سر پورب
هن سر جي پھرين داستان ۾ شاھ صاحب ڪانگل سان مخاطب ٿيندي کيس پرينءَ ڏانھن پيغام پڄائڻ لاءِ موڪلي ٿو ۽ ساڻس گفتگو ڪري ٿو. جڏهن تہ ٻي سر ۾ شاھ صاحب سامين ۽ جوڳين کي پوربيا سڏيو آهي، ۽ سندن سڪ، وڇوڙي ۽ عشق جو ذڪر ڪيو آهي.
“هي سر خاص آهي، جنھن کي اوائلي دور ۾ ڳايو ويندو هو پر هاڻي فقيرن هن سر کي ڳائڻ ڇڏي ڏنو آهي. هن سر جو بڻ بڻياد هندوستاني راڳ “پورَوَ” يا “پوري” کي جڏهن سنڌ جي صوفين پنھنجي محفلن ۾ پورب مان ايندڙ موحد فقيرن يا جوڳين، سامين ۽ پوربين جي نقطہ نگاھ کان ضروري سمجهيو، تڏهن کان سنڌي نغمن ۽ راڳن ۾ مزي ۽ لطف سان ڳايو ويو. جنھن مان سنڌي راڳ “سر پورب” جنم ورتو جيڪو شاھ صاحب جي زندہ هجڻ وقت گهڻو مشھور ٿيو. هندوستاني راڳڻي پوروي جي ڳائڻ جو وقت ٽيپھري پر شاھ جو پورب راڳ رات جي پوئين پھر ۾ ڳائبو هو.”
سر پورب جو پھريون داستان شاھ صاحب ۽ ڪانگل جي وچ ۾ ڄڻ تہ مذاڪري جو داستان آهي. هن سر جي شروعات ۾ شاھ صاحب ڪانگل کي پرينءَ جي پار وڃڻ جو عرض ڪري ٿو. ۽ جڏهن شاھ صاحب ڪانگل کي قاصد ڪري پرينءَ جي پار موڪلي ٿو ۽ ڪانگل ان پياري پار مان ٿي اچي ٿو تہ سندس وجود مان شاھ صاحب کي خسٿوري جي خوشبوءِ ٿي اچي. ڪنھن خاص شيءِ جي نسبت سبب ڪا عام شيءِ وڻڻ نسبتي جمال تصور ڪجي ٿي. هن سر ۾ شاھ صاحب نسبتي جمال جا جوهر ڏيکاريا آهن. ڇاڪاڻ تہ هو جڏهن ڪانگل کي پرينءَ جي پار ڏانھن موڪلڻ جي ڪري ٿو ۽ شايد ڪانگل روايتي قاصد وانگر ٽال مٽول ڪري ٿو تہ هو انعام طئي ڪندي چويس ٿو تہ “جي تون منھنجو پيغام پرينءَ کي پڄائين تہ تنھنجا پر سون سان مڙهائيندس.” جيڪا نسبتي جمال جي جهلڪ آهي.
ڪانگَلَ قَرِيبَنِ جا! اچِي وائِيءَ وَڻُ؛
تو ۾ بُوءِ بھارَ جِي، مُشڪَ کَـٿورِيءَ مَڻُ؛
اچِي عَجيبَنِ جو، اورانگهجِ اَڱَڻُ؛
تو کي پَسِي تَڻُ، سُورَنِئان صافُ ٿِئي.
(پورب)1:8
جڏهن ڪانگل پيغام پڄائي خير جي خبر آڻي ٿو تہ شاھ صاحب سندس ٿورا مڃي ٿو. “زاغَ! تُنھنجِي ذاتِ جو، ٿورو مَٿي مُون”، هاڻي شاھ صاحب جي ڪانگل سان دوستي ٿي وئي آهي ۽ پرينءَ جا پيغام آڻڻ ڪري شاھ صاحب سندس نہ رڳو واکاڻ ٿو ڪري پر سندس لاڏ ڪوڏ بہ برداشت ڪري ٿو ايتري تائين جو چوي ٿو تہ جيڪو ڪانگل منھنجون خبرون پرينءَ تائين پڄايون ٿو اچي اهو ڀلي تہ منھنجي اکين تي پيو هلي.
قَرِيبَنِ جو ڪانگڙو، مٿي ٽارَ ٽِلي؛
کَـڻِيو کِنياتو خَبَرُون، کِيرُون ڏِيو کِلي؛
لائِي جَنھن لالَنَ سان، مُنھنجي باتِ بِلي؛
سو وَرُ چَشِمَنِ سان چَلي، جو دَرِبارِي دوسَ جو.
(پورب) 1:14
هن سر جي ٻي داستان ۾ شاھ صاحب آديسين، جوڳين ۽ پوربين جو ذڪر ڪيو آهي، ڊاڪٽر بشير احمد شاد چوي پيو تہ:
“آدسين جو آرام حرام هوندو آهي، هڪ هنڌ جاءِ جوڙي ڪو نہ ويھندا آهن بلڪہ سيلانين جيان چند ڏينھن لاءِ ڪٿي آسڻ اڏي وري نئين منزل جا مسافر ٿي ويندا آهن. انھن چند ڏينھن ۾ جيڪڏهن اهڙن پارسن سان ڪو لوھه لڳي ويندو آهي تہ ان کي سوُن بڻائي ڇڏيندا آهن. شاھ صاحب جي طالب جو بہ ڪن اهڙن ئي آديسين سان ڇھاءُ ٿيل ٿو ڀائنجي جو انھن جو وئي پڄاڻان هو کين تمام گهڻو ساري سڀنالي ٿو ۽ کيس انھن آسڻن مان خستوري جي خوشبو ٿي اچي، جتي آديسن پنھنجا پکڙا اڏيا هئا.”
پورَبِيا پُوري وِيا، آسَڻَ اڄ صبوح
خستوري خشبوءِ، آهي آديسين ۾.
(پورب) 2:7*
“لطيف سرڪار ان سالڪ سان مخاطب آهي، جيڪو دنيا ۾ ڀانت ڀانت جا نظارا، رنگ برنگي گل گلبن، سمنڊ، پھاڙ، آبشار، درياءَ سج، چنڊ تارا ۽ ڪهڪشان ڏسي پروردگار جي اهڙي ڪاريگريءَ تي حيرت ۾ اچي ٿو. شاھ سائين کيس فرمائي ٿو تہ حيرت نہ کاءُ، اهو سڄو مانڊاڻ منڊيندڙ اها هڪڙي ئي ذات آهي ۽ اهي سڀ سندس هستيءَ جا مظھر آهن.”
جِئَن ٿا پُڇَنِ اَنَّ کي، تِئَن جي پُڇَنِ پَنڌُ؛
تہ رِڙهِي لَڌائُون رَندُ، لَٿِيَنِ لُکَ لَطِيفُ چَئي.
(رامڪلي)9:4
عظيم شاعر شاھ صاحب پنھنجي شاعريءَ ۾ پنھنجي دور ۽ ڌرتيءَ تي مروج عام فھم چوڻيون ۽ پھاڪا پڻ شامل ڪيا آهن، جن سان انھن سڀني روايتن ۽ رواجن جي خوشبوءِ سندس شاعري ۾ اوتجي وئي آهي، جيڪا سنڌ جي ماڻھن جي مزاج ۽ خمير ۾ موجود هئي ۽ اهو ئي سندس مٽيءَ جي ماڻھن ۾ پنھنجائپ جو مشترڪہ عنصر آهي جنھن ڪري سندس شاعري صدين پڄاڻان بہ ترو تازه، تواني ۽ اجري لڳي ٿي.
پُورَب پُورَب تَبِ ڪَرُون، جَب هِنئَڙي آوَنِ پُورَ؛
سِڪَندي کي سَڄَڻين، نِڪُون لايُون نُورَ؛
مارِيَسِ تَنھن سُورَ، جِئَن ساڄَنُ سڄي، نہ مِلي.
(پورب)2:5
مجموعي طور سر پورب ۾ شاھ صاحب نسبتي ۽ صوفياڻي جمال جو ذڪر ڪيو آهي. هو جڏهن ڪانگل کي قاصد ڪري ٿو ۽ سندس واکاڻ ڪندي ان جا پر سون ۾ مڙهائڻ جي ڳالھ ڪري ٿو يا جڏهن ڪانگل پرينءَ جي پار مان ٿي اچي ٿو تہ سندس پرن مان خستوري جي خوشبوءِ اچي ٿي تہ اها نسبتي سونھن آهي. ڇاڪاڻ تہ ڪانگل صرف ان لاءِ ئي اهم آهي جو اهو پرين جي پار وڃي ٿو. اصل سونھن پرينءَ وٽ آهي. ڪانگل وٽ هڪ نسبت آهي. يا جڏهن پوربيا آسڻ پوري هليا ٿا وڃڻ تڏهن بہ سندن پکن ۽ ڪکن مان انھن جي خوشبوءِ ٿي اچي. اهو پڻ نسبتي جمال جو مظھر ۽ منظر آهي. ڇو تہ اصل خوشبوءِ آديسين ۾ آهي آسڻن ۾ انھن جي نسبت سبب خوشبوءِ رهجي وئي آهي. سر پورب ۾ شاھ صاحب پوربين يا آديسين جي سڪ، عشق، محبت ۽ وڇوڙي جي ڳالھ ڪري صوفياڻي جمال کي پڻ ذڪر هيٺ آندو آهي. يعني سر پورب نسبتي توڙي صوفياڻي سونھن جو پرتوو آهي.