سر سھڻي
بدر ابڙي صاحب پنھنجي ڪتاب، “سنڌ جو شاه” ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي صاحب جي حوالي سان سر سھڻي بابت ليکي ٿو،
“هن سر جو اصل نالو “توڏي” آهي...هندستاني گوين موجب توڏي هڪ راڳڻي جو نالو آهي، جيڪا ديپڪ راڳ جي پنجن زالن مان هڪڙي آهي. راڳ مالا ۾ توڏي جي تصوير هن ريت آهي: بدن تي اڇي رنگ جي ساڙهي، ڪلھي ۾ نيرو ڪنجرو، نيڻ آسمان ڏانھن، هٿ ۾ ستار، جنھن تي مڌر ۽ مٺي آواز سان سر آلاپي رهي آهي. ننڍا هرڻ سندس راڳ تي موهت ٿي چوڌاري بيٺا آهن. چهچ ساون ميدانن سان گهڻي دل اٿس. هيءَ راڳڻي صبح جي پھرين پھر ۾ ڳائبي آهي.”
سھڻي ميھار جو قصو ٿوري گهڻي تبديليءَ سان سنڌ توڙي پنجاب يا هڪ يوناني ڪھاڻي ۾ موجود آهي. بدر ابڙي صاحب موجب فرق صرف اهو آهي تہ يوناني ڪھاڻي جو هيرو هڪ مرد (لينئڊر) آهي، جڏهن تہ سنڌ توڙي پنجاب جي قصي ۾ عورت (سھڻي) ئي هيرو آهي. ابڙي صاحب شايد هيرو جو معيار اڳ جسماني طور اڳ قربان ٿيڻ رکيو آهي. نہ تہ سنڌ يا پنجاب جي هن قصي ۾ سھڻي توڙي ميھار ٻئي هڪٻئي تي عاشق نظر اچڻ ٿا. ڪنھن کي بہ ڪنھن تي فوقيت نظر نٿي اچي. پر جيڪڏهن شاه صاحب جي نظر سان ڏسبو تہ هيرو ميھار ٿو نظر اچي. جنھن جا طعنا توڙي مھڻا سھڻي کي پنھنجا سينگار ٿا لڳن. ۽هوءِ لوڪ لڄا کي پاسي تي رکي ميھار سان ملڻ لاءِ درياءَ شاه ۾ ڪاهي ٿي پوي. کيس دل جي دلبر سان ملڻ کانسواءِ سڪون نہ هيو. جيئن ئي سانجهيء جي ٻانگ ٿي آئي هوء گهڙو کڻي تار درياءَ ۾ گهڙي ٿي پئي.
وَڻَنِ ويٺا ڪانگَ، وِچِين ٿِي ويلا ڪري؛
گهڙِي گهڙو هَٿِ ڪري، سُڻِي سانجهيءَ ٻانگَ؛
سيئِي ڍُونڍي سانگَ، جِتي ساهَڙُ سُپِرِين.
(سھڻي)1:4
سھڻي کي شايد گمان هو تہ هوءَ جيڪا گهڙو کڻي درياءَ ۾ گهڙي ٿي پوي، ڪڏهن نہ ڪڏهن ضرور ٻڏندي، تڏهن تہ چيائين ٿي تہ جيڪڏهن پرينءَ تان سر قربان ٿيو تہ سٺو ئي ٿيندو.
گهڙِي گهڙو هَٿِ ڪري، ٻَهُون نھاري ٻَنگُ؛
سر در يار فِدا شُد چہ بَجا شُد، وَصۡلَ اِهوئِي وَنگُ؛
رات جنِين جو رَنگُ، الا! سي اُڪارِئين.
(سھڻي)1:5
گهڙو سندس وسيلو هو، يعني سھڻي وسيلي جي آڌار پرينءَ طرف ٿي وئي، پر جڏهن گهڙو ڀڄي ٿو يعني وسيلو ختم ٿو ٿئي تہ هوء ميھار جا سڏ ٿي ٻڌي. هتي شاه صاحب هڪ فيلسفياڻو نڪتو سمجهايو آهي، تہ اهميت وسيلي کي نہ بلڪہ پرينءَ جي قرب ۽ وصل کي آهي. ۽ ان بيان ۾ ئي اصل سونھن ۽ جمال آهي.
گهڙو ڀَڳو، مُنڌَ مُئِي، وَسِيلا وِيا؛
تِنھان پوءِ سُئا، سھڻيءَ سَڏَ ميھارَ جا.
(سھڻي)
يعني جڏهن ظاهري وسيلا ختم ٿين ٿا تہ وسيلي کي ڪتب آڻيندي ڪيل ڪوششن جي نتيجي ۾ منزل ملي ٿي. شرط آهي تہ ڪوششون دل ۽ جان سان ڪيون ويون هجن.
سِياري سِہَ راتِ ۾، جا گهڙي وَسندي مِينھن؛
هَلو تہ پُڇُون سھڻي، جا ڪَرَ ڄاڻي نِينھن؛
جنھن کي راتو ڏِينھن، ميھارُ ئِي مَنَ ۾.
(سھڻي)3:11
يعني سھڻي جيڪا سياري جي سياه رات جو گهڙو کڻي درياه ۾ ڪاهي ٿي پوي هلو تہ کائنس پڇون تہ عشق ڇا ٿيندو آهي، ڇاڪاڻ تہ هوء ئي ٻڌائي سگهي ٿي، هوءَ جا نينھن لائڻ ۽ نڀائڻ جو ڄاڻي ٿي. هن بيت ۾ رات کي ڀوءُ ڏياريندڙ ڏيکاريو ويو آهي، پر ان ۾ هڪ حسن بہ آهي، جو ان ڪاري رات ۾ ئي تہ پرين جو پاڻ ۾ وصل ٿيندو. پرين بہ اهو جنھن جي مينھن جي رڳو چڙن جا آواز لنون لنون کي چوري ۽ سوري ٿا وجهن. عضون جو چڙن جي آوازن تي چرڻ انتھائي دلفريب ترڪيب آهي، نہ صرف ترڪيب بلڪہ هڪ اهڙو استعارو آهي، جنھن ۾ نفساني ۽ جنسي عمل لاءِ ڇڪ پڻ شامل آهي. جيڪو جنسي جمال جو هڪ اڻٽر حصو آهي.
اَدِيُونَ! سڀ اَندامَ، چَڙَنِ مُنھنجار چورِيا؛
لارُنِ جا لَنؤ لائِي، سا ڪِيئن آڇِيان عامَ؟
لَڳِيس جنھن جي لامَ، سو دِلاسا دوست مُنجي.
(سھڻي)4:1
“هن بيت ۾ چڙن جي آواز جي ياد ٿي اڀري، نہ رڳو چڙن جي لارن جي ياد ٿي اڀري پر سھڻي جي سنڌ سنڌ تي ان جو جيڪو اثر ٿو ٿئي، ان جو پڻ چٽو بيان آهي. هي آواز جو عڪس بہ آهي تہ آواز جي اثر جو بہ. سھڻي جو سنڌ سنڌ ميھار جي(مينھن) جي ٽلينجي آواز سان چري ٿو پوي.”
شاه صاحب جو چيل سر سھڻي حيران ڪندڙ سر آهي. هيء سر هڪ پاسي روايت جي نفي ڪندڙ آهي (ڇاڪاڻ تہ سھڻي پنھنجي نڪاح ٻڌي ور کي ڇڏي، ميھار سان ملڻ ويندي رهي) تہ ٻي پاسي عورت جي عشق جو اهڙو داستان آهي، جنھن ۾ لوڪ جا طعنا ۽ مھڻا کيس برا لڳڻ بدران سينگارن وانگر سٺا ٿا لڳن.
مَري تان مَ ميھارُ، وَٿاڻُ وِلھو مَ ٿِـئي؛
وَڇِنِ جي وَڇارَ جو، وِنگو ٿِـئي مَ وارُ؛
ساهَڙُ مُون سِينگارُ، ماڻھن ليکو مھڻو.
(سھڻي)4:8
شاه صاحب جون سڀئي سورميون پنھنجو مٽ پاڻ آهن، سھڻي بہ سونھن جو اعليٰ مثال نظر اچي ٿي. ڇاڪاڻ تہ شاه صاحب فرمائي ٿو تہ، سھڻي جي جسم جي خوشبوءِ سان درياءُ معطر ٿي ٿو وڃي.
لھر مِڙوئِي لالَ، وَهَڻُ کَٿُورِيان وتَرو؛
اوٻهارا عَنبيرَ جا، جَرَ مان اَچن جالَ؛
ڪُنَنِ گهڙِي ڪالَ، سِڪَ پِريان جي سھڻي.
(سھڻي)5:12
“جڏهن سھڻي درياءَ ۾ ٻڏي ٿي ۽ مڇيون ان جو ماس ٿيون کائين تہ سندس رت جي رنگ سان لھرون لال ٿيو وڃن ۽ سھڻي جي جسم جي خوشبوءِ درياءَ جي پاڻي ۾ رلمل ٿيو وڃي. وهڪري مان کٿوري کان بہ وڌيڪ وڻندڙ سھڻي جي جسم جي خوشبوءِ ٿي نڪري. نہ رڳو ايترو پر ان عنبير جي خوشبوءِ جا اوٻارا ٿا اچن. سڄو ماحول سھڻي جي جسم جي خوشبوءِ سان واسجي ٿو وڃي. درياءَ جي لھرن ۾ لالائي، وهڪري ۾ خوشبوءِ ۽ ماحول ۾ عنبير جا اوٻارا. اهڙو چٽو بيان، اهو خوشبوءِ جو جادو پڙهندڙ کي ويڙهي ٿو وڃي.”
ساهَڙَ جا سِينگارَ، اَڻَ لِکيا اَڳي هُئا؛
نڪا ڪُنۡ فَيَڪُوۡنُ هُئِي، نَڪا ٻِي پَچارَ؛
مَلَڪَنِئان مھندِ هُئِي، توڏِيءَ جِي تَنوَارَ؛
مُحَبَّتَ ساڻُ ميھارُ، لايائِين لَطِيفُ چئي.
(سھڻي)6:1
“ساهڙ (حقيقي محبوب) جو حسن ۽ جمال (سندرتا)، تقدير، جي انگ لکجڻ کان ئي اڳي موجد هو. اڃا“ڪن فيڪون (ٿيءُ ۽ ائين ٿي پيو) جي وائي ڪان هئي ۽ نڪا ڪا ٻي وارتا هئي، بلڪہ فرشتن جي پيدا ٿيڻ کان اڳي ئي سھڻي جي مٺي لات پئي ٻڌڻ ۾ آئي. هن انھيءِ دم ميھار سان پريت جو پيچ اڙايو هو.”
ڪڍيا جي ڪُلالَ، سي پَسِي خالَ خُوشِ ٿِـئي؛
پاڻِيءَ چِٽَ پُسائِيا، ڌاءَ نہ جهلِي ڌَمالَ؛
سپَڪَ ڀانيا سھڻيءَ، جوڀَنَ جي جَمالَ؛
آڪي جا اَحوالَ، مَعۡلُمُ ٿيا مھراڻَ ۾.
(سھڻي) 8:5
ڀيلي ڀُلائِي، پَسِي چِٽَ چَرِي ٿِـئِي؛
”ٻِرَ! ٻِرَ! ٻُڏِي سھڻي!“ وِيرُنِ ۾ وائِي؛
ڪَچي ڪيرائِي، لال لھرنِ وِچَ ۾.
(سھڻي)8:8
لھرنِ لَکَ لِباسَ، پاڻِي پَسَڻُ هيڪِڙو؛
اُونھي تَنھن عَمِيقَ جِي، واري ڇَڏِ وِماسَ؛
جِتِ ناهِ نھايتَ نِينھن جِي، کوءِ اُتِ پنھنجِي کاسَ؛
تَڙَنِ جِي تَلاسَ، لاهِ تہ لالَنَ لَڳِ ٿِـئين.
(سھڻي)9:3
ساهَڙَ ڌاران سھڻي، نِسورِي ناپاڪَ؛
نَجاسَتَ ناهِ ڪري، اُنِين جِي اوطاقَ؛
هُوءِ جي کِيرَ پِياڪَ، پاسي تنِين پاڪَ ٿِـئي.
(ابيات متفرقہ).1
ساهَڙَ ڌاران سھڻي، هِي تان جهڪِي زالَ؛
توڏِيءَ تَپُ شرُوع ٿِيو، هَئِ! هِيڻيءَ جي حالَ؛
جَڏِيءَ رِءَ جَمالَ، اَگهي ٿِي آهُون ڪري.
(ابيات متفرقہ).3
اسان اڳ ئي چئي آيا آهيون تہ سر سھڻي روايتن جي انحرافي ڪندڙ سر آهي. اها انحرافي هڪ هاڪاري قدر ڏانھن وٺي وڃڻ جو سڏ آهي. علامه آ ءِ آءِ قاضيءَ جو چوڻ آهي تہ،
“When ever new value emerge, they first manifest them selves in fine arts.”
يعني نوان قدر ادب لطيف وسيلي متعارف ٿيندا آهن، ۽ پوءِ آهستي آهستي اهي قدر سماج جو حصو ٿي ويندا آهن. پر اڄ کان ٽي سو سال اڳ هيءُ قدر تہ “نياڻي جنھن سان محبت ئي نہ ٿي ڪري ان سان يا ڄمار واڳجي وڃي. لطيف وٽ محبت جي مقابلي ۾ ٻيا ڪي بہ روايتي رشتا، ڀلي اهي رت جا رشتا ئي ڇو نہ هجن، ڪابہ وقعت نٿا رکن. هن وٽ الفت ۽ عشق ئي supreme رشتو آهي بلڪہ اهو واحد رشتو آهي جيڪو آفاق توڙي انفس جي تخليق جو جوهر آهي.” اهو قدر شاه صاحب پنھنجي آفاقي پيغام ۾ متعارف ڪرائي ويو آهي، پر اڄ سوڌو اهو قدر هن سماج جو حصو ناهي بڻجي سگهيو، اها هن سماج جي بي رحمي چئبي.
سر سھڻي جو مجموعي انداز، موضوع يا فڪر تہ آهي ئي منفرد پر هن سر ۾ انفرادي فرق پڻ آهي. ڇاڪاڻ تہ عام طور چانڊوڪي پسند ڪئي ويندڙ آفاقي حقيقت آهي. پر هن سر ۾ سھڻي جو چوڻ تہ “اي انداهي رات! تون جلد اچ، چانڊوڪي ٻن پئي، مان ميھار کانسواءِ ٻيو ڪوبہ چھرو ڏسڻ نہ ٿي چاهي.” روايتن کان هڪ بغاوت آهي.
وَرُ اُونداهِي راتَڙِي، کوءِ چانڊُوڻِيءَ چنڊان؛
اوري ميھاران، مُنھن مَ پَسان ڪو ٻيوَ.
(ابيات متفرقہ)8