لطيفيات

شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ جماليات

ھي ڪتاب ڊاڪٽر شير مھراڻي جي 2012ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي ۾ پي ايڇ ڊي ٿيسز جي مقالي تي مشتمل آھي، جنھن جو نگران ڊاڪٽر غفور ميمڻ ھيو. ھن مقالي ۾ ڊاڪٽر شير مھراڻيءَ سونھن جي سموري تاريخ تي انتھائي برجستي انداز سان قلم کنيو آھي. ھن جماليات جي اوسر، تاريخ، مذھبن ۾ جماليات جي تصور، جماليات جي مختلف قسمن، جديد فلسفي ۾ جماليات جي تصور، تصوف ۾ جماليات جي تصور ۽ ڀٽائيءَ وٽ جماليات جي تصور ۽ شاھ جي رسالي جي مختلف سُرن ۾ جماليات جي تصور تي عالماڻي انداز سان لکيو آھي.

Title Cover of book AESTHETICISM IN THE POETRY OF SHAH LATIF

سر ديسي

لفظ “ديسي” معنيٰ ڏيھي يا مُلڪي. سر ديسي تي اهو نالو هڪ راڳڻي جي پويان پيل آهي. اها راڳڻي منجهند جو ڳائبي آهي. ڪلياڻ آڏواڻي موجب (اها راڳڻي) “ديپڪ زال جي پنجن زالن مان هڪ آهي.”
ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي لکي ٿو.“ “ديسي”، سنسڪرت لفظ “ديشي” جي پراڪرت صورت آهي ۽ معنيٰ اٿس، “ڏيھي”، سر ديسي هڪ راڳڻي جو نالو آهي.”
هيءُ سر پڻ سسئي جي سورن جي ثمر تي چيل آهي ۽ سر آبري ۽ سر معذوريءَ جو تسلسل آهي. هن سر ۾ شاه صاحب سسئي سان ڪيل ڏيرن جي ڏنگاين ۽ پنھون ڏانھن پنڌ ڪندي، جبل جهاڳيندي جيڪي ٻيون مشڪلاتون سسئي ڏٺيون آهن انھن جو ذڪر آهي. سسئي جي سالم حوصلي ۽ همت جو پڻ هن سر ۾ ذڪر آهي. سسئي پنھنجي پنهل ڏانھن ويندي ڪنھن پيچري ۽ پنڌ جي اڻسونھين هوندي بہ پنھنجي همت ۽ هنيانءَ جي سوجهري تي برن ۾ ڪاهي پئي آهي. شاه صاحب سندس وک وک تي سندس حوصلي تي داد ڏيندو رهيو آهي. ۽ اها سسئي ئي آهي جنھن تي شاه صاحب رسالي جا پنج سر چيا آهن.
اُٺَ ويرِي، اوٺارَ ويرِي، ويرِي ٿِـيَڙَمِ ڏيرَ؛
چوٿون ويرِي واءُ ٿِيو، جنھن لَٽِيا پُنھونءَ جا پَيرَ؛
پَنجون ويري سِڄُ ٿِيو، جنھن اُلھي ڪِي اَويرَ؛
ڇَھون ويري ڇَپَرُ ٿِيو، جنھن سَنوان ڪَيا نہ سيرَ؛
سَتون ويري چَنڊُ ٿِيو، کِڙِيو نہ وَڏِيءَ ويرَ؛
واھيري جِي ويرَ، ڇُلُون ڪَرِيان ڇَپَرين!
(ديسي)1:12
سسئي پنھون جي پيار ۾ ڪيل پنڌ ۾ جيڪي مشڪلاتون ڏسي ٿي، توڙي جي انھن کي اکين تي رکي قبول ڪري ٿي پر ان پنڌ ۾ تڪليفون ڏيندڙ عنصر کيس ويري ٿا لڳن. جتي هو نسبتي جمال کي ساراهي ٿي اتي نسبتي دشمني جو ذڪر پڻ ڪري ٿي. حضرت علي عليہ السلام جو مشھور قول آهي تہ “توهان جا ٽي دوست آهن؛ يعني توهان جو دوست، توهان جي دوست جو دوست ۽ توهان جي دشمن جو دشمن، اهڙي ريت توهان جا ٽي دشمن آهن؛ توهان جو دشمن، توهان جي دوست جو دشمن ۽ توهان جي دشمن جو دوست” سسئي جڏهن اٺن، اوٺارن، ڏيرن، واءَ، سج، ڇپر ۽ چنڊ کي ويري ٿي سڏي تہ اهو هڪ نسبتي وير آهي. جو انھن سڀني شين سسئي جي پنھون سان پريت ۾ ڪنھن نہ ڪنھن ريت رخنو وڌو آهي.نہ تہ هوا، سج، چنڊ ۽ ڇپر فطري جمال جو حصو ٿيندا آهن، پر هتي صورتحال يڪسر تبديل آهي. جيڪي شيون پنھنو ڏانھن پنڌ ڪندي دشواريو پيدا ڪن ٿيون اهي قبول ناهن ڀلي اهي خوبصورت ئي ڇو نہ هجن. سسئي جي سونھن پنھون سان آهي. هوءَ تہ برملا چئي ڏئي ٿي.

سَبَہَ سِياھِي، آھي آرِيءَ ڄامَ ري؛
ڪڏھن پَسي ڪا نہ ڪا، رِءَ لالَنَ لالائِي؛
دُودُ دِلِ تان دُورڪَري، ڪَرِ، ساجَنَ! صَفائِي؛
مَنۡ لاَ شَيۡخُ لَہٗ فَشَيۡخُہُ الشَّيۡطَانُ، اِنَ رِءَ اُونداھِي؛
ھُوءَ جا ھَلِي ھيڪِلِي، سا گِيرَبَ گَمائِي؛
بِلَا شَيۡخِ مَنۡ يّـَمۡشِيۡ فِى الَّطَرِيۡقِ، اِھڙِي اَوائِي؛
تنھن رِءَ تَوائِي، ڪوڙين ٿِيَنِ ڪيتَريُون.
(ديسي)2:3
يعني جيڪڏهن سوجهرو ۽ سونھن آهي تہ پنھون سان آهي، ان کانسواءِ سڀ ڪجهہ اونداهو ٿو لڳي. جيڪا سسئي پنھون کي کڻي ويندڙ اٺن کي ويري پئي سڏي ۽ پٽي پئي(ميا سڀ مرن)، اهائي سسئي نہ رڳو انھن اٺن کي دعائون پئي ڏي (ميا سڀ جيئن، جن منھنجو پنھون پيادو نہ نيو) بلڪہ ان ساٿ جي سونھن جي واکاڻ بہ پئي ڪري. سسئي جي پٽ، پارتا، دعا ۽ قافلي/ ساٿ جي سونھن جي واکاڻ سڀ نسبتي آهي.
شاه صاحب ڪيچان آيل قافلي جي ڪيڏي نہ حسين عڪاسي ڪئي آهي.

ڪيچان آيو قافِلو، جُنگُ سُونھارِيءَ جوڙَ؛
تَلِيارا توڏَنِ کي، ڳِچِيءَ سُونھَنِ موڙَ؛
دؤلَتَ چايان دوڙَ، جي مُون نِيو پاڻَ سين.
(ديسي)3:3

جهوُڙا جن جهلُنِ ۾، ھِيري لَکَ ھَزارَ؛
لَڳا واٽَ وَڻَنِ جا، پُنھونءَ کي پالارَ؛
آن ڪي ويندا گَڏِيا، اَھِڙيءَ سِٽَ سُوارَ؟
لَنگهي ڪالَھ قَطار، تُون، آئِي! اَڄُ نِھارِئين!
(ديسي)3:3
سسئي پنھون جي ساٿ جا پار پتا ڏيندي چوي پئي، “سونھاري جوڙ، اٺن جي ڳچين ۾ سھڻا موڙ، سندن جهُلن ۾ لکين هيرن جاجهوڙا ۽ اٺ جڏهن وڻن جي پاسن کان ٿي گذريا تہ وڻن جون ٽاريون پنھون کي ٿي لڳيون اهڙي آرين پارين ڪو قافلو اوهان ڏٺو؟”، تہ موٽ ۾ ڪائي عورت کيس چئي ٿي “لَنگهي ڪالَھ قَطار، تُون، آئِي! اَڄُ نِھارِئين”.(لفظ “آئي”/“ائي” حيرت جي اظھار لاءِ استعمال ڪبو آهي، جيڪو اڪثر سنڌ جي ٻهراڙين ۾ عورتون چونديون آهن. اهو شاه صاحب جو ڪمال آهي جو بي معنيٰ لفظن کي بہ ڪتب آڻي انھن کي نہ رڳو معنيٰ بخشي آهي، بلڪہ ملھائتو پڻ ڪيو آهي. نہ تہ لفظ “آئي” صرف spoken word آهي، جيڪو لکت ۾ ناهي آندو ويندو.)
اها شاه صاحب جي فني جمال جي خوبي آهي. شاه جي شاعري ۾ سڀئي فني خوبيون موجود آهن. هن بيت ۾ تجنيس جو استعمال ڪيڏي نہ من موهيندڙ انداز سان ڪيل آهي.

وَرَ ۾ ڪونھي وَرُ، ڏيرَنِ وَرُ وَڏو ڪَيو؛
نِھارِيندِيَسِ نِڪرِي، بوتَنِ ڪارَڻِ بَرُ؛
آڏو ٽَڪَرَ ٽَرُ، متان روہَ رَتِيُون ٿِئين!
(ديسي)3:9
هڪ پاسي شاعراڻي سونھن ٻي پاسي حوصلي، همت ۽ ارادي جي پختگي “آڏو ٽَڪَرَ ٽَرُ، متان روہَ رَتِيُون ٿِئين” هتي شاه صاحب فن ۽ فڪر جي حسين امتزاج کي سامھون آندو آهي.
خوشبوءِ جو ذڪر جمالياتي شاعري جو اهم ڳڻ آهي. سرديسي ۾ شاه صاحب خوشبوءِ جو ذڪر پڻ ڪيو آهي.
اَسِين پاڻَ پَرِٽَ، پورھِيَتَ پُنھونءَ ڄامَ جا؛
ھوتُ کَٿُورِيءَ ھيرَئون، مُون ۾ صابُڻَ ڇَٽَ؛
آتَڻَ مَنجه اُگهٽَ، ڪانڌُ ڪنھِين جِي مَ ڪَري!
(ديسي)4:4
اها سسئي جي قصر نفسي آهي جو هوءَ چوي ٿي، “ھوتُ کَٿُورِيءَ ھيرَئون، مُون ۾ صابُڻَ ڇَٽَ” نہ تہ پنھون پاڻ بہ سسئي تي عاشق هو. پر شاه صاحب عورت جي عشق کي مرڪز بڻايو آهي. جيئن انگريزي جي مشھور اديب ۽ شاعر برائوننگ جي ڊرامي “Pippa passes” جي هيروئن مرڻ وقت بہ چوي ٿي، “اي خدايا رحم ڪر مون تي نہ هن (سندس محبوب) تي” ڏيکاريل آهي. سسئي پاڻ تہ پنڌ ڪري ٿي، جبل جهاڳي ٿي، پر اٺن کي دعا ٿي ڏئي تہ اهي ميا جيئن جو انھن سندس پنھون کي پيادو ٿيڻ ناهي ڏنو.
بَرُ مِڙوئِي بُوءِ، ڇَپَرَ ڇاٽُون مُڪِيُون؛
ٻَہِ ٻَہِ ٿي ڀَنڀورَ ۾، ھَنڌَ مِڙيئِي ھُوءِ؛
راڻِيُنِ وَرِي روُءِ، گُوندَرَ لَٿا گولِئين.
(ديسي)7:5

جئن سو ھَرَڻُ ھُماءُ، سَرگَردان سَنسارَ ۾؛
ھِيُ پَڳُ نہ کوڙي پَـٽِـئين، ھُو ڌَڙَ سِرِ ڌَري نہ ساہُ؛
جيڪُسِ تن مُلاءُ، سَسُئِيءَ سُورَ پِرائِيا.
(ديسي)5:1
“جيئن ختن ملڪ جو هرڻ پنھنجي ناف (دن) مان ايندڙ سرهاڻ تي حيران ٿي، چوطرف پيو رلندو آهي ۽ هما پکي هميشہ پرواز ۾ هوندو آهي. ۽ جيئن هي (هما) پٽ تي پير ئي نہ کوڙيندو آهي. ۽ هن (هرڻ) کي پنھنجي وجود جي سمڪ ئي نہ رهندي آهي تيئن سسئي نہ شايد انھن کان سور سکي، رڻ ۾ سٽون ڏيندي پيئي وڃي”.
پھاڙن جا اوکا پنڌ ۽ سسئي جي جاکوڙ! ايئن پيو ڀائنجي ڪه کائنس پنھنجي وجود جو ڪو حصو ڌار ٿي ويو آهي جنھن کي ڳولھڻ لاءِ ديوانہ وار جبل پئي جهاڳي. هوءَ سراپا سور ۽ جاکوڙ جي تصوير پئي نظر اچي. شاه صاحب بہ پھاڙن جي رستي جي ايڏي تہ خوبصورت عڪاسي ڪئي آهي جو پڙنهدڙ کي بہ سسئي پھاڙن جي پيچرن تي ڏسڻ ۾ پئي اچي. هو چوي پيو، “سسئي اتان ٿي گذري جتي ڇپر ۽ ڇمر (ٽڪر ۽ ڪڪر) پاڻ ۾ پئي لڳا.” ايڏي اوکي پنڌ تي هڪ ڪمزور عورت جو ڪاهي پوڻ، ۽ وري ڀٽائي ان پنڌ جي عڪاسي ايئن پيو ڪري ڄڻ تہ هو پاڻ سسئي سان گڏ اهو پنڌ ڪري رهيو هجي، وري اظھار ايڏو سگهارو جو پڙهندڙ کي بہ ائين پيو محسوس ٿئي تہ هو پڻ انھن ڏاڍن ڏونگرن مان پيو گذري!. لاشڪ شاه جي شاعري ڪو جمالياتي معجزو آهي.
ڇَپَرَ ۽ ڇَمَرَ، ٿا لَڳَہَ لَڳَنِ پاڻَ ۾؛
ڏاڍا ڏُونگَـرَ ڪَرڪَرا، ويڌَ، وِنگايُون وَرَ؛
آئُون پِيادِي پَـٽِـئين، نِماڻِي نِڌَرَ؛
سُورِيُون جِتِ سَڳَـرَ؛ اُتِ ٻاتاڙِيءَ ٻِيلِي ٿِئين!
(ديسي)5:6

ڪَرِڙا ڏُونگَـرَ، ڪَہَ گهڻِي، جِتِ مِينھَن وَسَنِ ماڪُون؛
سُڄَنِ ٿِـيُون، سَيَّدُ چئي، ھاڙھي جُون ھاڪُون؛
جِتِ اَنڌيوُن اوطاقُون، تِتِ ڪاھي رَسِجِ، ڪارَڻِي!
(ديسي)6:6

ماڻِڪُ مِٽُ سَندومِ، اونداھِيءَ ۾ سوجهرو؛
حَشَرَ ويلَ حِسابَ ۾، ڇَڏي نہ ويندومِ؛
سارِيو سَڏُ ڪَندومِ، ڪوھِيارو ڪيچَ ڌَڻِي.
(ديسي)6:7
مجموعي طور سر ديسي سسئي جي پنڌ ۽ جاکوڙ جو سر آهي. هن سر ۾ شاه صاحب پنھون جي قافلي جي سونھن جو ذڪر ڪيو آهي تہ سندس پنھنجي سونھن جي پڻ ڳالھہ ڪئي آهي. شاه صاحب جو سسئي جي پاران چوڻ تہ پنھون کان سواءِ سڀ اونداهي ڀائنيان، منجهس کٿوري خوشبوءِ آهي؛ پنھون جي سونھن ۽ عشق جو اظھار آهي. ٻي پاسي خوبصورت تشبيھن، تلميحن ۽ تجنيسن جو استعمال پڻ آهي تہ ڇپرن ۽ ڇمرن جو پاڻ ۾گسڻ، مينھن جون ماڪون پوڻ، ڇپر جي ڇاٽن منجڻ، قافلي کي وڻن جون ٽاريون لڳڻ؛ فطري جمال جي عڪسبندي آهي. يعني سر ديسي ۾ جسماني، فني ۽ فطري جمال موجود آهي.