لطيفيات

شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ جماليات

ھي ڪتاب ڊاڪٽر شير مھراڻي جي 2012ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي ۾ پي ايڇ ڊي ٿيسز جي مقالي تي مشتمل آھي، جنھن جو نگران ڊاڪٽر غفور ميمڻ ھيو. ھن مقالي ۾ ڊاڪٽر شير مھراڻيءَ سونھن جي سموري تاريخ تي انتھائي برجستي انداز سان قلم کنيو آھي. ھن جماليات جي اوسر، تاريخ، مذھبن ۾ جماليات جي تصور، جماليات جي مختلف قسمن، جديد فلسفي ۾ جماليات جي تصور، تصوف ۾ جماليات جي تصور ۽ ڀٽائيءَ وٽ جماليات جي تصور ۽ شاھ جي رسالي جي مختلف سُرن ۾ جماليات جي تصور تي عالماڻي انداز سان لکيو آھي.

Title Cover of book AESTHETICISM IN THE POETRY OF SHAH LATIF

نتيجو

شاھ صاحب جي شاعري ۾ موجود جمالياتي لاڙن يا ان ۾ موجود سونھن جي مختلف ڏسائن جو اڀياس ۽ ڇيد ڪرڻ کانپوءِ اسان اهو چئي سگهون ٿا تہ شاھ جو رسالو جماليات جو هڪ اهڙو دستاويز آهي جنھن ۾ شاھ صاحب نہ صرف هڪ انتھائي ڏاهي ترين شخص جي جمالياتي تجربن ۽ مشاهدن کي بيان ڪيو آهي بلڪہ هن هڪ خطي جي روحاني تجربن، قدرن، ثقافت، تھذيب ۽ تاريخ جي گڏيل جمالياتي شعور کي جلا بخشيندي اظھار ڏنو آهي. شاھ صاحب وٽ پنھنجي مٽيءَ جي ماڻھن جي جمالياتي شعور جو اهڙو تہ سچو خاڪو موجود آهي جو هن سندن خمير ۾ موجود مخصوص نفسيات کي ڇھندي سندن جمالياتي رجحان کي چٽيو آهي. اهڙي ريت هن ان دور ۾ موجود ۽ مروج لوڪ ڪھاڻين ۽ ڪٿائن جي آڌار هڪ پوري دور جي اجتماعي جمالياتي رجحان ۽ ثقافتي ميلان کي بيان ڪيو آهي. شاھ صاحب انھن ڪھاڻين ۽ لوڪ داستانن کي بياني يا پيرائتي انداز سان بيان ناهي ڪيو بلڪہ هن انھن قصن ۾ موجود لوڪ ڏاهپ، جمالياتي احساس، پورهئي ۽ جاکوڙ سان لڳاءَ، عشق، محبت، پيار، درد جي بيپناھ سهپ ۽ پنھنجائپ جھڙن قدرن کي روشناس ڪيو آهي. فطرت سان ذهني لڳاءُ سبب هن جهنگ جهر، ڇپر ڇمر ۽ جر جي جمالياتي تجربن کي پنھنجو ڪري انھن کي پنھنجي فني صلاحيتن آڌار ٻين تائين منتقل ڪيو آهي.
شاھ صاحب وٽ عام عورت جي جمالياتي احساس ۽ رومانوي لاڙي لاءِ هڪ ڇرڪائيندڙ ڪشش موجود آهي. شاھ صاحب نہ صرف عام عورت جي جذبن کي سچو جمالياتي اظھار بخشيو آهي بلڪہ ان جي وقار کي پڻ قائم رکيو آهي. شاھ صاحب ان دور ۾ عورت جي رومانوي نفسيات ۽ جمالياتي احساس کي ٻولي عطا ڪئي جنھن دور جي ادب ۾ عورت کي شجر ممنوع ڄاتو ٿي ويو. ٻي پاسي شاھ جي رسالي جي سرن ۽ سرن جي موسيقيءَ ۾ اهڙو تہ جمالياتي جوهر ڀريل آهي جنھن ۾ وجدان جي اتانھين ڇڪ موجود آهي. جنھن جي اثر هيٺ ٻڌندڙ توڙي پڙهندڙ پنھنجي موجود ذهني قابليت ۽ حالت کان هٽي ڪري ان شاعريءَ جي وجداني جمالياتي هيجان ۾ گم ٿي وڃي ٿو. شاھ جي ڪلام جي اها جمالياتي خوبي آهي تہ هو جيترو هڪ عام ڳوٺاڻي ذهن کي متاثر ڪري ٿو تہ اوترو ئي هڪ اعليٰ ترين پڙهيل ۽ ذهين فرد جي احساساتي سطحن کي ڇھي ٿو ۽ اهو عنصر صرف ان شاعري ۾ ممڪن آهي جنھن ۾ ڪنھن معاشري جي اجتماعي شعور جي جمالياتي لاڙن کي ڪاريگري ۽ فنڪاراڻي انداز سان بيان ڪيو ويو هوندو آهي ۽ لاشڪ شاھ سنڌ جي اجتماعي جمالياتي شعور جو اهو اظھاري وهڪرو آهي جنھن ۾ لوڪ ڏاهپ سان گڏ سنڌ ۾ موجود صوفياڻو فڪر ۽ رومانوي رويو ڪلاسيڪي انداز سان گڏجي وهن ٿا. شاھ جي ڏاهپ جي ان نوري وهڪري ۾ ڪٿي بہ ڪو جمود نٿو اچي. ڇاڪاڻ تہ شاھ جي شاعري هڪ مسلسل وهڪرو آهي جيڪو سنڌ جي ثقافتي نوع ۾ پنھنجي جمالياتي انداز سان روان دوان آهي. ڏٺو وڃي تہ شاھ هڪ فرد آهي پر هڪ فرد جون ايڏيون وسيع ۽ ورسٽائيل ذهني ڪيفيتون حيران ڪندڙ آهن.
هن تحقيق ۾ شاھ صاحب جي جمالياتي لاڙن ۽ تخيلات کي اڀياس هيٺ آڻيندي اسان هنن نتيجن تي پھتا آهيون تہ شاھ صاحب وٽ جماليات جو تصور عام فيلسوفن کان ڌار آهي. ڇاڪاڻ تہ فيلسوفن مان ڪن جو خيال آهي تہ حسن معروضي آهي ۽ ڪن جو چوڻ آهي تہ حسن موضوعي آهي پر شاھ صاحب وٽ حسن معروض ۽ موضوع جو اهڙو امتزاج آهي جنھن ۾ سونھن پنھنجي داخلي ۽ خارجي اثر پذيري ۽ هم آهنگيءَ سان يڪسر منور ۽ روشن آهي. نتيجي طور سونھن جو اهڙو دل لڀائيندڙ تصور سامھون اچي ٿو جنھن ۾ وقت ۽ هنڌ / زمان ۽ مڪان جون سرحدون بہ آهن تہ انھن سرحدن کان پار عظيم آفاقيت پڻ آهي. جيڪا وقت ۽ هنڌ جي سرحدن جي محتاج ناهي. ان منظر نامي هيٺ شاھ صاحب نہ صرف تصورن جو جمالياتي جھان کي پيدا ڪري ٿو بلڪہ هو فڪري طور پڻ پنھنجي پڙهندڙ توڙي ٻڌندڙ کي جماليات جي هڪ گوناگون سمنڊ مان سيراب ڪرائي ٿو. ان فڪري جوهر سبب شاھ جو ڪلام هر پڙهندڙ توڙي ٻڌندڙ کي هر ڀيري نئين دنيا کان روشناس ڪرائي ٿو. اها دنيا جيڪا حسين آهي/سھڻي آهي ۽ دل ۽ دماغ جي هم آهنگي سان سرشار آهي. شاھ صاحب جي سونھن بابت تصور ۾روحاني رمزون ۽ راحتون بہ آهن تہ حسن پنھنجي فڪري باليدگي سان همڪنار پڻ آهي.
هن کوجنا مان هڪ اهو نتيجو بہ نڪري ٿو تہ جھڙي ريت شاھ صاحب جو شخصي عشق مجاز کان حقيقت ڏانھن سفر ڪري ٿو بلڪل اهڙي ريت ئي شاھ صاحب وٽ سونھن يا جمال جو تصور پڻ فاني شين (فرد ۽ انساني عضون ) جي سونھن جي ثنا ۽ واکاڻ کان ابدي ۽ ازلي سونھن جي نظاري ۽ تعريف ڏانھن وڌي ۽ بالغ ٿئي ٿو. نتيجي طور شاھ صاحب وٽ خالقِ حقيقي جي سونھن جو هڪ اهڙو تصور پيدا ٿئي ٿو جنھن ۾ سموري ڪائنات جي سونھن ۽ جمال هڪ ٿي وڃن ٿا ۽ ان خالق جي سونھن جا جلوا هو جا بجا ڏسي ۽ ڏيکاري ٿو. يعني شاھ صاحب پنھنجي پڙهندڙ توڙي ٻڌندڙ کي وحدتِ جمال جي سڳي ۾ پوئي ڇڏي ٿو ۽ سندس شاعري سونھن جي ازلي نظارن ڏانھن کلندڙ هڪ اهڙو دروازو بڻجي پوي ٿي جنھن مان هن ڪائنات ۾ موجود سمورين شين ۾ ڌڻيءَ جي سونھن، حسن، جمال ۽ جلال جا جلوا پسجن ٿا.
شاھ وحدت/هيڪڙائي(oneness) وارو تصور واضع ڪندي جماليات ذريعي سموري ڪائنات کي محبت جي دائري ۾ آڻڻ گهري ٿو. جمالي انداز سان ڪائنات کي ڏسڻ سبب نہ صرف ماڻھو انسانيت/ماڻھپي جي وسيع تصور ۾ شامل ٿئي ٿو بلڪہ هو ڪروڌ، ڪوڙ، هوس، جنون، انتھاپسندي ۽ غرور جهڙين سماجي اوڻاين کان پڻ پاڻ بچائي ٿو. هڪ جمالياتي شاعر جي حيثيت سان شاھ ڪائنات جي اثباتي تصور هيٺ انسان کي پاڻ سڃاڻڻ جو درس ڏئي ٿو. هو چوي ٿوتہ جڏهن انسان سونھن جو درشن ڪندو ۽ خوبصورت سوچون هن جي ذهن ۾ پروان چڙهنديون تہ هيءَ سموري ڪائنات محبت جي هڪ ئي سڳي ۾ پوئجي ويندي، جنھن لاءِ شاھ صاحب اتاولو بہ آهي تہ اونو بہ رکي ٿو. ڇاڪاڻ تہ پنھنجي آفاقي شاعري وسيلي شاھ ثابت ڪيو آهي تہ هر هنڌ خدا موجود آهي_۽ خدا خوبصورت آهي؛ نتيجي طور سموري ڪائنات خدا جي لافاني سونھن جو جلوو آهي. صرف ان کي سمجهڻ ۽ پروڙڻ جي ضرورت آهي. خدا ۽ ڪائنات جي وحداني سونھن کي سمجهڻ لاءِ شاھ صاحب جي شاعري هڪ اهم درس ۽ دستاويز جي حثيت ۾ اسان وٽ آهي.
آخر ۾ اسان هن کوجنا وسيلي ان نتيجي تي پھچون ٿا تہ شاھ صاحب جي احساساتي سطح تمام گهڻو بلند آهي ۽ سندس سمورين ذهني ڪيفيتن، سونھن ڏانھن سندس رويي، فيلسوفياڻي ڏاهپ ۽ نفسياتي لاڙن کي پڙهڻ، سمجهڻ ۽ انھن کي وائکي ڪرڻ لاءِ اڃان تمام گهڻي کوجنا جي گهرج آهي.