ڪالم / مضمون

منھنجا اخباري ڪالم

ھن مجموعي ۾ سال 2021ع ۽ 2022ع ۾ مختلف اخبارن ۾ ڇپيل 79 ڪالم/مضمون شامل ڪيا ويا آھن. جيتونيڪ اخباري ڪالمن جي عمر محدود ھوندي آھي ڇو تہ اھي مخصوص حالتن کي نظر ۾ رکي لکيا ويندا آھن، پر ساڳي وقت اھي ڪالم تاريخ بڻجي ويندا آھن. ھي ڪالم سنڌ جي سياسي، سماجي، ادبي، اقتصاد حالتن ۽ مسئلن کي نروار ڪرڻ لاءِ لکيا ويا آھن. ساڳي وقت ڪالمن ۾ ان وقت جي واقعن کي پڻ پڙھي سگهجي ٿو.

Title Cover of book منھنجا اخباري ڪالم

ڇا اسان سڀ ناظم جوکئي وانگر ماريا وينداسين!

ڇا اسان سڀ ناظم جوکئي وانگر ماريا وينداسين!
ها! بلڪل ائين ئي ماريا وينداسين. هر ڳوٺ ۾، هر شهر ۾ جتي جتي وڏيري جي بندوق جي نالي پهچندي اسان سڀ بندوق ڏيکاري، بندوق جو خوف ويهاري، بندوق بجاء ائين ئي ڌَڪَن ۽ چَڪَن سان ماريا وينداسين. اسان جي جسم جي هر ٽڪر کي جدا جدا قسم جا اهنج پهچائي اسان کي ماريو ويندو. جيئن ناظم جوکيو کي بيدرديء سان قتل ڪيو ويو آهي ۽ “عرب سڳورن/شڪارين/پيسن سان گهر ڀريندڙن” کي لائيو ڏيکاريو ويو آهي. اهو سڀني سنڌين لاء پيغام هو ته وڏيرڪن کيسن ڀرجڻ خلاف جيڪو ايندو ماريو ويندو، بلڪل ائين سمجهڻ گهرجي ته اسان سڀ هڪ ڪوس گهر (سلاٽر هائوس) ۾ پنهنجي واري جي انتظار ۾ بيٺل آهيون.
ڇو! ڇو ته اسان پاڻ کي ان جو غلام سمجهون ٿا، پنهنجي سردار/وڏيري/جاگيردار کي پنهنجو مالڪ سمجهون ٿا، پنهنجي علائقي جو ڇپر ڇانو سمجهون ٿا، شير سنڌ سمجهون ٿا ۽ ان جي “غداريء واري گوء” ۾ ان جي سوڀاري ٿيڻ تي خوشيون ملهايون ٿا، کيس ڪلهن تي کڻون ٿا. ڇا اوهان ڪڏهن ٻڌو آهي ته ڪنهن ڪورٽ سڳوريء ۾ قاتلن جي حق ۾ نعرا هنيا وڃن، سوشل ميڊيا تي مهم هلائي وڃي ته هي معاملو اسان جو، “پنهنجي راڄ” جو آهي ٻئي ڪنهن جو واسطو ڪونهي. وائرل ٿيل فون آڊيو ٻڌي شرم کان ڪنڌ جهڪي وڃي ٿو ۽ شڪ ٿئي ٿو ته اسين ايڪيهين صديء ۾ ٿا رهون يا پٿر واري دور ۾!
اهڙا منظر اسان اڳ به سوشل ميڊيا تي ٻڌا ۽ ڏٺا جڏهن محترمه ام رباب پنهنجي وارثن جي قتل خلاف اٿي بيٺي ۽ عام ماڻهوء ان جو ساٿ ڏنو تڏهن ڪيترا اڻ ڄاڻ (اڻ ڄاڻ لفظ ان لاء استعمال ڪيو آهي ته وڏيرڪا واٺا جن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته اڄ اهو سڀ ڪنهن ٻئي سان ٿيو آهي سڀاڻي انهن سان به ٿي سگهي ٿو) سوشل ميڊيا تي آيا جن اهي ڳالهيون ڪيون ته هي چانڊين جو ذاتي معاملو آهي ۽ هي راڄ جو معاملو آهي ان ۾ ڪنهن کي ڳالهائڻ نه گهرجي اڃا اڳتي اهي ڌمڪيون به ڏنيون ويون ته باز نه ايندڙن کي نتيجا ڀوڳڻا پوندا. بلڪل ائين ئي جيئن هاڻي وارثن کي، سوشل ميڊيا وارن کي ۽ وڪيلن کي ڌمڪايو پيو وڃي.
جڏهن اسان ان کي پنهنجو مالڪ سمجهون ٿا ته هو اسان کي پنهنجي ملڪيت سمجهي ٿو. هتي سوال اهو آهي ته هو اسان کي ملڪيت اڳ ۾ ٿو سمجهي يا اسان ان کي مالڪ اڳ ۾ ٿا سمجهون. جواب آهي ته اصل ڪم رياست جو آهي جنهن اهڙو ماحول جوڙيو آهي. اسين ان ماحول جو حصو آهيون ان ڪري ان جا سڀ قانون اسان مٿان “پنهنجو پاڻ” لاڳو ٿي وڃن ٿا. وڏيري جي اها ذهنيت ته هي منهنجو راڄ آهي ۽ هي تڪ منهنجو آبائي تڪ يعني ورثي ۾ مليل تڪ آهي. هي عوام نه پر ڪوليون ماڪوڙا آهن جن کي ائين ئي ماري ڇڏڻ مون کي بخش ٿيل آهي. هو پاڻ ۽ پوء پنهنجي اولاد کي اهو سمجهائي ٿو ته هنن کي ڪَرُ کڻڻ نه ڏجي، هنن جو ڪنڌ هميشهه نوائي رکجي ۽ اسان سڀ ڪنهن فرمانبردار غلام وانگر پنهنجو ڪنڌ اڳ ۾ ئي جهڪائي رکون ٿا.
هن سموري راند ۾ پيپلز پارٽي (جيڪا دعوى ڪندي رهي آهي ته هوء ترقي پسند سوچ رکندڙ آهي) تي وڏي ذميواري عائد ٿئي. ٿيڻ ته ائين کپندو هو ته پهرئين ڏينهن ئي انهن جون اسمبلي سيٽون سسپنڊ ڪيون وڃن ها، انهن جي پارٽي رڪنيت ختم ڪئي وڃي ها پر ان کان ٻه قدم اڳتي ٿي انهن کي پارٽيء مان نيڪالي ڏني وڃي ها پر پيپلز پارٽيء ائين ڪونه ڪيو. پيپلز پارٽي جنهن کي سنڌي ووٽ ڏيئي ڪامياب ڪندا رهيا آهن ۽ اهي رڪارڊ ٺاهيندا يا رڪارڊ ٺاهڻ جون تمنائون ڪندا رهيا آهن انهن رڪارڊن پويان سنڌين جو ووٽ ئي آهي. هن پارٽيء کي سمجهڻ گهرجي ته تاريخ سدائين اهو ئي ثابت ڪندي رهي آهي ته وڏيرو هر روپ ۾ خوفناڪ ثابت ٿيو آهي ۽ هاڻي به تاريخ وڏي آواز سان سڀني کي پنهنجي ان پراڻي فيصلي کي واڪا ڪري ٻڌائي ۽ خبردار ڪري رهي آهي. جيڪي نه ڀٽي جا سڄڻ هئا نه وري بينظير جا ۽ نه وري موجوده قيادت جا.
ته ڇا سنڌي اهو سمجهي ڇڏين ته هر سنڌي ناظم جوکيو آهي ۽ هر وڏيرو “ڄام”، جيڪڏهن انهن اهو سمجهي ورتو ته دهشت ۾ دٻجي ويندا يا مزاحمت لاء اٿي کڙا ٿيندا. ان جو جواب وقت ٻڌائيندو پر تاريخ جيترا فيصلا ڏنا آهن ته انسان “تنگ آمد بَجنگ آمد” جي اصول تي عمل پيرا رهندو آيو آهي.. جيڪڏهن سنڌين وڏيري کي “دشمن نمبر هڪ” سمجهي ورتو ۽ اهو سمجهي ورتو ته هي ئي اهو دشمن آهي جيڪو انهن مٿان يعني نڙيء تي ننهن ڏيارڻ لاء ويهاريو ويو آهي. هي اليڪشن وڙهي سوڀارو ڪونه ٿو ٿئي پر “پنهنجي قوم” وڪڻي “سليڪٽيڊ” ٿئي ٿو ته قوم انهن کي ڪلهي تي ويهاريندي يا چين وانگر گند ٽوڪري (ڊسٽ بن) تي نالو لکي سدا لاء ذليل خوار ڪندي. پنهنجو راڄ سمجهي ويندڙ سان ظلم ڪرڻ خود ان ظالم لاء وڌيڪ هاڃيڪار آهي ته جيڪڏهن ان جو سمورو راڄ ائين ماريو ويو ته ان کي اليڪشني ڊرامي ۾ ووٽ ڪير ڏيندو؟ ان لاء دماغ جي ضرورت هجي ٿي ۽ ڪرسيء جو نشو دماغ تي حملو ڪري ان کي مفلوج ڪندڙ هجي ٿو جنهن جا اثر ۽ نتيجا ڪرسي کسجڻ کان پوء سمجهه ۾ ايندا آهن.
12.11.2021