ڇا وڪيل ئي آخري اميد آهن!
ها! وڪيل ئي آخري اميد آهن. وڪيل علامت آهي قانون جي ۽ قانون علامت آهي انصاف جي ۽ انصاف سماج جي جيئڻ جي ضمانت ڏيندڙ آهي. دنيا جا سڀ سڌريل سماج قانون جي حڪمراني سبب ئي ترقيء جون منزلون پيا طيء ڪن. ان جي ابتڙ اسان جو سماج جيڪو هڪ منجمد/ڄميل سماج جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي ان جي هيء ڀيانڪ صورت ان ڪري ئي آهي جو هتي انصاف سستو ڇا مهانگو به ملڻ هڪ معجزو آهي.
اڄڪلهه سوشل ميڊيا تي ٻه تقريرون باه ٻاريو بيٺل آهن جن مان پهرئين نمبر تي علي احمد ڪرد صاحب جي تقرير جنهن وائرل ٿيڻ جا رڪارڊ قائم ڪيا آهن. هيء تقرير (ڪجهه حصن ۾) ايترو وائرل ٿيل آهي جو جنهن ڪنهن ڏانهن موڪلي ته وري اها تقرير ڦرندي ڦرندي اچي ساڳي ماڻهو سان شيئر ٿي.
هيء تقرير لاهور ۾ ٿيل انساني حقن جي علمبردار مرحومه عاصمه جهانگير جي ياد ۾ ڪوٺايل ڪانفرنس ۾ ڪئي ويئي. هن تقريب ۾ چيف جسٽس سميت اٽڪل سڀني پارٽين جا نمائنده/سربراه موجود هئا. ڪرد صاحب جي نهايت ئي جذباتي تقرير قانون جي حڪمرانيء لاء ئي آهي. قانون جي حڪمراني اسان جي ملڪ مان ڏينهون ڏينهن اڻلڀ ٿيندي پيئي وڃي. هاڻي ته اها هڪ خواب لڳي رهي آهي. تقرير دوران تنقيد جو نشانو عدالتون به هيون ته سگهارا ادارا به.
هيء ڪانفرنس ان وقت ٿي رهي هئي جڏهن اڳوڻي چيف جسٽس جا مبينا “آڊيو ٽيپ” سامهون آيا آهن جن ۾ هن کي ڪنهن ٻئي جج کي اهي هدايتون ڏيندي ٻڌي سگهجي ٿو ته نواز شريف ۽ مريم نواز کي جيل مان ٻاهر نه اچڻ گهرجي ڇو ته هن جي جڳهه تي ڪنهن ٻئي کي وزيراعظم بڻائڻ جو پروگرام رٿيو ويو آهي. سوشل ميڊيا تي آيل اهڙين دعوائن جا لفظ ٻيا ٿي سگهن ٿا پر مطلب اهو ئي يعني مٿي بيان ڪيل آهي.
آڊيو ٽيپس کان پوء اخباري خبرن مطابق ان آڊيو جو فرانزڪ تجزيو ڪندڙ آمريڪي ڪمپنيء کي ڌمڪيون مليون آهن. آمريڪي ڪمپنيء گيرٽ ڊسڪوري پنهنجي ٽوئيٽ پيغام ۾ ٻڌايو ته اسان کي آڊيو جي تصديق ڪرڻ کان روڪيو ويو باز نه اچڻ جي صورت ۾ زندگي جي خطري جي ڌمڪي ڏني ويئي. اها اخباري خبر پنهنجي اندر به وڏي ڪهاڻي رکي ٿي ۽ گهڻو ڪجهه ٻڌائي ٿي. اها ڪمپني ڪوڙ پيئي ڳالهائي يا سچ پر ملڪي تاريخ ٻڌائي ٿي ته اڳي ائين ئي ٿيندو آيو آهي يعني ڏوه جا نشان ئي ختم ڪيا ويندا رهيا آهن.
ان کان هڪ قدم اڳتي جي اها خبر به آهي ته اهي آڊيو ٽيپ ليڪ ڪندڙ صحافي عورت تي لاهور ۾ حملو به ٿيو آهي.
عدالتن تي اهڙا الزام ڪي نوان ڪونه آهن. جسٽس منير/مولوي تميزالدين ڪيس (جنهن جو ذڪر هاڻي ايترو عام ڪونهي ڇو ته ان جي مقابلي ۾ سو سيڪڙو وڌيڪ ڀيانڪ ڪيس سامهون ايندا رهن ٿا) کان وٺي ذوالفقار علي ڀٽي جي ڦاهيء واري ڪيس ۾ ان وقت جي ججن اهڙو اعتراف ڪيو آهي ته انهن فيصلا دٻاء هيٺ ڪيا. ٿورن لفظن ۾ اهو ته عدالتن تي آڱريون ملڪ ٺهڻ جي پهرئين ڏينهن کان کڄنديون رهيون آهن.
ٻي تقرير قومي عوامي تحريڪ جي سربراه اياز لطيف پليجي صاحب جي هئي جنهن چيو ته سنڌين کي هاڻي 1935 واري هندستاني ايڪٽ جيتري به ڪونهي. هن چيو ته اسين ڪٿي آهيون، هن ملڪ ۾ پنهنجو وجود به رکون ٿا يا نه. اسان سان مفتوح قومن وارو ورتاء ڪيترا خراب نتيجا ڏيندو ملڪ جي حڪمرانن کي ان جو اندازو به ڪونهي. هن چيو ته اڳي به ملڪ جي ڪن رهواسين کي چار-پنج فوٽ جو سمجهندي اهڙو ورتاء ڪيو ويو.
ان کان اڳ سنڌ جو هر هڪ ڪيس به هڪ قانوندان/وڪيل محترم رسول بخش پليجو وڙهندو رهيو جنهن جي جرئت سان ڳالهائڻ جا دشمن به مداح هئا. اهو ڪيس ڪالاباغ ڊيم جو هجي يا بهارين جي آبادڪاري جو، هي ماڻهو ئي ديوار بڻيو رهيو ۽ ان پويان قانون جي ڄاڻ ئي هئي جنهن کي هن طاقت ۾ تبديل ڪيو.
اهڙيون جرائت ڀريون تقريرون رڳو وڪيل ئي ڪري سگهن ٿا. تازو مدر نيچر/امڙ فطرت جو بچاء ڪندي بيدرديء سان ماريل ناظم جوکئي جي قتل خلاف ادا ڪيل ڪردار به اهو يقين ڏياريو آهي ته وڪيل هن سماج کي “نه” ڪري سگهي ٿو.
هڪ اهڙي “نه” ڊڪٽيٽر مشرف جي خلاف به وڪيلن ئي ڪئي هئي جڏهن هڪ جج جي “نه” جي بچاء ۾ تحريڪ هلائي ويئي جنهن تي موجوده وزيرداخله (سدا بهار وزير) تبصرو ڪندي چيو هو ته ڪارن ڪوٽن وارن سان ڦٽائڻ نه گهرجي.
هن وقت ملڪ جنهن دور مان گذري رهيو آهي ان جو اندازو حڪمرانن کي ڪرسيء جي مستيء ۾ ڪونه آهي پر زميني حقيقتون ٻڌائين پيون ته اقتصادي حالت تمام گهڻي خراب آهي. آء ايم ايف کان قرض وٺي ملڪ کي هلائڻ انسان کي آڪسيجن تي هلائڻ برابر آهي. هر ماڻهو جو خيال آهي ته تبديلي هڪ فراڊ ثابت ٿيو آهي.
ملڪ ۾ قانون نالي ڪا شيء ڪونهي، روزانو جون اخبارون لاقانونيت جي خبرن سان ڀريون پيون آهن. اخبارون لاشن سان ڀريل آهن، اخبار پڙهندي گمان ٿو ٿئي ته اخباري خبر وارو مقتول اخبار پڙهندڙ پاڻ آهي. هن کي شبهو ٿئي ٿو ته سڀاڻي واري خبر ۽ تصوير هن جي ئي هوندي. ان صورتحال ۾ وڪيل ئي هن ملڪ کي بچائي سگهن ٿا.
26.11.2021