سر سورٺ
“’سورٺ سنسڪرت لفظ “سوراشٽر” جي بگڙيل بناوت آهي... جنھن جي معنيٰ آهي عمدو ملڪ. هندستاني گوين موجب سر سورٺ هڪ راڳڻي جو نالو آهي. هي راڳڻي سوراشٽر ۾ عام جام ڳائي ويندي هئي انھي ڪري مٿس اهو نالو پيو آهي.”
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو:
“...هي ٿيو سورٺ جو ايراضي جي لحاظ کان حوالو ۽ اهو مڃيل آهي تہ سورٺ هڪ راڳڻي آهي. اها سورٺ ديس کان آڳاٽي آهي يا نه؟ سورمي سورٺ جي مناسبت سان داستان جي ڪري سورٺ راڳڻيءَ تي نالو پيو؟ ان ڳاله جي اڇائي اڃان نہ ٿي آهي. بحرحال سورٺ جا ٻہ حوالا ٻہ حيثيتون پنھنجي پنھنجي جاءِ تي مستند آهن. هڪ سورمي سورٺ ٻي راڳڻي سورٺ جيڪا هندستاني راڳ مالا ۾ موجود آهي.”
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ موجب:
“شاھ جي راڳ بابت ڪيل تحقيق مطابق سر سورٺ هندستاني راڳ “ديس” سان ملندڙ معلوم ٿيو.”
سر سورٺ ۾ مرڪزي حيثيت ساز ۽ موسيقيءِ جي محبت کي آهي. جنھن تي موهجي ڏياچ جھڙو بادشاھ پنھنجو سر ڏئي ٿو. موسيقي بذات خود جماليات جو تمام وڏو موضوع آهي ۽ هن سر ۾ شاعري، موسيقي، محبت ۽ قرباني گڏيل طور تي اهڙو منظر پيدا ڪيو آهي جو ان ۾ هڪ پاسي سوز جو جمال آهي تہ ٻي پاسي سرورجي سونھن موجزن ڀاسي ٿي.
“لطيف سائينءَ جون ڇھہ لوڪ ڪھاڻيون “پيار” جي عنوان تي مشتمل آهن. پر هڪ ئي ڪھاڻي سورٺ “موسيقيءِ سان پيار” جي عنوان تي ٻڌل آهي.”
اَللهَ جي آسَ ڪري، هَليو هِيائِين؛
چارَڻَ ٻَڌا چَنگَ کي، جهوڙا ۽ جهائِين؛
ڏولِي راءِ ڏياچَ جي، ڏُوران ڏِٺائِين؛
وَينَتِي واحِدَ دَرِ، تَنھن ويرَ ڪَيائِين؛
“سَٻاجها سائِين! راءُ رِيجهائِين راڳَ سين.”
(سورٺ) 1:1
“محل جي هر ڪنڊ هر دالان، هر ڪمرو ۽ ڪياري سندس (سورٺ جي) جسم جي مھڪ سان ٻھڪندي رهندي هئي. هڪ ڏينھن حسب معمول هوءَ محل جي باغ ۾ هوريان هوريان هلي رهي هئي، پٺيان ناز سھندڙ، چاهت جو پيڪر، راڄ جو راڻو راءِ ڏياچ اچي رهيو هو. سورٺ جي هلت ۾ اڄ البيلائي هئي، ناز هو ۽ پنھنجائپ هئي. شايد اڄ سونھن ۽ چاهت جو آخري سنگم ٿي رهيو هو. اوچتو سرهاڻ ڀري ماحول ۾ هڪ ٻانھي جو آواز اڀريو تہ جهونا ڳڙھ جي شھر ۾ هرپاسي ۾ اهو چوٻول آهي تہ گرنار ۾ ڪو عطائي آيو آهي، جنھن جي طلب ۽ تونس نھايت عجيب ۽ انوکي آهي. هو نہ حڪوت ۽ نہ شان شوڪت طلبي ٿو، پر سودو سر جو ڪرڻ چاهي ٿو.”
جاجِڪُ جهوناڳَڙہَ ۾، ڪو عَطائِي آيو؛
تَنھن ڪامِلَ ڪَڍِي ڪِينَرو، ويھي وَڄايو؛
شھر سَڄو ئِي سُرَ سين، تَندُنِ تَپايو؛
دايُون دَرِماندِيُون ٿِيُون، ٻايُنِ ٻاڏايو؛
چارَڻَ ٿي چايو، تہ مارِي آهي مَڱڻو.
(سورٺ)2:1
مَحَلين آيو مَڱـڻو، کَـڻِي سازُ سِرِي؛
لَڳِي تَندُ تُنبيرَ جِي، پِيا ڪوٽَ ڪِرِي؛
هَنڌين ماڳين هُوءِ ٿِي، تُنھنجِي ٻِيجَلَ! دانھن ٻُرِي؛
سِسِي تَنھن سُلطانَ کان، اچِي گهوٽَ گهرِي؛
جُهونا ڳَڙهُ جهرِي، پُوندي جهانءِ جهروڪَ ۾.
(سورٺ)3:3
“ڏاتر ۽ مڱڻو آهن بہ ۽ ناهن بہ. گهرندڙ ۽ ڏيندڙ، فنڪار۽ فن، تندن جي تار ۽ چارڻ جو چت، سڀ هڪ آهن. ڏاتار ڏياچ بہ آهي تہ ڏيندڙ ڀي، مڱڻو ٻيجل بہ آهي تہ گهرندڙ ڀي، چارڻ ٻيجل بہ آهي تہ فنڪار ڀي.”
يعني سر سورٺ ۾ وجودي جماليات جا جلوا پڻ آهن. جنھن ۾ ڏاتار، مڱڻي، تند ۽ چارڻ جي وچوارو فاصلو ختم ٿيل پيو پسجي.
ڏاتارَ ۽ مَڱـڻي، ڪونہ وسِيلو وِچِ؛
سائِي تالَ تَندُنِ جِي، سائِي چارَڻَ چِتِ؛
جي هِتي جي هُتِ، تہ ڳالھِ مِڙِيائِي هيڪِڙِي. ۾.
(سورٺ)3:4
ٽيئِي پَرِچيا پاڻَ ۾، تَندُ، ڪَٽارو، ڪنڌُ؛
“تَنھن جِهوئِي ناهِ ڪِي، جو تو، چارَڻَ! ڪَيو پَنڌُ؛
اِيُ شُڪُرُ اَلۡحَمۡدُ، جِئَن مَٿو گُهرِيوءِ مَڱڻا!”
(سورٺ)3:7
ڏٺو وڃي تہ شاھ صاحب ٻيجل جي سر ۽ ساز کي اها حيثيت ڏني آهي جو ان جي اڳيان سورٺ ۽ ڏياچ جي محبت جي روشني جهيڻي ٿي وئي آهي. نہ تہ ڏياچ جي سر ڏيڻ تي سورٺ جي آهن ۽ دانھن (جن يقيناََ عرش ڪنبايو هوندو) کي شاھ صاحب اها حيثيت ڏئي ها جيئن هن سھڻي، مومل توڙي سسئي وارن سرن ۾ ڪيو آهي. پر هتي شاھ مختلف آهي. هن سر ۾ چارڻ ۽ سندس چنگ ئي اهم آهن.
چارَڻَ چَنگُ ڪُلھي ڪَري، پيرَ پُرِي پاتا؛
صَدا جي سَيَّدُ چئي، وائِي ڪَيائِين واتا؛
تَنھن تي راءُ راضِي ٿِيو، دِلِ وڏِيءَ داتا؛
مَرڪي مَرُ ماتا، رُوڙِي راءِ ڏياچَ جي.
(سورٺ)3:14
رِءَ مَصلِحَتَ مَڱـڻا، قَصَرِ ڪِينَ اَچَنِّ؛
نُورُ تَجَلَّو نُورَ سين، نِميو نيڻَ پَسَنِّ؛
خِيمي ۾ کَنگهارَ جي، چانڊُوڻا چِمِڪَنِّ؛
لَڌائِين لَطِيفُ چئي، سَندا ڏاڻَ ڏِسِيَنِّ؛
تيلان مُلڪَ ڌَڻِينِّ، مَڃِيو مَڱـڻھارَ کي.
(سورٺ)4:1
نہ صرف ملڪ ڌڻي مڱڻھار کي مڃين ٿا. پر ڏياچ تہ شڪرانا ٿو ڪري تہ “اِيُ شُڪُرُ اَلۡحَمۡدُ، جِئَن مَٿو گُهرِيوءِ مَڱڻا”، متان ٻيو اهڙو ڪجهہ گهرين هان جيڪو مون وٽ نہ هجي ها يا مان نہ ڏئي سگهان هان!.
سر سورٺ ۾ فن ۽ فنڪار اهم آهن. ٻيجل عام منڱتو ناهي، هن کي پنھنجي فن تي ناز آهي، هو فن جي جذباتي اثر پذيري سبب جو گهرڻ چاهي وٺي سگهيو ٿي. پر جيئن تہ هو عام فنڪار نہ هو ۽ هن جي اڳيان ڌن، دولت، تاج تخت بي معنيٰ هئا(جن جي آڇ سورٺ کيس ڪري ٿي) هو سُر ۾ سِر جي صدا ٿو هڻي. ۽ اهوئي موسيقيءَ جي جمال جو معراج آهي. جنھن تي موهجي هڪ راجا پنھنجو سر ٿو ڏئي.
“ڀٽائيءَ ويجهو موسيقار، ساز ۽ موسيقيءَ ۾ ڪوبہ فرق ناهي،تنھن ڪري ڀٽائي جيڪي اکر، ساز جي قدر کي سمجهڻ لاءِ استعمال ڪيا آهن،اهڙائي اکر موسيقيءَ لاءِ چيا اٿس.
مَٿو مُورِ نہ پاڙِيان، تُنھنجي تَندُ تَنوارَ؛
سِرَ ۾ سَڃَڻَ ناهِ ڪِي، موٽُ مَ، مَڱـڻھارَ!
ڪِينھي منجه ڪَپارَ، لَڄيندو ٿو لاهِيان.
(سورٺ)3:9
مٿين بيت ۾ تند تنوار، موسيقي آهي. ڀٽائي موسيقيءَ کي موسيقار جي معرفت ڪل (اجتماع) جو نياپو سمجهي ٿو. وٽس ان نياپي جي تمام گهڻي اهميت آهي.”
پر فن هر فرد تي اثر انداز نٿو ٿي سگهي. صرف اهو ماڻھو ئي فن جي سگهہ کي سمجهي سگهي ٿو جنھن جي دل جمالياتي ذوق سان سرشار هوندي.
ڪِنِين ڪِنِين ماڙُهين، پيئِي ڪَلَ ڪائِي؛
رَسيا جي رَمۡزَ کي، تن پارسِي پائِي؛
”اَلۡاِنۡسَانُ سِرِّيۡ وَ اَنَا سِرُّهٗ“ ورتِي اِيَ وائِي؛
راجا راڳائِي، هَرِدوئِي هيڪُ ٿِيا.
(سورٺ)2:3
ايئن بہ ناهي تہ هن سر ۾ سورٺ بيوس آهي، هوءَ جيڪڏهن گهري ها تہ ڏياچ جي سر ڏيڻ جي ارادي کي ڪمزور ڪري ماڳهين ختم بہ ڪري سگهي ها. پر هوءَ ايئن نٿي ڪري. ڇاڪاڻ تہ شاھ جون سورميون ثابت قدم آهن، ۽ سورٺ پڻ اهڙي ئي آهي. جيڪا چوي ٿي “سورَٺِ مُئِي، سُکُ ٿِيو، خِيما هَنيا کَنگهارَ”. هن سر ۾ درد جي جمال جو منظر انتھائي انوکو آهي. سر سورٺ جي درد وارا بيت پڙهندي هيڪاري تہ هنيانءُ ئي هڄيو ٿو وڃي. هي بيت تہ سورٺ جو ڪيڏارو ٿا لڳن. خاص طور هيءَ سٽ “ڪَڍِي تَنھن ڪاتِي، وِڌو ڪَرَٽُ ڪَپارَ ۾” تہ بت ڪنبائي ٿي ڇڏي. شايد هي بيت ڪيڏاري جي آجيان آهي، جو تريتيب ۾ هن سر کانپوءِ سُر ڪيڏارو آهي.
ڪَنجهي ڪيرَتِ ڪِينَرو، واڄو وِلاتي؛
هَنئِي تَندُ حُضُورَ ۾، تَنھن پارِسَ پيراتِي؛
ڏِسَنديئِي ڏِياچَ کي، ظاهِرُ ٿِيو ذاتِي؛
ڪَڍِي تَنھن ڪاتِي، وِڌو ڪَرَٽُ ڪَپارَ ۾.
(سورٺ)4:8
گُلُ ڇِنو گِرنارَ جو، پَٽَڻِ ٿِـيُون پِٽِينِ؛
سَهسين سورَٺِ جھڙيون ، اُڀِيُون اوسارِينِ؛
چوٽا چارَڻَ هَٿَ ۾، سِرُ سِينگاريو ڏِينِ؛
ناريُون ناڏَ ڪَرِينِ: “راڄا راتِ رَمَگيو!”
(سورٺ)4:9
مجموعي طور سر سورٺ سڄوئي حسن ۽ جمال آهي. ڇاڪاڻ تہ هن سر ۾ هڪ پاسي موسيقيءَ جي معنيٰ خيز لھر آهي، جنھن سڄو شھر تپائي ڇڏيو آهي. تہ ٻي پاسي سورٺ جي پنھنجي محبت ۽ سونھن. هڪ پاسي ڏياچ جي سخاوت جي خوبصورتي آهي تہ ٻي پاسي ٻيجل جي فن جو حسن جنھن جي اڳيان ڏياچ چئي ڏئي ٿو تہ: “ سؤ سِرَنِ پائي، جي تَندُ بَرابَر تورِيان؛ اُٽَلَ اوڏانھين ٿِـئي، جيڏانھن ٻِيجَلَ ٻُرائي” ۽ سر ڏيڻ کانپوءِ هڪ پرسوز ماحول پيدا ٿئي ٿو، جنھن ۾ درد جو جمال آهي. يعني سر سورٺ موسيقي، سونھن، سخا، قرباني ۽ درد جو سر آهي.