو. اسان کي رڻ ۾ نه روليو.
اسان جو ملڪ هن وقت گري لسٽ ۾ آهي جنهن جي رنگ کي ٿورو گهرو ڪري ڪارو ڪري سگهجي ٿو ۽ فرانس ان جماعت جو ميمبر آهي. هر دفعي (ٽين چوٿين مهيني کان پوء) اها جماعت سڌرڻ جي وارنگ ڏيئي اسان کي ساڳي رنگ ۾ رکڻ جي مهلت ڏيندي رهي ٿي) ڪاري رنگ کان پوء اسان دنيا ۾ ائين نظر اينداسين جيئن ڪاري مينهن رات جي اونداهيء ۾. اٿوپيا ۽ فغانستان جهڙا ملڪ به اسان جي سامهون ڪنڌ مٿي ڪري گهمي اسان مٿان پيا ٽوڪون ڪندا. سعودي عرب ڪاوڙ ۾ اچي جهڙيء ريت پنهنجي پيسن جي گهُر ڪئي اهڙي گهر جيڪڏهن فرانس ڪئي ته اسان ڳولهي به ڪونه لڀنداسين. اسان جي معيشت جيڪا اڳ کي اسٽريچر تي آهي اها ڪوما ۾ هلي ويندي ۽ دنيا جو ڪوبه وينٽيليٽر کيس گيس فراهم ڪري ڪونه سگهندو. انهن سڀني ڳالهين کان وڌيڪ اهو سوال پريشان ڪندڙ آهي ته آخر اوچتو ئي اوچتو اهڙا ماڻهو ڪٿان نڪري اچن ٿا جن جي هٿن ۾ لٺيون آهن ۽ اهي جڏهن چاهين جنهن کي چاهين زندگيء جي خاتمي جو سرٽيفڪيٽ ڏين. اک ڇنڀ ۾ روڊ بند ڪن، ايمبولنس کي به رستو نه ڏين (ايمبولنس جنهن لاء دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ رستي روڪ منع آهي اسلام ته زندگين جو محافظ مذهب آهي سلامتيء جي معنى رکندڙ آهي. ان جا نعرا هڻندڙ اهڙا عمل ان جي نالي ۾ ڇو پيا ڪن، ڪنهن جي ٽيڪ تي پيا ڪن). ايندڙ ويندڙ ماڻهو ته پري جي ڳالهه ڪنهن اسپتال جي ايمرجنسي (جتي اڳ ئي اهڙا ماڻهو داخل هوندا آهن جيڪي انتهائي نازڪ حالت مان گذرندڙ هوندا آهن جن کي رڳو هلڪو اشارو به ماري سگهي ٿو) تي حملا ڪن. ڇا رياست ايتري ڪمزور آهي جو قانون نافظ ڪندڙ ورديء سميت گهليا وڃن انهن کان پنهنجي مطلب جا نعرا هڻايا وڃن!
ڇا اسان جو وزيراعظم صاحب جيڪو سدائين چوندو رهندو آهي ته مون وٽ اهڙي ٽيم آهي جيڪا سموري دنيا منجهان سرمائيدار ڳولهي آڻيندي. ٻاهرين سيڙپ ڪاري عروج تي آڻي ڇڏيندي ته ڇا اهڙي ٽيم (جيڪا اڄ تائين دوربين ۽ خوردبين سان به نظر ڪونه پيئي اچي) اهڙن سيڙپڪارن کي وٺي اچڻ ۾ ڪامياب ٿيندي. جيڪڏهن ڪنهن هڪ به اهڙو سوال ڪري وڌو ته “اسان جي زندگيء جو سوال اسان جي موڙيء کان وڏو آهي اها ڪيتري محفوظ هوندي” ته اسان جا وزير پهنجا کليل وات کڻي ڊوڙندا واپس پهچي ويندا. ڪو جواب انهن وٽ ڪونه هوندو. ڇا اهو چوڻ ته اسان اهڙين تنظيمن تي پابندي هڻي ڇڏي آهي دنيا قبوليندي!
پر ڇا اهو سڀ پهريون دفعو ٿيو آهي. ڇا اهو ٻيهر ڪونه ٿيندو. ڇا اهڙين تنظيمن تي پابندي جي تاريخ ڪونه پيئي ٻڌائي ته اهي سڀ ڪنهن ٻئي نالي سان وري ساڳيا ڪم ڪندا رهيا آهن. ان ڳالهه کان به وڏو سوال اهو آهي ته ڇا دنيا ان قسم جي تنظيم مٿان ان قسم جي پابنديء کي ائين جو ائين سمجهندي. نه ڪڏهن به نه. دنيا جي ماڻهن/ملڪن کي اسان جي تاريخ ان تي اعتبار ڪرڻ ڪونه ڏيندي.
16.04.2021