لطيفيات

شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ جماليات

ھي ڪتاب ڊاڪٽر شير مھراڻي جي 2012ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي ۾ پي ايڇ ڊي ٿيسز جي مقالي تي مشتمل آھي، جنھن جو نگران ڊاڪٽر غفور ميمڻ ھيو. ھن مقالي ۾ ڊاڪٽر شير مھراڻيءَ سونھن جي سموري تاريخ تي انتھائي برجستي انداز سان قلم کنيو آھي. ھن جماليات جي اوسر، تاريخ، مذھبن ۾ جماليات جي تصور، جماليات جي مختلف قسمن، جديد فلسفي ۾ جماليات جي تصور، تصوف ۾ جماليات جي تصور ۽ ڀٽائيءَ وٽ جماليات جي تصور ۽ شاھ جي رسالي جي مختلف سُرن ۾ جماليات جي تصور تي عالماڻي انداز سان لکيو آھي.

Title Cover of book AESTHETICISM IN THE POETRY OF SHAH LATIF

سر رامڪلي

سر رامڪلي ۾ شاھ صاحب جوڳين، سامين، لاھوتين ۽ آديسين جو ذڪر ڪندي انھن جي جدوجھد، جاکوڙ ۽ ڳولا بيان ڪئي آهي. شاھ صاحب سندن منزل مقصود حقيقي محبوب جو ديدار ڄاڻائي آهي، جيڪا اهلِ تصوف جي اصلي راھ ۽ منزل آهي.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سر رامڪلي بابت لکي ٿو:
“ چوڏهين ۽ پندرهين صدي عسيوي ۾ سنڌ ۾ سماع جي محفلن ۾ ذاڪر ۽ قوال “جوڳ ۽ ڀڳتي” جي موضوعن تي هندي راڳن “رام ڪريہ” ۽ “جوڳيا” کي سنڌي نغمن جي ميل ميلاپ سان ڳايو ۽ انھي ميل مان “ سنڌي رامڪلي” ۽ “سنڌي جوڳ” راڳ اسريا، سورهين صدي ۾ راڳ “سنڌي رامڪلي” هندستان ۾ مشھور ٿي چڪو هو، ارڙهينءَ صديءَ ۾ شاھ جي وقت ۾ اهو راڳ سنڌ ۾ هلندڙ هو، جو ان کي “شاھ جي راڳ” ۾ سر رامڪلي واري موضوع جي بيتن ۽ واين ڳائڻ لاءِ منتحب ڪيو ويو.”
ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو لکي ٿو:
“سر رامڪلي ۾ لطيف سائين جيڪي تاريخي اهڃاڻ استعمال ڪيا آهن سي سڀ انساني ڀلائي، پيار ۽ خوبصورتي جي ورکا ڪندي نظر اچن ٿا. منجهن ڪنھن بہ قسم جي نفرت، ڪدورت ۽ ٻيائي جو شائبو نظرنٿو اچي ... لطيف سائين سر رامڪلي ۾ جن ماڳن، مڪانن توڙي اوتارن، تيرٿن ۽ شخصيتن جي تاريخي اهميت ۽ ڪرداري سگهہ کي بيان جي ذريعي اجاگر ڪيو آهي، تن سڀني جي لطيف جي اظھاري قوت ڪري ڪردار کان وڌيڪ اهڃاڻي حيثيت ٿي پئي آهي.”
يعني سر رامڪلي ۾ ذڪر هيٺ آيل جوڳي ۽ سامي ۽ سندن پنڌ ۽ جستجو هڪ اهڃاڻ آهي. جنھن جي تصوير شاھ صاحب پيش ڪئي آهي. شاھ صاحب جيڪي سفر ۾ ٽي سال گذاريا ۽ مشاهدا ماڻيا هي سر انھن پنڌن دوران ڪيل مشاهدن جو ثمر يا نتيجو آهي. سفر دوران شاھ صاحب جوڳين جي طبيعتن، مزاجن ۽ نفسيات جو ويجهڙائي کان مطالعو ڪيو هو ۽ پوءِ ڀٽ تي ويھي انھن جوڳين ۽ سندن پنڌن جي رازن، رمزن ۽ روحانيت تي سوچڻ لڳو ۽ ان سوچ جو ثمر سر رامڪلي آهي.
شاھ صاحب جوڳين کي نوري ۽ ناري سڏي ٿو، جنھن مان غلام محمد شاهواڻي صاحب دوزخي ۽ جنتي جي مراد ورتي آهي. جيڪا ناموزون لڳي ٿي. ان جي بنسبت ڪلياڻ آڏواڻي نوري ۽ ناري کي جلالي ۽ جمالي سڏيو آهي جيڪو بلڪل درست لڳي ٿو.
نُورِي ۽ نارِي، جوڳِــيَڙا جھان ۾؛
ٻَري جن ٻارِي، آءٌ نہ جِئندِي اُنِ ري.
(رامڪلي)1:1
“جهان ۾ جمالي توڙي جلالي جوڳي آهن. جن جي ڪچهري نينھن جي نور سان پئي ٻهڪي، تن کانسواءِ مان نہ جيئنديس.”
سر رامڪلي ۾ شاھ صاحب جوڳين جي سونھن ۽ سوڀيا جو ذڪر ڪيو آهي. هن سر ۾ ذڪر هيٺ آيل جوڳي نہ صرف پنھنجين صورتن پر سيرتن ۾ بہ اهم ۽ املھ آهن. شاھ صاحب جھڙو ڏاهو ماڻھو جن جوڳين، ڪن ڪٽ ڪاپڙين، سامين ۽ لاهوتين کي ساراهي ٿو اهي يقيناَ اهم، مانائتا ۽ معتبر آهن. شاھ صاحب چوي پيو تہ ويراڳين جا واڄٽ (سندن مُرلين، سازن ۽ سرندن جا آواز) سندس لاءِ وڏو قيمتي سرمايو آهن. هو پاڻ تہ گهڻو گهٽ ٿا ڳالھائين پر سندن سازن جا آواز ئي ازل ۽ ابد جا راز کوليو ٿا ڇڏين.

واڄَٽَ ويراڳِـيُنِ جا، مُون وَٽِ وَڏو مالُ؛
مَقالان مھندِ ٿِيا، ڪونھي وَٽِنِ قالُ؛
حاصُلُ جنِين حالُ، آءٌ نہ جِئندِي اُنِ ري.
(رامڪلي)1:5
سندن سونھن جو ذڪر ڪندي شاھ صاحب چوي پيو تہ هو سنياسين جي سنگ ۾ ويٺل آهي ۽ انھن کانسواءِ ٻيو ڪجهہ بہ نہ پيو ڏسي ڇاڪاڻ تہ انھن جي سونھن جھڙي ٻي ڪنھنجي بہ سونھن ناهي.

وَٽِنِ ويٺِي آهِيان، ڏِسِيو ڪِينَ ڏِسان؛
جَنھن جِهوئِي ناهِ ڪِي، سا ڪا سُونھن سَندِيانِ؛
پَسِيو ڪِينَ پَسانِ، آءٌ نہ جِئَندِي اُنِ ري.
(رامڪلي)1:11
هتي شاھ صاحب نہ صرف جوڳين جي جمال جي ڳالھ ٿو ڪري پر پنھنجي شعور کا اجتماعي شعور سان سلھاڙيندي هڪ پوري خطي ۽ تاريخ جي نمائندگي ٿو ڪري. اسان کي ڪٿي بہ شاھ صاحب جو شعور ۽ وجداني اظھار اڪيلو نہ ٿو ڀاسي بلڪہ سندس اظھار هڪ اجتماعي معاشري جو اظھار آهي. هو جوڳين، سامين، لاهوتين، ڪاپڙين، سنياسين ۽ کاهوڙين کي هڪ اجتماعي صورت ۾ ڏسي ٿو. اهي اجتاعي طور تي سندس هيرو آهن. جن جي لاءِ ڊاڪٽر شوق صاحب لکي ٿو :
“شاھ صاحب سر رامڪلي ۾ تمام گهڻن جوڳين جو ذڪر ڪيو آهي... (جن ۾) آديس، آڌوتي، جبروتي، ريڳڙيارا، سناسي، سويساهيا، صابري، کاهوڙي، ڪاپٽ، ڪاپڙي، ڪل پتي، ڪن چير، ڪن ڍار، ڪنوٽيا، ڪوسياهيا، گودڙيا، لانگوٽيا، لاهوتي، مھيسي، نانگا، ويراڳي، هرڪيس (شامل آهن). ”
شاھ صاحب چوي پيو تہ، هنن جوڳين پنھنجي پاڻ کي ذاتِ ڪُل (خدا) ۾ گم ڪري ڇڏيو آهي. هنن پنھنجا سڀئي ڪم سبحان جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن. سندن صحبت انتھائي پرڪشش آهي. هنن جي جدائي رئاري ٿي وجهي.

پاڻھين ويٺا پاڻَ سين، پَرِ ۾ پَرِياڻِينِ؛
سامِي سَفَرِ هَلِيا، آسَڻُ اُجهائِينِ؛
رُخِصَتَ رُئارِينِ، آءٌ نہ جِئَندِي اُنِ ري.
(رامڪلي)1:15
جُزو وِڃايو جوڳِـئين، ڪُلَّ سين آهينِ ڪَمُ؛
آسَڻُ جِنِ عَدَمُ، آءٌ نہ جِئَندِي اُنِ ري.
(رامڪلي) 1:16
سندن مونا ڄڻ تہ طور سينا جبل جھڙا هجن (جتي حضرت موسيٰ خداءِ بزرگ ۽ برتر سان هم ڪلام ٿيندو هو.) جن ۾ منھن وجهيون هي سنياسي ڄڻ تہ پنھنجي حقيقي مالڪ سان گفتگو ۾ ٻڏل آهن. سندن ٻيو ڪو ونھوار ناهي، هو ان ذات ۾ گم آهن ۽ اها ذات ئي سندن پردو آهي، جنھن ۾ سندن سمورا راز لڪل آهن.
مُونا طُور سِينا، سَندا سَنياسِيُنِ؛
پُورَبِ کَنيو نہ پاڻَ سين، بُودُ بيراڳِـيُنِ؛
رِدا آهي رازَ جِي، اَوڇَڻُ آديسِيُنِ؛
قُربُ ڪاپَڙِيُنِ، نھن چوٽِيءَ سِيئَن ڍَڪِيو.
(رامڪلي)5:1

مُنھن مِحِرابُ پِرِينءَ جو، جامِعَ سَڀَ جَهانُ؛
فَرَهِيءَ تان فُرقان جِي، ڪاٽِيائون قُرآنُ؛
اُڏامِي اُتِ وِيو، عَقُلُ ۽ عِرفانُ؛
سَڀوئِي سُبحانُ، ڪاڏي وڃِي نِيَتِيان.
(رامڪلي) 5:3
شاھ صاحب موجب “اهي ڪي ٿورا هيري جھڙا سچا فقير، روحاني رنگ ۾ رچي لال ٿيا، جن وٽان بي بھا پرين اچي لنگهيو... هنن ويراڳين نيستي جي آڙاھ ۾ پنھنجا آستان اڏيا آهن.” هو پنھنجي سوچ لوچ ۽ گيان سان ڳوڙهن گردابن کي سلجهايون ويٺا آهن.
لالَ ڪي لالُ ٿِيا، لالُ لَنگهيو جَنِ؛
عَدَمَ جي اوڙاهَ تي، ڪَيا آسَڻَ آڌوتِيَنِ؛
گَردانِيو گُنگَنِ، گِردابَ کي گِيانَ سين.
(رامڪلي)5:8
اهي جوڳي جيڪي سدائين فڪر ۾ محو رهن ٿا انھن جا تن توڙي من ميراڻ کان پاڪ آهن، تڏهن تہ هو اقدس ذات سان لاڳاپي ۾ گم آهن. هنن جا نيڻ ننڊن جا هيراڪ ناهن، هو هميشہ پنھنجي مالڪ ڏانھن رجوع ۾ ٿا رهن.

گُهنڊِنِ پاسي گِهنڊَ، گَڏُ گُذارِينِ گودَڙِيا؛
پَليـتِيءَ کان پانھنجا، پاڪُ رَکِيائون پِنڊَ؛
نانگا ڪَنِ نہ نِنڊَ، وَڃَنِ رُوندا رامَ ڏي.
(رامڪلي) 6:8

شاھ صاحب نہ صرف انھن جوڳين جي واکاڻ ٿو ڪري پر هو جيڪو مچ ٻاريندا آهن انھن جي پڻ ساراھ ٿو ڪري، ۽ چوي پيو تہ سندن ٻاريل ڪاٺيون ۽ ڪانا بہ پيا ٻھڪن.

تھڙا ڪَڙڄَ ڪَڪِرا، جھڙا جائُنِ ڦُلَ؛
تِنِ سامِيُنِ جي سڌ مَران، جِن جي گودَڙِيُنِ ۾ گُلَ؛
اندَرِ مُلان مُلَ، ٻَهَرِ ڪوجها ڪاپَڙِي.
(رامڪلي) 6:9
“جوڳين جون ٻاريل ڪاٺيون ۽ ڪانا ايئن پيا ٻھڪن، جيئن جائو ٻوٽن جا گل، انھن جوڳين جي سڪ ۾ ٿو مران، جن جي گودڙين ۾ گل آهن. ڪاپڙي اندر ۾ بي بھا آهن. پر ٻاهران بد زيبا پيا ڏسڻ ۾ اچن.”
شاھ صاحب پيو چوي تہ هو جيسيتائين اوطاقن ۾ آهن تيسيتائين ساڻن دل جا حال ويھي اور ۽ مٿن پنھنجي پاڻ کي پيو گهور؛ ڇاڪاڻ تہ هو جيڪڏهن هنگلور هليا ويا تہ پوءِ سندن ملڻ محال آهي.
تان ڪِي ساڻَنِ اورِ، جان آهِينِ اوطاقُنِ ۾؛
ڏَه ڏَه ڀيرا ڏِينھن ۾، پاڻُ مَٿانئُن گهورِ؛
وِيا جي هِنگلورِ، تہ ڪَرَمِ مِلَندَءِ ڪاپَڙِي.
(رامڪلي) 8:2
۽ جڏهن هو اوطاقن مان هليا ٿا وڃن تہ تہ اوطاقن ۾ نہ ڪو دونھون ٿو دکي ۽ نہ لاٽ ٿي ٻري، جھڙو ڪه سنياسين جي وڃڻ سان سندن پويان سڃ ٿي وئي هجي.
.
اَڄُ نہ اوطاقُنِ ۾، دُونھين، ڌُنڌُ، نہ لاٽَ؛
وِيا ويراڳِي، نِڪِرِي، چِتَ چَکائي چاٽَ؛
آءٌ مارِيَسِ تَنھين ماٽَ، جِيجان! جوڳِـيَڙَنِ جي.
(رامڪلي) 8:8
شاھ صاحب جوڳين بابت چوي پيو تہ هنن پنھنجي بک ڄڻ تہ بگرين ۾ وجهي ڇڏي آهي. هو طعام جي طلب تہ ڪن ئي ڪو نہ ٿا. هنن پنھنجون خواهشون ختم ڪري ڇڏيون آهن. هو سڃ جهاڳي وڃي وسنئنءُ ڀيڙا ٿيا آهن.

بُکَ وِڌائُون بُگِرِيـين، جوڳِي ڪندا جُڃَ؛
طَلَبَ نہ رَکَنِ طَعامَ جِي، اوتِيو پِيَنِ اُڃَ؛
لاهُوتِيُنِ، لَطِيفُ چئي، مَنُ ماري ڪيو مُڃَ؛
سامِي جهاڳي سُڃَ، وَسَنئُن کي ويجها ٿِيا.
(رامڪلي) 9:1
شاھ صاحب سررامڪلي ۾ تصوف ۽ روحانيت جي جمال کي واضع انداز ۾ بيان ڪيو آهي. هو هڪ فرد کي خدا جو پرتوو ٿو سڏي ۽ تمثيلي اندز ۾ پيو چوي تہ جنھن کي اوهين ڏِ يو(چراغ) پيا ڀانيو اصل ۾ اهو سج جو عڪس آهي. (فرد خدا جو پرتوو آهي.) اندر جي احساسن کي روشن ڪري انھيءَ روحاني رمز ۽ راز کي سمجهي سگهجي ٿو.
تو جو ڏِئو ڀانـئِيو، سا سُورَجَ سھائي؛
اَنڌَنِ اُونداهِي، جي راتِ وِهامِي ڏينھن ٿِيو.
(رامڪلي)9:14
مجموعي طور سر رامڪلي ۾ شاھ صاحب جوڳين، سامين، سنياسين ۽ ڪاپڙين جي کوجنا کي تمثيلي بڻائي پيش ڪيو آهي. هن جي سامھون جوڳي ۽ سنياسي خالق حقيقي جا اهي ٻانھا آهن، جيڪي سندس تمام گهڻو ويجهو آهن. سندن مونا طور سينا جبل وانگر آهن. جتان هو ڌڻيءَ جو ديدار ڪن ٿا. هنن پنھنجو جز وڃايو آهي ۽ اهي هن اقدس ذات جي ڪُل سان هڪ ٿي ويا آهن. “سوئِي سُڃاڻيجِ، هِيُّ هُو آهي هيڪِڙو”. تصوف جو اهم نڪتو آهي تہ انسان جمالياتي حيثيت ساڻ کڻي پيدا ٿيو آهي. ۽ هو جڏهن دنيا ۾ جمالِ ڪل (خالق) طرف رجوع ڪري ٿو تہ سمجهڻ گهرجي تہ هو پنھنجي اصل طرف موٽي ٿو، جيئن اها هڪ آفاقي حقيقت پڻ آهي تہ هر شيءَ کي پنھنجي اصل ڏانھن موٽڻو آهي. سر رامڪلي ۾ پڻ جوڳين ۽ سامين جي ان پنڌ جي واکاڻ آهي جيڪو هو پنھنجي اصل ڏانھن ڪاهيندي ڪن ٿا ۽ نيٺ “وَڃِي ڪالَھه ڪُلُ ٿِيا” جي روپ ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا. هن سر ۾ شاھ صاحب صوفياڻي جمالياتي تصور جا اهڙا جلوا ڏيکاريا آهن، جو سندس جمالياتي بصيرت حيران ڪري ڇڏي ٿي.