لطيفيات

شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ جماليات

ھي ڪتاب ڊاڪٽر شير مھراڻي جي 2012ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي ۾ پي ايڇ ڊي ٿيسز جي مقالي تي مشتمل آھي، جنھن جو نگران ڊاڪٽر غفور ميمڻ ھيو. ھن مقالي ۾ ڊاڪٽر شير مھراڻيءَ سونھن جي سموري تاريخ تي انتھائي برجستي انداز سان قلم کنيو آھي. ھن جماليات جي اوسر، تاريخ، مذھبن ۾ جماليات جي تصور، جماليات جي مختلف قسمن، جديد فلسفي ۾ جماليات جي تصور، تصوف ۾ جماليات جي تصور ۽ ڀٽائيءَ وٽ جماليات جي تصور ۽ شاھ جي رسالي جي مختلف سُرن ۾ جماليات جي تصور تي عالماڻي انداز سان لکيو آھي.

Title Cover of book AESTHETICISM IN THE POETRY OF SHAH LATIF

سقراط ۽ سقراط کانپوءِ يوناني فلسفي ۾ جماليات جو تصور

قديم يونان کي علم۽ ڏاهپ جو عظيم سرچشمو تصور ڪيو وڃي ٿو. توڙي جي يونان جي عظمت واري دورکي لڳ ڀڳ اڍائي هزار سال گذري چڪا آهن پر اڄ بہ يوناني ڏاهپ جي ڇاپ جديد فلسفي تي قائم آهي. ڪنھن بہ قوم جي مذهبي عقيدن تي ان قوم جي ثقافت ۾ تھذيب جو اثر هوندو آهي ۽ ثقافت هميشہ جمالياتي شعور جي عڪاسي ڪندي آهي. قديم يوناني عقيدي جي حساب سان پھريان اڻ ڏٺي خدا کي مڃيندا هئا، ۽ هنن جو عقيدو هو تہ انسان حقيقت مطلق (خدا) جو پرتو آهي ۽ انسان عبادت، رياضت ۽ نيڪ عمل ڪري ان حقيقت سان گڏجي سگهي ٿو. هنن موجب انساني روح عالم ارواح مان نڪري جڏهن حقيقت ۾ پاڻ ظاهرڪري ٿو تہ اصليت کي وساري ڇڏي ٿو، پر غور۽ فڪر سان ٻيھر اها دنيا ياد ڪري سگهي ٿو. هو ان عمل کي تذڪرو Reminiscence چونداهئا. هوريان هوريان يوناني پنھنجي عقيدي ۾ تبديلي آڻيندا ويا ۽ آخر فطرت کان متاثر ٿي هنن فطرت مان ئي پنھنجي لاءِ خدائي تصور جوڙي ورتا ۽ بت ٺاهڻ لڳا. جيئن تہ هو فطرت کي ئي خدا تصور ڪندا هئا ائين هنن جي لاءِ فطرتي سونھن ئي خدا جو مظھر هئي. سقراط تائين اهو ئي عقيدو رائج هيو. توڙي جي سقراط هٿرادو ديوتائن/خدائن کي مڃڻ کان انڪار ڪيو، پر پوءِ بہ هن سونھن جي لاءِ حسن مطلق جو تصور ئي ڏنو جيڪو قديم يوناني عقيدن ۽ تصورن کان گهڻو ڌار نہ هو. يونانين وٽ اها شيءِ ئي سھڻي يا خوبصورت هئي، جيڪا فطرت جي گهڻو ويجهو هئي. فن جيئن تہ هو بھو فطرت ناهي هوندو بلڪہ فطرت يا اصل جو نقل هوندو آهي ائين هنن وٽ فن کي قبولڻ لاءِ ڪو بہ جواز نہ هو، هو سونھن کي حقيقت، نيڪي ۽ خدا سمجهندا هئا. جڏهن تہ فن کي ٻئي درجي جي نقل ٿيل شيءِ تصور ڪندا هئا. سقراط کان اڳ تائين وارن ڏاهن جو خيال هو تہ جيڪا شيءِ مادي نہ آهي ( روح، تصور، تخيل ) ان کي مادي شڪل ۾ ڇو آڻجي؟ ويندي سقراط پڻ اهو سوال ڪري ٿو تہ جيڪا شيءِ مادي نہ آهي ان جو تصور ڪيئن بڻائي سگهجي ٿو؟ توڙي جي انھن ڏينھن ۾ اهو تصور بہ عام هو تہ غير مادي شيءِ ( ڪاوڙ، ڏک، خوشي) جي تصويرچھري جي تاثرکي سامھون رکي بڻائي سگهجي ٿي، پر پوءِ بہ سقراط ان کي نقل مڃيندو هو ۽ هن وٽ اصل جي ڀيٽ ۾ نقل جي ڪا بہ اهميت نہ هئي، سقراط توڙي افلاطون حسن کي نيڪي، فائدو رسائيندڙ, حسن مطلق، يا اصلي سونھن (خدائي حسن ) سڏيو آهي. هنن وٽ فنون لطيفہ جي لاءِ ڪا بہ اهميت جوڳي جاءِ نہ هئي. جڏهن تہ ارسطو کان اڳ جيئن يوناني فطري سونھن جي مڃتا کي مذهبي رنگ ۾ قبول ڪري چڪا هئا، ان ڪري هنن وٽ شاعري، موسيقي، سنگ تراشي يا رقص صرف ۽ صرف مذهبي عقيدن جي تسڪين جو سبب هئا. ٿي سگهي ٿو تہ سقراط فنون لطيفہ کي مڃڻ کان انڪري انڪار ڪيو هجي ڇو تہ هو هٿرادو خدائن کي نہ پيو مڃي تہ انھن جي ثنا، ساراه ۽ خدمتن لاءِ تخليق ٿيل فنون لطيفہ کي ڪيئن مڃي ها؟ فنون لطيفہ جي مذهبي رنگ کي رد ڪندي سقراط جھڙوڪ جمالياتي تنقيد جو بنياد رکيو هو، جمالياتي تنقيد جي ان رنگ کي سقراط جي شاگرد افلاطن وڌيڪ نکاريو، بلڪہ هن پنھنجي خيالي رياست (جمھوريہ) مان شاعرن، مصورن توڙي فنون لطيفہ سان واڳيل سڀني فنڪارن کي بي دخل ڪري ڇڏيو. توڙي جو هن پنھنجي خيالي رياست “جمھوريہ ” مان شاعرن ۽ فنڪارن کي ٻاهر رکيو هو، پر تڏهن بہ مفڪرن جو خيال آهي تہ جھڙي طرح "جمھوريہ” لکيل آهي، ڪو بہ اهو نہ ٿو چئي سگهي تہ هي شاعري نہ آهي هن جو سمورو نثر شاعراڻي انداز ۾ آهي. سندس جمالياتي تنقيد ۽ شاعراڻي انداز بيان کي سامھون رکندي ڪجهہ ڏاها افلاطون کي جماليات جو موجد ڪوٺين ٿا.
افلاطون طبعيات (Metaphysics ) جي آڌار هر مونجهاري ۽ معاملي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. فنون لطيفہ کي پڻ هن پنھنجي “تصوريت عنيت” واري نظريي جي آڌار سلجهائڻ جي ڪوشش ڪئي. هو هڪ خيال پرست (Idealist ) فلسفي هو. هن جو چوڻ هو تہ دنيا ۾ موجود زمان ۽ مڪان کان ٻاهر بہ هڪ دنيا آهي، جيڪا تصوراتي هجڻ سان گڏ غير فاني آهي. دنيا ۾ موجود سموري مخلوق هڪ قسم جو فاني نقل آهي. هن جو چوڻ هو تہ جيئن تہ هيءَ دنيا خود اصلي ۽ لا فاني دنيا جو نقل آهي ۽ فنون لطيفہ ان نقل جو بہ نقل آهي ان ڪري ان سان نہ تہ ڪو علم ۾ اضافو ٿئي ٿو نہ وري ڪو اخلاقي فائدو رسي ٿو. هو چوي ٿو تہ فنون لطيفہ احساسن سان واڳيل هوندا آهن جڏهن تہ ڏاهپ ۽ فلسفي جو واسطو عقل سان هوندو آهي. افلاطون جي ان فڪر تي تنقيد پڻ ٿي آهي ڇو تہ علم صرف عقل سان ئي نہ ٿو حاصل ٿئي. عقل جي احاطي ۾ علم ۽ تخيل کي آڻڻ ۾ وجدان Intuition پڻ تمام وڏو ڪم ڪري ٿو. چيو وڃي ٿو تہ اصل ۾ افلاطون فنون لطيفہ جي برعڪس فلسفي جي اهيمت کي اجاگر ڪرڻ ٿي گهريو، پر هن جي پنھنجي نظريي مان ئي فنون لطيفہ جي اصل اهميت نڪري نروار ٿئي ٿي، جنھن کي سندس ئي شاگرد ارسطو واضع ڪيو. ارسطو پنھنجي استاد افلاطون ۽ اڳ وارن سمورن فلسفين کي رد ڪندي شين کي تخيل ۽ تصورن جي دنيا مان ڪڍي نج سائنسي بنيادن تي پرکڻ جي ڳالھ ڪري ٿو _بوطيقا جھڙي تصنيف لکي ارسطو جماليات تي ڄڻ تہ وڏو ڪم ڪري ورتوهو. هن پنھنجي ڪتاب ۾ شاعري تي تفصيلي بحث ڪيو آهي، جنھن ۾ هو Comedy, Tragedy, Epic کي بحث هيٺ آڻي ٿو. ارسطو پنھنجي استاد جي اٿاريل سوالن ۽ اعتراضن جا فلسفيانہ ۽ منطقي انداز ۾ جواب ڏئي ٿو. هو چوي ٿو تہ فن توڙي جو نقل آهي، پر اهو اصل کان بہ وڌيڪ خوبصورت ٿي سگهي ٿو، ارسطو چوي ٿو تہ فن کي نقل چوڻ ان کي محدود ڪرڻ جي مترادف آهي. هن جو چوڻ آهي تہ جيڪڏهن ڪو شاعر هڪ سٽ لکي ٿو تہ ان مان مراد اها سٽ نہ آهي بلڪہ اهو خيال آهي جيڪو ڪنھن بہ طرح ان جذبي جي عڪاسي ڪندو رهندو جنھن جذبي هيٺ ان شاعراها سٽ لکي هوندي ۽ ان تي زمان ۽ مڪان جي ڪا بہ پابندي نہ ٿي اچي. ارسطو چوي ٿو تہ جيڪڏهن نقل نہ ڪجي تہ هيءَ دنيا هڪ هنڌ بيهجي ويندي، ڇو تہ جڏهن ٻارڙو ڳالھائڻ، گهمڻ، کانئڻ، پيئڻ، لکڻ يا پڙهڻ سکي ٿو تہ هو هڪ طرح جو نقل ڪري ٿو. هو چوي ٿو تہ نقل سان اسان اصل کي سڌاري سگهون ٿا، ڇو تہ فطرت جي اڻ وڻندڙ نظارن جو ڪاريگرانہ تصور انساني حواسن کي وڻي ٿو، توڙي جو اصل منظر انسان کي نہ ٿو وڻي پر ان جو نقل انسان جي لاءِ ڪشش جو سبب بڻجي ٿو _ ارسطو الميي جو نظريو Doctrine of tragedy ڏئي ڄڻ تہ جماليات تي وڏو ڪم ڪيو آهي. هن جو چوڻ آهي تہ الميي سان انسان جي خيالن، تصورن ۽ جذبن ۾ گھرائپ ۽ مڪملتا پيدا ٿئي ٿي ۽ احساس پاڪ ٿين ٿا. الميي تحت انسان خدا سان ربط ڳنڍي ٿو. المييTragedyجي سري هيٺ ارسطو پنھنجي فلسفياڻي ڏاهپ کي تمام سھڻي نموني بيان ڪيو آهي.
مجموعي طور يوناني وٽ جماليات بابت متضاد خيال هئا، ڇو تہ قديم يونان فنون لطيفہ کي مذهبي رنگ ۾ ڏسي رهيا هئا، سقراط ۽ افلاطون وٽ جماليات حسن مطلق، يا تخيلاتي سونھن هئي تہ ارسطو وٽ هڪ پاسي حسن نيڪي آهي تہ ٻي پاسي فنون لطيفہ خاص ڪري شاعري جي عظمت کي واضع ڪري پاڻ کي عظيم جمالياتي ڏاهن ۾ شمار ڪري ٿو.
هتي يوناني ڏاهپ جي مينارن، سقراط، افلاطون ۽ ارسطو جي جمالياتي نقطن ۽ تصورن جو هڪ مختصرتحقيقي جائزو ڏجي ٿو.