سر ڪيڏارو
ڪلياڻ آڏواڻي صاحب سر ڪيڏاري جي لاءِ لکي ٿو:
“ڪيڏارو سنسڪرت لفظ “ڪيدار” جي بگڙيل صورت آهي، جنھن جي معنيٰ آهي: “جنگ جو ميدان” “ڪيداري” هڪ راڳڻي آهي... هن راڳڻي کي “سمپورڻ راڳڻي” ڪري سڏيندا آهن. هن سر ۾ شاھ صحب ڪربلا جي قضئي جو بيان ڪيو آهي... هي سر شاھ ساحب جو رزمي (جنگي) سر آهي. جنھن مان ظاهر آهي تہ هو هر طرح ڪامل شاعر هو ۽ شعر جي هر قسم ۾ کيس ڪماليت حاصل هئي. “سرڪيڏارو” کيس “سنڌ جو فردوسي” ثابت ٿو ڪري.”
هن سر ۾ شاھ صاحب نہ صرف جنگ جي ميدان جي ڀرپور عڪاسي ڪئي آهي. بلڪہ پنھنجي بيان ۾ ايڏي تہ سوز، شائستگي ۽ ترتيب رکي آهي، جو ڄڻ تہ شاھ صاحب مديني ۾ امام حسين جي ڪوفين سان ٿيل خط و ڪتابت کان ويندي سڄي سفر دوران ۽ وري جنگ جي وقت تي ان قافلي سان گڏ هو. توڙي جو شاھ صاحب جو اهو تخيلاتي سفر آهي پر پاڻ جيئن تہ خود بہ سفر ڪري چڪا هئا ۽ حالتن جو پڻ تمام گهڻي برجستگيءَ سان جائزو وٺندا رهيا ان ڪري پنھنجي تجربي ۽ تخيل جي حسين آميزش سان هن جيڪو سر ڪيڏاري ۾ ڪربلا جي واقعي کي بيان ڪيو آهي اهو لاثاني آهي. هو ان سفر ۽ شھادت کي نسوروئي ناز سڏي ٽرئجڊي کي رومانس ۾ تبديل ڪري ڇڏي ٿو. جيڪو پوءِ پوري طرح سان هڪ جمالياتي منظر بڻجي وڃي ٿو.
سَخِتِي شَھادَتَ جِي، نِسورو ئِي نازُ؛
رِندَ پَرُوڙِينِ رازُ، قَضِيي ڪَربَلا جو.
(ڪيڏارو)1:5
حسيني قافلو جڏهن مديني مان نڪري روانو ٿئي ٿو تہ شاھ صاحب ان جو نقشو اهڙي طرح چٽيو آهي جو ڄڻ تہ هن اهو قافلو اکين سان ٿي ڏٺو. هن بيت ۾ ڄڻ تہ قافلي جي تصوير پئي نظر اچي.
چَنڊَ وِھاڻِئَ چَڙِهيا، مَلَّھ مَدِينِئان مِيرَ؛
اُنِ سين طَبَلَ، بازَ، تَبَرُون، ڪُندَ، ڪَٽارا، ڪِيرَ؛
عَلئَ پُٽَ اَمِيرَ، ڪَندا راڙو رُڪَ سين.
(ڪيڏارو)2:1
شاھ صاحب انتھائي ترتيب ۽ سليقي سان امام حسين جو مديني مان اچڻ، ڪربلا جي ميدان ۾ پھچڻ، جنگ جو لڳڻ، شيرن جو شھيد ٿيڻ ۽ مُوزين جو مرڻ بيان ڪيو آهي.
ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، اَهلِ بَيۡتَ آئِيا؛
ماري مِصِرِيُنِ سين، تن ڪافَرَ ڪَنبايا؛
سَچُ ڪِه بِيبِيءَ ڄايا، ھَهڙا سُورِھ سُپِرِين.
(ڪيڏارو)2:5
شاھ صاحب هلندڙ جنگ جو نقشو ڪيڏو نہ چٽو بيان ڪيو آهي
.
ھوڏانھن ھُنِ ھاڪارِيو، ھيڏانھن ھِي ھَڻَنِّ؛
سرنايُون ۽ سُنڌِڙا، ٻِنِين پارِ ٻُرَنِّ؛
گهوٽَنِ ۽ گهوڙَنِّ، رِڻَ ۾ لائُون لَڌِيُون.
(ڪيڏارو)3:5
جهمَندِيُون اَچَنِ، جهوليُون جهونجهارَنِ جُون؛
پايو ٻُڪَ ٻُھارَ جا، اُنِ جُون وَھُون واڪا ڪَنِ؛
پِٽِينِ پارَ ڪڍَنِ؛ رڻ گَجيو، راڙو ٿِيو.
(ڪيڏارو)3:7
شاھ صاحب وٽ وقار سان گڏ بھادري جو تصور آهي. هو جنگ جي ميدان مان کٽڻ کانسواءِ موٽڻ کي مھڻو ٿو سمجهي. اهڙي موٽ تي هو مرڻ کي ترجيح ٿو ڏئي. ان هنڌ پھچي “جنگ جو الميو” “جمال” ۾ بدلجي وڃي ٿو. سامھون جنگ جو ميدان آهي، جنھن ۾ بھادر وڙهن پيا، دشمنن کي مارين پيا_پاڻ مرن پيا. صورتحال تمام گهڻي غمگين ۽ ڏکيري آهي، پر ڀٽائي ان غمگين صورتحال جو نقشو تبديل ڪري موت کي بھادري ۽ وقار سان مشروط ڪري ان کي معنيٰ خيز بڻائي ڇڏي ٿو. شاھ جي سورمي جي ونيءَ کي ور جي مرڻ جو ارمان ڪونھي هن کي فخر آهي تہ سندس ور بھادر ۽ بيباڪ آهي.
ڀَڳو آئوُن نہ چَوان؛ مارِيو، تہ وِسَھان؛
ڪانڌَ مُنھَن ۾ ڌَڪَڙا، سيڪِيندي سُونھان؛
تہ پڻ لَڄَ مَران، جي ھُوَنِسِ پُٺِ ۾.
(ڪيڏارو)3:9
مَرُ مَرِين، آئوُن رُئَنءِ! موٽِي آءُ مَ، ڪانڌَ!
ڪَچَنِ وَڏا پاندَ، جِئَڻَ ٿورا ڏِينھَنڙا.
(ڪيڏارو)3:11
شاھ صاحب امام حسين جي جنگ جي ميدان ۾ موجودگي جي تصوير ڪيڏي نہ عظيم انداز ۾ پيش ڪئي آهي. حسيني قافلي جي سردار کي شاھ صاحب زبردست ڀيٽا ڏني آهي.
پاوَنگُ اُڀو پِڙَ ۾، ھَڻِي ھَزارِي ھولُ؛
جَوَھَرَ ۽ جَڙاءَ سين، ڪامِلَ سِرَ ڪَنگولُ؛
رَتو رَتَ رَتولُ، مولھيو مِيرَ حُسينَ جو.
(ڪيڏارو)5:8
شاھ صاحب امام حسين جي لاءِ چوي پيو تہ هن کي جڏهن جنگ جي ميدان ۾ زخم لڳا ۽ رت وهي سندس ڏاڙهي مبارڪ ۽ ڏندن تي اچي لڳو تہ سندس ڏند مبارڪ ڏاڙهونءَ جي گل وانگر ٿي لڳا. ۽ هو پوري پڙ ۾(جنگ جي ميدان ۾) چوڏهينءَ جي چنڊ وانگر ٿي لڳو،
ڏاڙھِي رَتَ رَتِياسِ، ڏَندَ تہ ڏاڙھُونءَ گُلَ جِئَن؛
چوڏِھِينءَ ماهَ چَنڊَ جِئَن، پِڙَ ۾ پا ڳَڙِياس؛
ميڙي ۾ مُحَمَّدَ جي، مَرُ مَرَڪي ماسِ؛
تَنھِن سورہ کي شاباسِ، جو مَٿي پِڙَ پُرِزا ٿِئي.
(ڪيڏارو)5:9
شاھ صاحب پڙهندڙن کي هڪ دفعو ٻيھر جنگ جي ميدان ۾ وٺي وڃي ٿو، جتي امام حسين جا ڪيترائي ساٿي شھيد ٿيا آهن تہ يزيدي ٽولي جا پڻ ڪيترائي ماڻھو مئا آهن. ماڻھن جي گو شت جي بوءِ تي جنگ جي ميدان جي مٿان ڳجهن جا ٽولا ايئن پيا نظر اچن جيئن جبل تي رڍون نظر اينديون آهن.
ڇَپَرِ جِئَن پَھُون، تِئَن رِڻُ ڳِجهنِ رانـئِيو؛
وَنِڪا وَنۡڪَنِ گَڏِيا، ڊوڙِيو ڏِيَنِ ڊَھُون؛
مھاينِ وَھُون، نِيرُ مھانگو ڪَندِيُون.
(ڪيڏارو)6:2
امام حسين شھيد ٿي ويو آهي، سندس ارمان ۾ ٽي ٽولا رنا آهن يا ائين چئجي تہ انھن ٽن ٽولن سندس وارث پٽ امام سجاد کي “مڪاڻ ڏني” آهي. گهرن ۾ ماڻھن، جهنگ ۾ مِرن، جانورن ۽ عرش تي ملائڪن. شاھ صاحب فرمائي ٿو تہ پکي پڻ اداس آهن تہ هو شھزادا (نبيﷺ جي آل اولاد) شھيد ٿي ويا آهن. پر اي خدا! تون انھن کي سوڀ ڏجانءِ!
حسَنَ، مِيرَ حُسينَ کي، رُنو ٽِنِ ٽولَنِ؛
گهرِ ماڙُھين، جهنگِ مِرُوئين، اُڀَنِ ۾ مَلَڪَنِ؛
پَکِيُنِ پاڻُ پَڇاڙِيو، تہ لَڏِيو ھوتَ وَڃَنِ؛
اَلا! شھزادَنِ، شل سوڀُون ڏِئين، سَچا ڌَڻِي!
(ڪيڏارو)6:5
مجموعي طور هن سر ۾ شاھ صاحب ڪربلا جي ٽريجڊي جو جھڙي ريت اظھار ڪيو آهي اهو تمام گهڻو عظيم ۽ اهم آهي. شاھ صاحب يڪسر واقعي کي “نسورو ئي ناز”، “ڪِرَن، ڪَنڌَ نَچَنِّ” ۽ “ڏِٺِـيَمِ رُڪَ رُئِي” جھڙن استعارن سان تعبير ڪري ان جو رخ المئي مان حيرت ۽ حيرت مان بھادري ۽ وقار ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي جيڪو جماليات جو پھلو آهي. يعني هن سُر ۾ درد جي جمال جا اهڙا جوهر ڀريا ويا آهن جو پڙهندي توڙي ٻڌندي اکين مان ڳوڙهن جون بوندون تہ ٽمن ٿيون پر ان ڏک ۾ هڪ راحت پڻ تحليل آهي. تہ هو امام حسين جا ساٿاري تمام گهڻي بھادريءَ سان وڙهيا آهن. سر ڪيڏاري جو جمال اهو ئي آهي تہ هي سر سُرور ۽ سوز جو ڳانڍاپو آهي.