هي لانگ مارچ ڪنهن جي خلاف پيا ٿين!
فارسيء جي هڪ چوڻي آهي ته “من ترا قاضي بگويم، تو مرا حاجي بگو” يعني مان توکي قاضي چوندس تون مونکي حاجي چوندو ڪر نتيجي طور عوام اسان ٻنهي کي قاضي ۽ حاجي سمجهندو، اسان مٿان چڙهيل قلعي نه لهندي گڏيل لٽ ڦر جو سلسلو جاري رهندو. هوبهو ساڳي تصوير اسان جي هن ملڪي سماج جي آهي جتي ٿيندڙ هر عمل آخري طور عوام جي کيسن ڪترڻ لاء ئي آهي. مٿئين چوڻيء کي جيڪڏهن ابتو ڪجي ته مطلب ٿيندو تون منهنجي خلاف مارچ ڪر مان تنهنجي خلاف نتيجي ۾ عوام منجهي پوندو ته اصل ڏوهي ڪير آهي. عوام نوان بحث شروع ڪندو هنڀوشيون هڻندو پر ڪنهن نتيجي تي ڪونه پهچندو جنهن جو آخري فائدو وري به اسان کي ئي ٿيندو ڇو ته ڪيتري ئي ڊگهي بحث کان پوء نتيجو اهو ئي نڪرندو ته ايم اين اي/ايم پي اي ساڳيا ئي هوندا رڳو جهنڊو بدلائي اداڪاريء جا جوهر ڏيکاري لٽ ڦر وارو ڪم اتان شروع ڪندا جتي ڪنهن ٻي پارٽيء جي ٽڪيٽ تي ميمبر چونڊجڻ وقت ڇڏيو هئائون.
پي پي جو لانگ مارچ ڪراچيء کان اسلام آباد ڏانهن ٿيندڙ آهي جڏهن ته پي ٽي آء جو مارچ وري سنڌ جي هڪ سرحدي شهر کان ٻئي شهر ڏانهن جاري آهي ٻنهي مارچن کي ڏسي عوام وائڙو ٿي ويل آهي ته ڪير سچو ڪير ڪوڙو. ٻنهي جا نعرا/ڳالهيون هڪ ٻئي خلاف جيڪي اصل ۾ ان جي پنهنجي لاء سچ آهن. پي ٽي آئي جيڪا اڄ تائين سنڌ دشمنيء ۾ ٻه وکون اڳتي رهي آهي، خود وزيراعظم ڪڏهن چڱو ڳالهايو به ڪونهي سنڌ کي فائدو ڏيڻ ته پري جي ڳالهه، اها پارٽي سنڌ جي عوام کي حق ڏيڻ لاء شاه محمود قريشيء جي سربراهيء ۾ جلسا جلوس پيئي ڪري ۽ پي پي جيڪا سنڌ صوبي جي خسته حاليء جو وڏو سبب آهي جيڪا صوبي کي کنڊرات بڻائي چڪي آهي پاڻ بدانتظاميء جو ماڊل آهي اها وري پي ٽي آئي تي ساڳيا الزام هڻي بلاول ڀٽي جي سربراهيء ۾ جلسا جلوس ڪري رهي آهي ۽ عوام “ويچارو” بڻجي ٻنهي ڏانهن رحم جوڳين نگاهن سان پيو نهاري ۽ جلوسن ۾ هلندڙ گاڏين جي شاه خرچين تي غور پيو ڪري، اهو پيسو ڪنهن جو آهي جيڪو پاڻي وانگر وهايو پيو وڃي. ڇا ڪا پارٽي پنهنجي فنڊن مان اها خرچ پيئي ڪري نه اهي خرچ ڦري گهري عوام جي ئي کيسي کي پيا خالي ڪن. جلسن جلوسن ۾ جيڪي تقريرون ٻنهي طرفن کان ٿين پيون اهي به ٻڌڻ جهڙيون آهن جن کي ٻڌي اهو فيصلو نه ٿو ڪري سگهجي ته انهن تي کلجي يا ملڪي بدنصيبيء تي روئجي. ٻيئي جتي ٻيون ڳالهيون ڪري رهيا آهن اتي هڪ ٻئي تي ڪرائي جا ماڻهو گهرائي جلسي گاهن کي ڀرڻ جا الزام به هڻي رهيا آهن جيڪي ڳالهيون سوشل ميڊيا تي هلن پيون.
انهن جلوسن پويان تبديليءَ جي نالي ۾ ساڳين وزيرن مشيرن ميمبرن کان عوام کي ڦرائيندڙ وزيراعظم صاحب خلاف بي اعتماديء جي رٿ جو ڳالهيون پڻ هلي رهيون آهن جيڪا روزانو جي بنياد تي دلچسپ شڪل وٺندي پيئي وڃي. اهڙي صورتحال ۾ شاه محمود قريشيء جو اسلام آباد کان ٻاهر هجڻ به معنى رکندڙ آهي. هي سائين رڳو ملڪ جي وزيرخارجه جي عهدي تي ويٺل ڪونهي ان سان گڏوگڏ هي پي ٽي آء ۾ نائب جو عهدو رکندڙ به آهي. ٻيو ته جهاز ۾ ماڻهو کڻي پهچائيندڙ ۽ اي ٽي ايم چَوَرائيندڙ به هن وقت ملڪ کان ٻاهر ويٺل آهي اهي ٻيئي ڳالهيون عدم اعتماد واري منصوبي کي وڌيڪ دلچسپ بڻائي رهيون آهن.
پي پي ۽ نواز ليگ جن لاء سوشل ميڊيا مطابق موجوده ايم اين اي/ايم پي اي سمجهن ٿا ته سڀ ڪجهه اشاري تي پيو ٿئي پنهنجو مستقبل محفوظ بڻائڻ لاء هٿ پير هڻي رهيا آهن. انهن ميمبرن کي پنهنجي ئي پارٽيء جي وزيراعظم خلاف ووٽ ڏيڻ جي قيمت طور ايندڙ اليڪشن ۾ کين پارٽي ٽڪيٽ ڏيڻ جا معاهدا پيا ٿين. اتي هڪ سوال پيدا ٿئي ٿو ته پرائي حڪومت واري دور ۾ پارٽيء جو ڏکئي وقت ۾ ساٿ نه ڇڏيندڙ ڪهڙي منهن سان پنهنجي ڪارڪنن کي ووٽ ڏيڻ لاء چئي سگهندا. مثال طور نوازليگ جي هڪ ميمبر کان پي ٽي آء جي ٽڪيٽ رکندڙ همراه اليڪشن کٽي ميمبر/وزير/مشير ٿيو. ٽي چار سال پنهنجي عهدي تي رهندي جاوا ڪندو رهيو. اشارو ملڻ تي پنهنجي ئي وزيراعظم خلاف ووٽ ڏيڻ جي نتيجي ۾ نون ليگ جي ٽڪيٽ وٺي عوام وٽ پهتو ته ان جو ڇا ٿيندو جيڪو هارائي پنهنجي تڪ جي ڪارڪنن سان عذاب ڪاٽيندو رهيو. هاڻي جڏهن ٽڪيٽ وري ان جي مخالف کي ملي آهي ته هو ڪهڙي منهن سان پنهنجي ڪارڪنن کي چوندو ته ووٽ ڪنهن کي ڏيڻو آهي. اهو پنهنجي حريف جي اليڪشني مهم ڪيئن هلائي سگهندو. انتهائي غور سان ڏٺو وڃي ته ملڪ جي سموري تاريخ اهڙن ئي “ڪارنامن” سان ڀريل آهي ۽ اهڙن ئي ڪارنامن هن ملڪ جي شڪل اهڙي بيهاري آهي جو نه ته دنيا ۾ ڪو ملڪ هن جو دوست نه وري پنهنجي ملڪ جو عوام.
04.03.2022