پنهنجي ڪڻڪ ڪيڏانهن ويئي!
ملڪي تاريخ جي بدترين حڪومت پاران اعلان ڪيو ويو آهي ته ڪڻڪ جي ملڪي ضرورتن جي پورائي لاء ويهه لک ٽن ڪڻڪ ٻاهران گهرائي ويندي. جنهن لاء ڪابينه ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن. هن کان اڳ ساڳي حڪومت سڳوري اعلان ڪيو هو ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جو بمپر ڪراپ/رڪارڊ پيداوار ٿي آهي. اها پيداوار ملڪي ضرورتن کان وڌيڪ آهي. هاڻي اهو سوال ته ٻنهي مان ڪهڙو سچ آهي ڪهڙو ڪوڙ. رڪارڊ پيداوار وارو سچ آهي ته پوء پنهنجي ڪڻڪ ڪيڏانهن ويئي جو کوٽ پيدا ٿي جنهن جي پورائي لاء ٻاهران ڪڻڪ پيئي گهرائي وڃي. خيال نه پر پڪ آهي ته اها ڪڻڪ اسمگل ٿي ٻاهر وڪامجي چڪي آهي جنهن جي رقم “ڀاڱا ٿيندي سهڻي” وانگر “پاڪ صاف سڏجندڙ” انسانن جي وچ ۾ ورهائجي چڪي هوندي.
شايد دنيا جو زرعي ملڪ سڏجندڙ هي پهريون ملڪ آهي جيڪو زرعي هوندي به زراعت جي تباهي پنهنجي اکئين ڏسندڙ آهي. زراعت سان جيڪا جٺ پيئي ٿئي ان جو ڪو انت ڪونهي. هاري ته پري جي ڳالهه پر ننڍا زميندار به ٽي ويلا کائڻ لاء پريشان آهن. پاڻي جي فراواني هوندي جيڪا هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي يا ڪرائي وڃي ٿي. رڳو حڪومتي ماڻهو پنهنجون زمينون ئي آباد ڪن ٿا جن جي حڪم تي سرڪاري عملدار ڪمداريون ڪندي پاڻي فراهم ڪن ٿا ۽ ڪن جو پاڻي بند ڪن ٿا. زرعي جنسن (ٻج) ۽ ڀاڻ جا اگهه آسمانن سان ڳالهيون ڪندڙ آهن روزانو جي بنياد تي ڊي اي پي جا وڌندڙ اگهه هن وقت ڇهه هزار روپيا في ٻوري تائين وڃي پهتا آهن يعني آخري طور تي زمينون پنهنجو خرچ به ڪڍي ڪونه ٿيون سگهن ڪمايون ته پنهنجي جاء تي.
1980 ۾ اسان هڪ ڪتاب پڙهيو هو جيڪو پرفيسر عزيزالدين احمد جو لکيل هو نالو هوس “اسان غريب ڇو آهيون”. ان ۾ ليکڪ هٿيارن جي سوداگيريء کان وٺي غير ملڪي قرضن کڻڻ جي طريقن مان ڪميشنون ڪمائڻ جا ذڪر اذڪار ڪيا هئا. ان سان گڏ هن اها ڳالهه به لکي هئي ته جڏهن پنهنجي ملڪ ۾ فصل لهندو آهي ته ملڪ جا مالڪ اهو ٻاهرين ملڪن ڏانهن موڪلي ان تي ڪميشن ڪمائيندا آهن ۽ پوء کوٽ پيدا ڪري ساڳيون شيون وري ٻاهران گهرائيندا آهن ۽ وري ان تي ڪميشن ڪمائيندا آهن. مثال ڪپهه لهندي ته اها ٻاهر موڪليندا ۽ کوٽ پيدا ڪري وري ڪپهه ٻاهران گهرائيندا ان تي ٻنهي پاسن کا ڪميشن ڪمائي پنهنجا ڀڀ ڀريندا. اها ڳالهه اڄ کان چاليهه پنجيتاليه سال اڳ ڇپيل ڪتاب ۾ لکي ويئي هئي جيڪا سو سيڪڙو اڃان تائين ائين جو ائين هر سال (بنا ڪنهن وقفي جي) جاري ۽ ساري آهي. جيڪڏهن ائين آهي ته پوء هي تبديليء جا اڀ ڏاريندڙ نعرا، هي هڪ سو ڏينهن جا ڌرڻا ڇو ۽ ڇالاء هنيا ويا. هي حلف نامه/قسم نامه ڇا جا. جيڪڏهن ڪوڙ ئي ڳالهائڻو آهي ته پوء قسم کڻي ڇو ڳالهائجي. هي عوام سان فراڊ ڇو.
جيڪڏهن ساڳيو ئي ڪم جاري آهي ته پوء اقتدار جي منتقليء تي به هڪ سو سوال آهن. ڇا ملڪ ۾ ساڳي ئي ماڻهن/خاندانن جي حڪومت آهي يا تبديل به ٿي آهي. جيئن سوشل ميڊيا تي هڪ ماڻهوء لکيو ته سدائين علي بابا بدلجي ٿو چاليهه چور ساڳيا ئي رهندا آهن.
جيڪڏهن پراڻي طريقي تي هلندي پنهنجي ڪڻڪ وڪڻي پرڏيهي ناڻو ڪمايو ويو آهي ته اها رقم ڪٿي آهي. هاڻي ته حڪومتي عملدار تمام پاڪ صاف آهن (جيڪو وڏي ۾ وڏو ڪوڙ آهي) ۽ ڪرپشن به ڪونهي پوء اهي پيسا ڪيڏانهن ٿا وڃن ۽ سستي اگهه تي ڪڻڪ وڪڻي مهانگي اگهه تي ڪڻڪ وٺڻ جو فائدو ڪهڙو. ٻاهرين ملڪ مان ڪڻڪ گهرائڻ تي ٿيندڙ رقم (جيڪا اٽڪل ٽيهه ارب روپين جي برابر ٿيندي) هتان جي هارين/زميندارن کي ڏيو ته هن ملڪ جو هاري وڌيڪ محنت سان ڪم ڪندو جيڪو هن ملڪ کي سونو بڻائي سگهي ٿو پر ڪرپشن جي جن کان اها ڳالهه برداشت نه ٿي ٿئي. اهو جن جيڪو ڪڏهن بوتل ۾ بند ڪونه ٿيو آهي ملڪ جي ويهه ڪروڙ انسانن جو جانيون داء تي لڳائي ويٺل آهي. هتان جي هارين سان جيڪا فصل جي اگهن تي هٿ جي صفائي ٿيندي رهي ٿي اها ڀلا ڪنهن کان ڳجهي آهي. کنڊ جا اگهه روزانو جي بنياد تي وڌائي اربين روپيا پنهنجي ٽجوڙيء ۾ جمع ڪندڙ هارين کي ڪمند جو اگهه سڪل ڪاٺين جيترو به ڪونه ڏيندا آهن. ساڳيو حشر ڪڻڪ سستي وٺي ان ئي هاريء کي اٽو ٻيڻي ٽيڻي اگهن تي وڪرو ڪيو ويندو آهي پر ان سموري معاملي کان سرڪار سڳوري پنهنجا ڪن ۽ اکيون بند ڪري ويٺل هوندي آهي.
ملڪ ۾ ٿيندڙ روزانو جي بنياد تي مهانگائي جيڪا هٿرادو آهي ان پويان ڪهڙا هٿ آهن. جيڪڏهن اهي لڪل آهن ته حڪومت ڪٿي آهي. ڇا وزيراعظم کان وٺي سڀ وزير رڳو اخباري بيانن ۾ زنده آهن باقي عملي طور در گور ٿيل آهن. اوهان کان ڪرسي نه ٿي هلي ته سنڌيء جي هن چوڻيء “مرو يا منجو ڇڏيو” تي عمل ڪريو. نئون پاڪستان ٺاهڻ وهان جي وس ۾ ڪونهي ته اسان کي پراڻو پاڪستان موٽائي ڏيو.
06.08.2021