باقي ٽيهتر سالن ۾ ڪهڙي ترقي ٿي آهي!؟
اخباري خبرن موجب مڪاني کاتي واري وزير سيد ناصر حسين شاه صاحب جن فرمايو ته محترم بلاول ڀٽي زرداري صاحب جن خاص هدايتون ڏنيون آهن ته ڪراچي شهر جي پاڻيء جو مسئلو ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو وڃي. (عوام کي ته اهو احساس ڀلي ڀت ٿي چڪو آهي ته حڪمرانن پاران ڳالهايل جملا گهڻو ڪري اجايا هجن ٿا پر حڪمرانن کي اڃان اهي روايتي جملا ڳالهائيندي اهو احساس ڪونه پيو ٿئي ته سندن جملا پنهنجو اثر وڃائي چڪا آهن. وزيرن کان وزيراعظم تائين روزانو ڳالهايا ويندڙ جملن ۾ “ترجيحي بنيادن تي” لفظن جو واڌارو ڪندي سڀني ضرور ٻڌو هوندو. جتي وڃن ٿا اتي چون ٿا ته هن علائقي جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا. (خاص طور تي وزيراعظم صاحب وڏي نڪ جي پڪائيء سان اهو چوندو رهندو آهي) پوري ملڪ جي هر شهر، ڳوٺ، وستي واهڻ ۾ وزير وڙا روزانو پيا اهڙا اعلان ڪن...انهن ڳوٺن، وستي واهڻن، شهرن جي حالتن تي ڪونه ٿا لکون ڇو ته اها سڀني کي خبر آهي ته انهن جو ڇا حشر ڪيل آهي) جنهن لاء برطانيا جي دور جا ڊملوٽي وارا کوه وري بحال ڪيا ويندا جيڪي انگريز سرڪار جي وقت ڪراچيء کي پاڻي ڏيڻ لاء استعمال ڪيا ويندا هئا. ان لاء لاڳاپيل سيڪريٽري پنهنجي عملي سميت ان جو دورو به ڪيو.
سوال اهو آهي ته وري به برطانوي دور (يعني غلاميء واري دور!) جون شيون/سسٽم ئي ڪم پيا اچن. ان وقت جي ڪراچيء جي آبادي ۽ اڄ جي آبادي زمين آسمان واري وٿي کان به وڏي آهي. مان ڳالهه اها ڪرڻ چاهيان ٿو ته ان وقت جي حڪمرانن اهڙا پلان جوڙيا هئا جيڪي گهڻي وقت لاء هئا يعني اسان وانگر رڳو شارٽ ڪٽ/ڪم ٽپائڻ واريون ڳالهيون ڪونه هيون.
سن ٻه هزار ڏه واري ٻوڏ (جنهن کي مها ٻوڏ جو نالو ڏيئي، واويلا ڪري دنيا مان ايندڙ مال تي هٿ صاف ڪيا ويا) وقت به چيو ويو ته جيڪڏهن پاڻيء کي پراڻو (غلاميء جي دور وارو) رستو (جيڪو ٺاهيو ئي اهڙي وقت لاء ويو هو) ڏنو وڃي ها ته شايد ايتري تباهي ڪونه اچي ها. ڪشمور ۽ سکر جي وچ واري علائقي وٽان سهڻي سنڌوء جي کاٻي پاسي کان اهي گس موجود آهن جيڪي پاڻي کي سلامتيء واري صورت ڏيئي سمنڊ تائين پهچائي سگهن ٿا. اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن گسن تي به اسان جي حڪمرانن (ڀلن انسانن) قبضا ڪيا آهن بلڪل ائين جيئن ماحولياتي نظام کي برقرار رکڻ لاء قدرتي طور موجود ٻيلن تي قبضا ڪيا ويا آهن جن کي اهڙي طرح تباه برباد ڪيو ويو آهي جو انهن کي هاڻي ٻيلي جو نالو نه ٿو ڏيئي سگهجي. رڳو ڪجهه وڻ (هتي هُتي) وڃي بچيا آهن.
سن اوڻيويهه سو ٻٽيهن ۾ ٺاهيل بيراج جي نئين سر تعمير هڪ وڏو بحث رهيو آهي. سنڌ ۾ آبپاشيء جي جوڙيل شاندار نظام جو هڪ شاهڪار هيء بيراج پنهنجي عمر چوڙي چڪي آهي. اها بيراج هاڻي مرمت جوڳي هجڻ کان هڪ قدم اڳتي آهي پر رڳو ڳالهيون ئي پيون ٿين ڪو عملي قدم اڃان تائين ڪونه کنيو ويو آهي. عملي قدم نه کڻڻ پويان ڀلي ڪوئي رقم جي نه هجڻ کي سبب بڻائي پر اصل ۾ اهڙي ڪم ۾ هٿ نه وجهڻ جو سبب ڪم جو تڪميل نه ٿيڻ لاء پاڻ مٿان اعتماد جي ڪمي آهي. هنن کي (مجموعي طور اسان سڀني کي) برطانوي ماڻهن جي مقابلي پنهنجي صلاحيتن تي ڀروسو نه رڳو گهٽ پر بلڪل ڪونهي. اهو به اٽڪل هڪ سو سالن کان پوء جڏهن ٽيڪنالاجي جي حساب ۾ فرق ڏينهن رات کان به وڌيڪ آهي.
برطانوي دور جو هڪ ٻيو شاهڪار ريل جو سونهن ڀريو نظام آهي جنهن کي اسان اڳتي ته ڪونه وڌايو پر ان جي تباهيء ۾ ڪا ڪسر ناهي ڇڏي. هندستان، بنگلاديش پاڪستان ۾ گڏيل طور ٺاهيل هي نظام اهڙو آهي جتي اسان جي سوچن کان تمام گهڻو مٿي جتي اسان جي ظاهري اک ڇا اسان جي باطني اک به پهچي ڪانه سگهندي. هزارين ڪلوميٽرن تي وڇايل پٽڙيون، پليون، سرنگون (جن تي انهن انجنيئرن پنهنجي گهر وارين/محبوبائن جا نالا لکرايا) اڄ به شاهڪار ليکجن ٿا. اسان جي ملڪ ۾ ٿيندڙ ريل جا ٿيندڙ حادثا/ايڪسيڊنٽ اسان واري عملي جي لاپرواهي سبب ٿيندا آهن نه ته ٺاهيندڙن پاران ڪا گنجائش آهي ئي ڪونه. جيڪڏهن رڳو ٺاهيل قانونن تي عمل ڪجي ته ممڪن ئي ڪونهي ته ڪو جاني نقصان ٿئي پر هتي انسان ۽ انسانيت جو قدر آهي ئي ڪونه ان ڪري اهڙيون لاپرواهيون ڪيون وڃن ٿيون جو وقت به وقت ڪيتريون ئي قيمتي جانيون ضايع ٿيو وڃن.
اهي سڀ ڳالهيون ڳڻي سدائين اهڙا سوال ذهن ۾ ايندا رهن ٿا ته ملڪ ٺهڻ کان پوء اسان ڪهڙي ترقي ڪئي آهي. هي روزانو جي بنياد تي ٿيندڙ وڏيون وڏيون ڳالهيون رڳو غلط بيانيون ئي آهن! پنهنجي عوام سان ڪوڙ ڳالهائي آخر اسين ڪنهن کي ڌوڪو ڏيئي رهيا آهيون. هي اسان جا حڪمران جيڪي صادق امين پيا سڏرائين ڇا اهي صادق امين لفظن جي توهين نه آهن..... اهڙا سوال اڄ نه ته سڀاڻي کليل طور تي پڇيا ويندا ۽ ضرور پڇيا ويندا.
04.06.2021