سر کاهوڙي
ڪلياڻ آڏواڻي صاحب سر کاهوڙي جي لاءِ لکي ٿو:
“ “کاهوڙي” لفظ جي معنيٰ آهي “جبلن ۾ ڏٿ ڏوريندڙ”. هن سر ۾ انھن سنياسين جو ذڪر آهي، جي ڏيھ کان ڏور ڏونگرن ۾ الک پيا ڏورين ۽ تن کي تسيا ڏيندا وتن.”
سر کاهوڙي ۾ شاھ صاحب جبل جهاڳيندڙ، ڏٿ ميڙيندڙن جو ذڪر ڪيو آهي. هي سر کاهوڙين جي اهڙي چٽي تصوير آهي جو قابل مصور سر کاهوڙي پڙهي کاهوڙين جي انھن جي ٽولن جون تصويرون ڪينواس تي لاهي سگهي ٿو جن سان گڏ شاھ صاحب سفر ڪيو هو. جن کي ڊاڪٽر تنوير عباسي صاحب شاھ صاحب جا اجتماعي هيروز سڏي ٿو. هو لکي ٿو:
“شاھ لطيف وٽ اجتماعي سورما بہ آهن. اجتماعي سورمن مان منھنجو مقصد آهي تہ ڪو بہ هڪڙو شخص سورمو ناهي. جيئن پنھون يا ٻيجل آهي. پر انجي بجاءِ ڪو هڪڙو گروھ يا هڪڙو ٽولو_ڪن خاص عادتن، خاصيتن، لاڙن وارن ماڻھن جي ٽولي يا گروھ کي گڏي مجموعي طور تي شاھ لطيف پنھنجي شاعري ۾ سورمي جي حيثيت ڏني آهي. مثلاَ ڪو بہ (ماڻھوان ڳالھ کان ) انڪار نہ ڪندو تہ سر کاهوڙي جا کاهوڙي سورمن جي حيثيت نٿا رکن. ان سر ۾ کاهوڙي ڪو هڪ فرد ناهي، پر اهو هڪ گروھ آهي جيڪو ڏٿ جي تلاش ۾ آهي. سڀ کاهوڙي سورما آهن.”
گهڻن محققن سر کاهوڙي کي روحاني راز يا تصوف سان برميچي پيش ڪيو آهي. يعني جيڪي سالڪ تن جي هر تمنا ڇڏي خالق حقيقي سان سچي لنون لائي جبلن ۾ ڪاهي پون ٿا اهي ئي کاهوڙي آهن. محترم حميد سنڌي صاحب لکي ٿو:
“لطيف جي سر کاهوڙي کي انھيءَ ڪري ڳولھا جي لحاظ کان اهميت آهي، جو ان ۾ درويشن ۽ سناسين، الله لوڪ فقيرن جي ڳولا بہ شامل آهي. اُهي دنيا ڇڏي جبلن ۾ سفر ڪندي خدا جي عبادت ڪندا هئا تہ ان سان گڏ روزي جي تلاش پڻ. شاھ صاحب هن سر ۾ کاهوڙين جي اوصاف ۽ اخلاق جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ائين لڳي ٿو تہ هو دنيا کان هٽي جبلن ۾ “ڳولا” ۽ “ڳولا. جي هڄ هڄان ۾ هئا.”
شاھ صاحب کاهوڙين جون نشانيون ۽ پار پتا ٿو ڏئي تہ سندن ڪڇ ۾ خالي برتن هوندا ۽ پيرن ۾ پراڻا جوتا، سندن اکين مان آب جاري هوندو، يا هو چوي پيو تہ سندس چھرا سڪل/لٿل هوندا، هو اهي ماڳ مڪان گهمي آيا هوندا جتي سونھان ماڻھو بہ منجهيو مرن ۽ کاهوڙي انھن ڳجهن ماڳن جون ڳجهون ڳالھيون پيا ڪندا هوندا.
سُڪا مُنھن سَندِنِ، پيرين پُراڻا کيٿِڙا؛
سا جُوءِ ڏوري آئِيا، سُونھان جِتِ مُنجهن؛
ڳُجها ڳُجهيُون ڪَنِ، تھان پَراهين پَنڌَ جُون.
(کاهوڙي)1:13
سُڪا سَنڊَ ڪَڇُنِ ۾، کَرِڪَڻا پيرين؛
ٽِمَندي نيڻين، آن ڪي کاهوڙِي گَڏِيا؟
(کاهوڙي)1:14
ان کان بہ هٽي ڪري شاھ صاحب جيڪا هن بيت ۾ نازڪ بياني ڪئي آهي سا حيران ڪري ڇڏي ٿي ۽ يقيناَ اسان ان حيرت کي شاھ صاحب جي وجداني جمال سان تعبير ڪري سگهون ٿا.
ڏوري ڏوري ڏيہَ، ماءِ! کاهوڙِي آئِيا؛
مَيَنِ پيرين کيہَ، ڪُہُ ڄاڻان ڪَنھن پارَ جِي.
(کاهوڙي)3:5
يعني هو کاهوڙي الائي تہ ڪٿان ڪٿان ٿي آيا آهن. سندن اٺن جي پيرن ۾ نہ ڄاڻ تہ ڪھڙي پار جي مٽي لڳل آهي. انتھائي معمولي ڳالھ کي انتھائي غير مولي ڪرڻ ڀٽائي جو ئي ڪمال آهي.
جهنگَلِ هَلِيا، سي نہ ڀُــلِيا، راهَ هَلِيا ڦُرِجَنِ؛
اَوَجهڙِ سي نہ پَوَنِ، ٻيئِي جنِين ڇَڏِيُون.
(کاهوڙي)3:6
شاعري جي ظاهري معنيٰ تي پھچڻ کان اڳ ئي ٻڌندڙ توڙي پڙهندڙ تي ان جو اثر ٿئي تہ اهو ان شاعريءَ جو وجداني جمال ڄاڻبو آهي. هن شعر ۾ پڻ اهو ئي وجداني جمال آهي. “جهنگَلِ هَلِيا، سي نہ ڀُــلِيا، راهَ هَلِيا ڦُرِجَنِ” جهنگل جنھن ۾ رستي جو ڪو اتو پتو ناهي هوندو هو ان ۾ هلندي نٿا ڀلجن ۽ راھ ويندي ڀلجيو ٿا پون. ڪيڏي نہ حيرت انگيز ڳالھ آهي. “آخر شاعر چوڻ ڇاٿو چاهي؟ هڪ ٻن بيتن ۾ ايئن ڪيو هجيس تہ چئجي تہ ڀليو آهي، ڪاتب کان غلطي ٿي آهي يا اسان کي پڙهڻ ۾ نٿو اچي. شاھ جي رسالي ۾ اهڙا ڪيترائي بيت اسان کي ملن ٿا، جن ۾ اسان اهڙي ڳوڙهائي، اهڙي گهرائي ۽ اهڙو تضاد ڏسون ٿا، جنھن جي تھ تائين پھچڻ کان علم ۽ عقل قاصر آهن تہ پوءِ ڇو نہ چئون تہ اهو وجدان آهي.”
ڏيھہ ڏيھائِي ناهِ، جِتي پـيرُ نہ پَکِيان؛
تِتي کاهوڙِيان، وَرَ ڏيئِي وَڻَ چُونڊِيا.
(کاهوڙي)2:5
ٻاهرين يا ظاهري دنيا جي اصولن ۽ فطرت کان هٽي ڪري شاھ صاحب اصل کي دل سان سڃاڻڻ جو دڳ ڏسي ٿو. هو چوي پيو تہ ظاهري طور سڃ هجي؛ پرينءَ کانسواءِ ٻيو ڪو موجود ئي نہ هجي جو ڏسجي. يا شاھ صاحب رات جي اونداهي ۽ چانڊوڪيءَ جي چاڳن کان هٽي ڪري پرينءَ کي ماڻڻ جي بہ ڳالھ ڪري ٿو.
وَرُ سا سُڃِي ويڙه، جنھن ۾ سَڄَڻُ هيڪڙو؛
سو ماڳُ ئِي ڦيرِ، جِتي ڪوڙِ ڪُماڙُهئين.
(کاهوڙي)3:8
ڪارِي راتِ، اَڇو ڏِينھن، اِيُّ صِفَتان نُور؛
جِتي پِرِينءَ حضُورُ، تِتي رَنگُ نہ رُوپُ ڪر.
(کاهوڙي)3:9
“مٿين ٻن بيتن ۾، شاھ لطيف ڪاريءَ رات ۽ ڪاري رنگ جو آڌرڀاءُ ڪيو آهي. ڇو تہ پرينءَ جي حضور ۾ رنگ روپ جو فرق مٽجيو وڃي. هيءَ تصوف جي اها منزل آهي، جتي ماڻھو گناھ ثواب ۽ چڱائي مدائي کان مٿاهون ٿيو وڃي. ان ڪري ڪاريءَ رات جو آڌرڀاءُ ڪيو ويو آهي، جو ان ۾رنگ روپ نظر ئي نہ اچن. تہ جيئن ويڇن ۽ اوچ نيچ جو تصور ئي نہ رهي. نور يا روشني هوندي اڇي يا ڪاري جي فرق جي خبر ٿي پوي پر ڪاري اونڌه ۾ نہ رنگ رهي نہ روپ _ ۽ اهوئي پرينءَ جو حضور آهي.”
مجموعي طور سر کاهوڙي ڪوشش، جاکوڙ، جدوجھد، جستجو، جبل جهاڳڻ، ڪشالا ڪاٽڻ ۽ ڏٿ ڏورڻ جو سر آهي. هن سر ۾ شاھ صاحب تمثيلي انداز ۾ وجداني جمال کي ڪتب آڻيندي روحاني رمزون بہ سليون آهن تہ پنھنجو پيغام ۽ فلسفو پڻ منتقل ڪيو آهي. جيڪو پنھنجي پوري آب و تاب سان نمايان نظر اچي ٿو.