لطيفيات

شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ جماليات

ھي ڪتاب ڊاڪٽر شير مھراڻي جي 2012ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي ۾ پي ايڇ ڊي ٿيسز جي مقالي تي مشتمل آھي، جنھن جو نگران ڊاڪٽر غفور ميمڻ ھيو. ھن مقالي ۾ ڊاڪٽر شير مھراڻيءَ سونھن جي سموري تاريخ تي انتھائي برجستي انداز سان قلم کنيو آھي. ھن جماليات جي اوسر، تاريخ، مذھبن ۾ جماليات جي تصور، جماليات جي مختلف قسمن، جديد فلسفي ۾ جماليات جي تصور، تصوف ۾ جماليات جي تصور ۽ ڀٽائيءَ وٽ جماليات جي تصور ۽ شاھ جي رسالي جي مختلف سُرن ۾ جماليات جي تصور تي عالماڻي انداز سان لکيو آھي.

Title Cover of book AESTHETICISM IN THE POETRY OF SHAH LATIF

سر حسيني

سر حسيني ڏک، درد ۽ سور جو سر آهي، جنھن ۾ غم جي داستانن خاص طور ڪربلا جي قصي کي منظوم انداز ۾ ڳائبو هو.
ڪلياڻ آڏواڻي سر حسيني لاءِ لکي ٿو،
“حسيني هڪ نامياري فارسي ۽ عربي سر جو نالو آهي ۽ ماتمي سر آهي. هن سر ۾ ڪربلا جي شھيدن سڳورن جا مرثيا ڳايا ويندا هئا... هن سر ۾ سسئي جي دوزخ جھڙي سفر، ڏکن ۽ ڏورڻ جو ذڪر ٿو اچي. سسئي جو پنڌ رڻ مان آهي، جتي پاڻيءَ ڦڙو بہ ناهي”
ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو صاحب لکي ٿو،
“سر حسيني ۾ پڻ لطيف سائين سسئي جي ڏکن ڏاکڙن، تڪليفن ۽ اهنجن جو ذڪر ڪيو آهي. هن سر ۾ لطيف سائين پنھنجي جد اعليٰ، ڪامل مرشد امام حسين عليہ اسلام جي ذڪر کي سسئي جي علامت ذريعي ظاهر ڪيو آهي.”
سر حسيني شاھ جي رسالي ۾ سسئي لاءِ چيل پنجن سرن مان آخري نمبر تي آهي. شاھ صاحب وٽ سسئي جو وجود سراپا سور آهي ۽ سور ۽ درد ئي دنيا جو اهڙو موضوع آهي جيڪو توڙي جو ڏکوئي ٿو، رنجائي ٿو ۽ تڪليف ڏئي ٿو پر انجي باوجود وڻي ٿو. “ڏاهن هن دنيا کي دارالحزن يعني ڏکن جو گهر سڏيو آهي. انساني زندگيءَ ۾ سک ٿورا پر ڏک گهڻا آهن.”
لڳ ڀڳ دنيا جي سڀني عظيم شاعرن درد کي وڌيڪ فوقيت ڏني آهي. مولانا جلال دين رومي جي مثنوي تہ شروع ئي هن شعر سان ٿي ٿئي.
بشنواز ني چون حڪايت مي ڪند
وز جدائي ها شڪايت مي ڪند
“نڙ کان پڇ ڇا بيان ڪري ٿو ۽ جداين جي ڇاڇا شڪايت ڪري ٿو.”
يعني نڙ جيڪو اصل ۾ هڪ وڻ يا ٻوٽي جي ٽاريءَ مان جڙيو آهي، اهو جڏهن وڄي ٿو تہ پنھنجي آواز/سر ۾ پنھنجي اصل کان (وڻ يا ٻوٽي کان) جدائي جو درد بيان ڪري ٿو.
سر حسيني اصل ۾ درد جي نغمن ۽ نوحن جو سر آهي. هن سر ۾ شاھ صاحب سسئي جي پھاڙن جي اوکي پنڌ (درد ۾ پوڻ) کي ڀنڀور۾ رهڻ (آرام ڪرڻ) تي فوقيت ڏني آهي. ڇاڪاڻ تہ شاھ صاحب سورن ۽ دردن کي تڪليف ڏيندڙ عنصر تہ سمجهي ئي نٿو. هن جو ڏکن ڏانھن رويو تمام گهڻو هاڪاري آهي. هو ڪٿي چوي ٿو تہ “ڏيکاريس ڏکن، گوندر گس پرينءَ جو” يا وري ڪٿي هو سورن کي سمر ٿو سڏي ۽ سمجهي.
اُلھي سِڄَ اَويرَ ڪِي، ڏِٺائِين ڏونگَـرُ؛
سَسُئِيءَ کي سَيَّدُ چئي، سُورَن جو سَمَرُ؛
ڪُٺَلِ رَکِيو، ڪَرُ، ويچاريءَ وَڻِڪارَ تي.
(حسيني) 1:2
سر حسيني جو هي بيت مڪمل پورٽريٽ آهي، جنھن ۾ نہ صرف احساساتي اپيل آهي، بلڪہ ظاهري طور بہ شاھ صاحب جيڪا سسئي جي تصوير چٽي آهي، اها جيڪڏهن ڪو ڪاريگر مصور پوري طرح سمجهي ڪينواس تي لاهي تہ هوند دنيا جي شاهڪار تصوير بڻجي پوي. هن بيت ۾ شاھ صاحب ٻڌائي ٿو تہ سسئي جڏهن جبل ۾ پھتي آهي تہ سج لھڻ واري ڪري ٿو. “اُلھي سِڄَ اَويرَ ڪِي، ڏِٺائِين ڏونگَـر”ُ يعني هڪ اڪيلي عورت پھاڙن ۾ موجود آهي ۽ هو ڏسي ٿي تہ سامھون سج لھڻ واري پيو ڪري ۽ هن نحيف عورت کي دير ٿي وئي آهي. تصوير جو هڪ پاسو اهو تہ عشق جي ستايل هڪ خوبصورت ناري پنھنجي پرينءَ جي پويان پھاڙن ۾ آئي آهي ۽ مٿان سج لھي پيو. ان هڪ پاسي جا وري ٻہ ٻيا پاسا آهن يعني زمان ۽ مڪان، زمان معنيٰ ويلو وقت، جيڪو آهي سج لھڻ ۽ مڪان معنيٰ هنڌ؛ جيڪو هن تصوير ۾ آهي پھاڙ. اڃا بيت جي ٻي سٽ ۾ تصوير جو ٻيو رخ موجود آهي، “ڪُٺَلِ رَکِيو، ڪَرُ، ويچاريءَ وَڻِڪارَ تي” ڪيڏي نہ درد سان سرشار تصوير آهي. سسئي جيڪا عشق جي درد ۽ سور جي ڪٺل آهي، ان جڏهن ڏٺو آهي تہ سج لھي ويو آهي تہ لاچار ٿي هوءَ وڻڪار/وڻ تي آهلجي پئي آهي. سندس ڪنڌ وڻن تي ڍرڪي پيو آهي. آس ۽ ياس جي تصوير بڻيل سسئي تي سوچيندي سچ تہ هنيانو ۾ هٿ پوندي محسوس ٿا ٿين.
ويٺي مُون وِيو، لَڙِي سِڄُ لَڪَنِ تان؛
آئُون ڏُورِيندي ڪيترو، پھڻن پيرُ پِيو؟
سُورَنِ ساڻُ سھو، اَچي ٿِـيُمِ، جيڏِيُون!
(حسيني)1:3
هوءَ اڃان اتي ئي وڻن جي ٽيڪ تي ويٺي آهي جو سج لڪن جي پريان لھي ٿو وڃي، ۽ هوءَ سوچي ٿي تہ “هوءَ پھڻن جو پنڌ ڪيسيتائين ڪري سگهندي.” شاھ صاحب سسئي جي پنڌ کي ايڏو تہ باريڪ بينيءَ سان بيان ڪيو آهي جو لڳي ائين پيو تہ يا تہ شاھ صاحب سسئي سان گڏ ان پنڌ هيو يا کيس پنڌ ڪندي ڏٺو هئائين، نہ تہ ڪو بہ تخيل ايڏو سگهارو ۽ وري ان تخيل جو ايڏو سگهارو اظھار ڪٿي ممڪن آهي. پر شاھ صاحب تہ نالو ئي ناممڪن کي ممڪن بڻائنيدڙ جو آهي.
پنھون کان پوءِ سسئي کي پنھنجو شھر ڀنڀور نہ ٿو وڻي، وڻڻ تہ پري کيس ڀنڀور دوزخ ٿو ڀائنجي، تڏهن تہ هوءَ جبل جي ويران رستن تي ڪاهي پئي آهي.
ڀينَرُ! هِنَ ڀَنڀورَ ۾، دوزَخَ جو دُونھون؛
سَوارو سُونھون، پُڇِي پُورِجِ، سَسُئِي!
(حسيني)3:4

ڀَنڀوران اُجاڙُ، سَرَتِيُون! سَکَـرُ ڀانـئِيان؛
مُون سين تنھن پھاڙُ، ڏُکان هَڏِ نہ ڏوريو.
(حسيني)3:5
سسئي ڀنڀور کان وڌيڪ ان اجاڙ پنڌ کي ٿي ڀائين جنھن ۾ کيس اميد آهي تہ ڪڏهن نہ ڪڏهن پنھون سان ملي سگهندي. سسئي جيڪا پلنگن جي هيراڪ آهي. اها پنھون جي عشق ۾ ڪيترو نہ ڏکوئجي وئي آهي، پھاڙن جي پنڌ دوران پٿر ۽ ڇپر ئي سندس هنڌ بسترا ۽ جهنگ جا جانور سندس مائٽ آهن. شاھ صاحب هن بيت پڻ سسئي جي انتھائي دردناڪ تصوير عڪسبند ڪئي آهي.

ڇِپُون ڇَپَرَ کَٽَ، پھڻ پَٿَراڻِـيُون ڀانئِيان؛
جتي رَهان راتِڙِي، مِرُون مُنھنجا مِٽَ؛
سيڻَنِ جِيءَ سَهَٽَ، ڏُونگَـرُ ڏولِي مُون ٿِيو.
(حسيني)5:2
سکن کان وڌيڪ سسئي ڏکن کي ٿي ڀائين جو کيس پنھون جي اصل سڪ کي هوءَ وڇوڙي کانپوءِ محسوس ڪري سگهي آهي. سور کيس انڪري پيارا آهن جو انھن کيس پرينءَ جو دڳ ڏيکاريو آهي.

ڏيکارِيُسِ ڏُکَنِ، گُوندَرَ گَسُ پِرِيُنِ جو؛
سُونھائي سُورَنِ، ڪِي هيڪاندِي هوتَ سين.
(حسيني)6:2
ڏکن جو سسئي کي گس ڏيکارڻ تہ پنھنجي جاءِ تي پر ڏکن کي سکن جي سونھن ڀائنڻ يقينن وڏو احساس آهي. ۽ درد جي لاءِ ايڏو وڏ استعارو ڪتب آڻي شاھ صاحب جھڙوڪ درد کي عشق جي مرڪزي حيثيت ڏئي ڇڏي آهي. حقيقت ۾ ان درجي تي پھچڻ کانپوءِ ئي چئي سگهجي ٿو تہ درد سراپا جمال بڻجي پيو آهي. درد جڏهن خوشين جي سونھن ٿو بڻجي تہ سراپا جمال ڪيئن نہ بڻجي.
ڏُکَ سُکَنِ جي سُونھن، گهورِيا سُکَ ڏُکَنِ ري!
جنِين جِيءَ وِرُونھن، سَڄَڻُ آيو مان ڳَري.
(حسيني)6:9
سر حسيني ۾ جتي شاھ صاحب دردن کي جمالياتي رنگ بخشيو آهي، اتي هو خوشين جي پڻ ڳالھ ڪري ٿو. شاھ صاحب ڪجهہ دير لاءِ سسئي کي خوش ڏيکاريو آهي. جڏهن هوءَ پنھون جي پھر ڏسي ٿي تہ هو ايڏو خوش ٿئي ٿي جو سندس وجود نيڻن ۽ نھن سوڌو ٺري ٿو پوي. (نھن ۽ نيڻن جو ٺرڻ انتھائي دلفريب استعارو آهي) ۽ پوءِ سندس ڏک لھي ٿا وڃن ۽ سکن سندس وجود جي وڻ تي نوان غوئنچ ڪڍيا آهن.
آيا آسَ ٿِيامِ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾؛
پَسِي پھر پُنھونءَ جِي، نَنھن سِيئن نيڻَ ٺَرِيامِ؛
گُوندَرَ وِسِريامِ، سُکَنِ شاخُون ڪڍيُون.
(حسيني)6:1
سر حسيني جي هڪ وائيءَ ۾ شاھ صاحب سسئي جي وصل جي خوشي بيان ڪئي آهي. اها وائي پنھنجي جمالياتي رنگ سان سرشار آهي. جنھن ۾ سسئي پنھون کي شادي جي سينگار، ڳچيءَ جي هار، پنھنجي ستُر/ لباس، طعام، عيد۽ عطر/خوشبوءِ سان مستعار ڪندي چوي ٿي تہ هوءَ پنھنجو گهر پنھونء جي گهٽيءَ تان گهورڻ ٿي گهُري ڇاڪاڻ تہ پنھونءَ جي سونھن ئي تہ کيس معنيٰ بخشي آهي.

شاديءَ جو سِينگارُ، آيَلِ! مَرَڪُ مُنھجو مُون پِرِين.
آهي ڳَھہ ڳِچِيءَ جو، ڏِئي هالورا هارُ؛
آهي اُگهاڙيِن کي؛ جانِبَ جو جنسارُ؛
آهِئين کاڄُ بُکِيَنِ جو، تُون تان طَعامُ تيارُ؛
اَعليٰ اَڇو عِيدَ ۾، دوسِتاڻو دِيدارُ؛
حُسۡنَ هوتَ پُنھونءَ جي، ڪَڪورِيو ڪوهِيارُ؛
سُڃَ ڪَيائِين سُرَهِي، واسِيائِين وَڻِڪارُ؛
ڇَپَرَ ڇاٽُون مُڪيُون، عَطُرُ ٿِيو آوارُ؛
ڪوڙيـين ٿِيا ڪيترا، نالي تان نِثارُ؛
سَدا صلابَتَ جِي، گولِي گِرِفِتارُ؛
گهورِيان گهرُ گهٽِيءَ تان، اَچي جِئان آڌارُ؛
اَدِيُون! عَبۡدُاللَطِيفُ چئي، مِليو مُون مَنَٺارُ.
(حسيني) وائي