ايڪيهين صديء ۾ ماڻهو سڙي مرن ٿا!
ڌرتيءَ جي گولي تي اڃان تائين هڪ بدنصيب ملڪ آهي جتي ايڪيهين صديء ۾ ماڻهو سڙي مرن ٿا جتي جائن جڳهن جو سڙڻ ڪنهن ليکي ۾ ڪونهي، جتي جانورن جو سڙي مرڻ ڪنهن ليکي ۾ ڪونهي جتي ڪيترا ڪلاڪ باه جاري رهي ٿي پري پري تائين فائربرگيڊ جو نالو نشان ڪونهي وارث بيوس ٿي پنهنجا پيارا سڙندي ڏسن ٿا. جتي جا اکين، ڪنن ۽ ضميرن کان وانجهيل حڪمران جمهوريت ذريعي عوام کان بهترين انتقام وٺڻ ۾ مصروف آهن انهن کي عوام لاء وقت ئي ڪونهي. عوام عوام جي تسبيح پڙهندي جمهوريت تي راتاها هڻندڙن کي تمغا ڏيئي انهن جي در جي چائنٺ چمندا رهن ٿا.
ڇا ڪيفيت هوندي ان ماء جي جنهن جي سامهون ان جا ٻچا سڙندا هوندا ۽ هوء بيوس ٿي هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙي هوندي آخر هن ٻيئي ٻانهون آسمان ڏانهن کڻي نهاريو هوندو. ڇا ان وقت ان جي ذهن ۾ اها ڳالهه نه آئي هوندي ته اهي دوکي ۽ فراڊ جا ريڪارڊ رکندڙ حڪمران هن جي ڪا واهر ڪين پيا ڪن. ان ماء هن نظام کي دعا ڏني هوندي يا بد دعا جنهن نظام کي ٺاهڻ، ان جي هوس ۾ مرڻ تي شهادت جا ڊراما رچائيندڙ جمهوريت رستي بهترين انتقام وٺي رهيا آهن.
سوشل ميڊيا تي هڪ فوٽو وائرل ٿيو آهي ان فوٽو ۾ هڪ سڙي ڪوئلو ٿي ويل ٻار نظر پيو اچي جنهن کي اها به خبر ڪونه هوندي ته هن کي ڪهڙي ڏوه ۾ ساڙي ماريو ويو آهي. ان ٻار کي هنج ۾ کڻي ان جي ماء تصور پيئي ڪري ته ٿوري دير اڳ به هو هن جي هنج ۾ سمهيل هو، ٿوري دير اڳ به هو پنهنجي سمورين شرارتن سان ڀرپور اکيون کڻي هيڏي هوڏي نهاري رهيو هو. هو هڪ حقيقت هو، هو هڪ امڙ جي اکين ۾ اميد جا ڏيئا ٻاريندڙ هو. هاڻي هو ڪوئلو آهي ٿوري دير کان پوء ان ڪوئلي کي سيني سان لڳائيندڙ عورت کان ان جو مڙس ۽ ٻيا مرد سڀ ملي ان کان اهو ڪوئلو به کسي وڃي ڌرتي ماء حوالي ڪندا. ان کان پوء ان امڙ لاء پاڇي وڃي بچندي ان ٻار جون شرارتون، ان جا ٻاتا ٻاتا ٻول.
فرض ڪريو اهڙي هڪ باه پارليامينٽ (ڪروڙ پتي وڏيرن جي ڪلب) کي لڳي ۽ قانون ٺاهي ان کي مزاق بڻائيندڙ سڙي ڪوئلو ٿين ۽ انهن جا وارث انهن کي ان ئي نظرن سان ڏسن جهڙي نظر سان ان ٻار ڏانهن امڙ ڏسندي رهي ته ان جي وارثن مٿان ڇا گذرندي! اهو تصور ميمبر/وزير مشير ڪري ڏسن. فرض ڪرڻ ڪو ايترو ڏکيو ڪم ڪونهي ۽ گناه به ڪونهي.
ڇا سموري دنيا ۾ حڪمراني ائين ئي ٿيندي آهي جو تڪ جو ايم پي اي، ايم اين اي، وزير وڙا ايترا بيحس ٿي وڃن اهڙو تصور رڳو سنڌ ۾ ئي ڪري سگهجي ٿو. اها به پڪ آهي ته ان ڳوٺ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جي واهر لاء ڪاغذن ۾ فائربرگيڊ جي هڪ فوج ڀرتي ٿيل هوندي جيڪا رڳو بنگلن تي ڪم ڪندڙ هوندي. بنگلي تي حاضري ڀريندڙ علائقي جي چڱن مڙسن کي پاڻي پيئارڻ ته ان جي ڊيوٽيء ۾ شامل هوندو پر کين خبر به ڪونه هوندي ته هو ڪٿي ڀرتي ٿيل آهي ڪهڙي عهدي تي ڀرتي ٿيل آهي. اها به پڪ آهي ته هر مهيني انهن گاڏين جي مينٽيننس، تيل وغيره جا پيسا هر مهيني بل ٺاهي ضرور کنيا ويندا هوندا. اها ڀرتي ٿيل فوج ويهه پنجويهه ڪلوميٽرن تائين نه پهچي سگهي ته ان لاء ڪهڙا لفظ استعمال ڪرڻ گهرجن. ڇا ايڪيهين صديء ۾ سنڌ کان سواء ٻئي ڪنهن ملڪ/علائقي ۾ به ائين ئي هوندو. جواب ايترو ڏکيو به ڪونهي دنيا ۾ هن وقت به ڪيترا ئي علائقا هوندا جتي اهڙا ماحول هوندا پر سنڌ جو وڏيرو جيترو انسان دشمن آهي ايترو شايد ئي ڪو ٻيو هجي.
باه ڪا پهريون دفعو ڪونه لڳي آهي نقصان ڪو پهريون دفعو ڪونه ٿيو آهي. ڇا سنڌ گورنمينٽ کي اها خبر ڪونهي ته گرميء وارن مهينن ۾ سنڌ جا ڳوٺ باه جي خطري هيٺ هوندا آهن. جيڪڏهن ٿوري به ذميواريء کان ڪم وٺجي ها ته نقصان کي گهٽائي سگهجي پيو. فائر برگيڊ وقت تي پهچي وڃي ها ته انساني حياتيون ڇو ضايع ٿين ها.
سوشل ميڊيا تي اهي ڳالهيون به هلندڙ آهن ته فائربرگيڊ عملو جيڪو يارنهن ڪلاڪن کان پوء پهتو ان تيل/ڊيزل جا پيسا انهن کان ورتا جن جا ٻچا سڙي مئا هئا. سوشل ميڊيا تي اهي خبرون به آهن ته امداد طور آيل سامان جو ويهه سيڪڙو متاثرن ۾ ورهائي باقي پوليس جي ايس ايڇ او جي سربراهيء ۾ ڪنهن ٻئي هنڌ پهچايو ويو. جيڪڏهن اهو سچ آهي ته پوء ڳالهائڻ لاء ڇا باقي بچي ٿو. شرم و حيا ته لڄي ٿيندڙ لفظ هوندا هتي!
هاڻي سنڌ حڪومت پاران کنيل قدم ۽ وفاق پاران کنيل قدم کڻي ساراه جوڳا هجن توڙي جو انهن جو عمل ۾ اچڻ سو سيڪڙو پڪ ڪونهي ڇو ته اڳي به اسان سنڌي وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ رڳو فوٽ بال واري حيثيت رهندي آئي آهي.
22.04.2022