جسماني جماليات ۽ ڀٽائيءَ وٽ ان جو تصور
ڊاڪٽر غلام نبي سڌائي صاحب پنھنجي ڪتاب “شاھ لطيف جو علامتي شعور” ۾ هندي جي مشھور شاعرملڪ محمد جائسي جي حوالي سان نسواني سونھن جو هي معيار بيان ڪيو آهي.
“مٿي جا وار، آڱريون، اکيون، ڳيچيءَ جو ڊگهو هجڻ، ڏند، پستانن، پيشاني، دن جو ننڊو هجڻ، ڳل، ٻنڊڻ، ڪرايون ۽ رانون ڀريل ۽ نرم هجڻ شامل آهن.”
يا وري اولانھن ملڪن ۾ ٿيندڙ سونھن راڻين جي مقابلن جو معيار ڪجهہ هن طرح ٻڌايل آهي.
“Her body is short and slit, rounded and curved. Her shoulder slope: her arms rounded: a small waist lies between rounded bosom and a bell _ shape lower torso, curved by voluminous clothing. Her hands are small, her fingers tapering, her teeth when they protrude are tiny and delicate when her pictorial represent talent is colored, her complexion is white, with a blush of pink in her checks.”
سونھن تي ڪيترائي مضمون لکندڙ عورت ليکڪا Chana Kalsmith پنھنجي هڪ مضمون vision of beauty ۾ لکي ٿي.
“ ربي يھوشوا پنھنجي ڏاهپ جي ڪري گهڻو مشھور هو، پر هو ڏسڻ ۾ تمام گهڻو ڪوجهو هو. هڪ ڀيري بادشاھہ جي ڌيءَ کائنس پڇيو “خدا هڪ عظيم ڏاهپ تو جھڙي ڪوجهي انسان کي ڪيئن ڏني آهي؟” ربي جواب ۾ چيو “ڇاڪاڻ تہ بھترين امرت هميشہ ٺڪر ۽ مٽي جي مٽن ۾ رکيو ويندو آهي؛ جيئن تنھنجو پيءَ رکندو آهي.” شھزاديءَ چيو “تہ پوءِ اهوڪٿي رکڻ گهرجي؟” هن وراڻيو، “تہ سون ۽ چاندي جي صراحين ۾.”، شھزاديءَ ائين ئي ڪيو ۽ ڪجهہ ڏينھن ۾ اهو امرت خراب ٿي ويو. جنھن تي سندس پيءَ کائنس پڇا ڪئي، شھزاديءَ ربي سان ٿيل ڳالھہ ٻولھہ جوسربستو احوال پنھنجي پيءَ کي ڏنو. بادشاھہ ربي کي گهرايو ۽ کائنس پڇيو تہ هن ايئن ڇو ڪيو؟ هن وراڻيو تہ هن شھزادي جي سوال جو جواب ڏنو آهي. جنھن تي بادشاھہ چيس:
“… ‘But there are beautiful people who are learned’ and the Rabbi replied “if they were ugly; they would have learned more.”
حال ۾ سونھن کي سائنسي بنيادن تي پرکڻ جون پڻ ڪوششون ڪيون پيون وڃن، جن ماهرن ان ڏس ۾ کوجنا ڪئي آهي انھن ۾ يونيورسٽي آف نيو ميڪسيڪو جو پروفيسر رينڊي ٿورن هل Randy Thornhill، انڊيانا يونيورسٽي جو پروفيسر مائيلوس نووٽني Milos Novotny، ٽيڪساس يونيورسٽي جي پروفيسر دويندرا سنگهہ، مائيڪيگن يونيورسٽي جو Jianzhi Zhang ۽ ٻيا ڪيترائي ڏاها شامل آهن. پروفيسر ٿورن هل لڳ ڀڳ پنڌرهن سالن کان سونھن کي پرکڻ ۾ رڌل آهي، هن هزارين خوبصورت ڇوڪرين جا چھرا ڪمپيوٽر تي اسڪين ڪري تجزيا ۽ تجربا ڪيا آهن. جڏهن تہ پروفيسر دويندرا سنگهہ خاص طور Waist-to-hip ratio (WHR)تي ڪم ڪيو آهي. هن جو چوڻ آهي تہ عورتن ۾ اهو ريشو 0.67 کان 1.18 ۽ مردن ۾ 0.8 کان 1.0 حسن ۽ ڪشش جي زمري ۾ اچي ٿو. دويندرا سنگهہ جو چوڻ آهي تہ سونھن وسيلي صحت ۽ ڳڀ بابت مناسب معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي. جڏهن تہ ٿورن هل تجربن وسيلي واضع ڪيو تہ سڊول جسمن مان وڻندڙ بوءِ ايندي آهي. هن ڪجهہ مردن جو ن پاتل قميضون مختلف عورتن کان سنگهايون ۽ ان نتيجي تي پھتو تہ سڊول ۽ سھڻن جوانن جي جسم مان وڻندڙ بوءِ اچي ٿي، ٻي پاسي ڪوجهن ماڻھن جا جسم اڻوڻندڙ بوءِ خارج ڪن ٿا. اها جسماني بوءِ Pheromones وسيلي ٺھي ٿي، Pheromones جسم جا اهڙا ڪيميائي سگنل آهن جيڪي جسم جي پيدائشي صلاحيتن Reproductive quality کي ٻي جسم تائين رسائين ٿا. اها بوءِ مخالف جنس ۾ ڪشش پيدا ڪري ٿي جنھن وسيلي رومانوي محبت جو جذبو پيدا ٿئي ٿو. جنھن جي لاءِ رٽگر يونيورسٽي ۾ اينٿروپالاجي جي پروفيسر هيلن فشر جو چوڻ آهي تہ.
“Romantic love is one of the most powerful of all human experience.” It is definitely more powerful than the sex drive.”
انھن ٻنھي تحقيقي ڪمن ۽ ٻين ڪيترين ئي کوجنائن تي تجزيو ڪندي بي جورن ڪيري Bjorn Carey پنھنجي هڪ مضمون Scientists begin to define attractiveness ۾ لکي ٿو.
“… The rules of attraction for the human species are still not clearly understood.”
هڪ ڳالھہ طئي آهي تہ مختلف معاشرن ۾ سونھن جو معيار مختلف آهي. نہ صرف معاشرن بلڪہ مختلف شاعرن، فيلسوفن ۽ ڏاهن جا پڻ سونھن بابت مختلف ويچار آهن.
سقراط سونھن کي نيڪيءَ سان مشروط ڪري ٿو، جڏهن تہ افلاطون نيڪيءَ سان گڏ افاديت يا فائدي کي پڻ سونھن سان منسلڪ ڪري ٿو.
”what is fine and graceful in their work, so that our young people will live in a healthy place and be benefited on all sides, and so that something of those fine works will strike their eyes and ears like a breeze that brings health from a good place, leading them unwittingly, from childhood on, to resemblance, friendship, and harmony with the beauty of reason“.
ارسطو فطري سونھن کي فني سونھن سان برميچي ٿو. هو فطري سونھن سان گڏ افرادي حسن جو پڻ ذڪر ڪري ٿو، سندس خيال آهي تہ.
”…the Rhetoric holds that a man’s beauty changes its meaning as a man ages and has different functions. The beautiful young man is one who competes athletically; the beautiful man of middle age can frighten enemies in a battle; the beautiful old man holds up against the insults of age“.
يورپ جي وچين دور ۾ سونھن جو معيار هن طرح هو.
“…beauty demands the fulfillment of three conditions: the first is integrity, or perfection, of the thing, for what is defective is, in consequence, ugly; the second is proper proportion, or harmony; and the third is clarity – thus things which have glowing color are said to be beautiful.”
پنھنجي مختلف ۽ منفرد فلسفي جي ڪري ڪانٽ کي تمام گهڻو شھرت ملي. ڪانٽ جھڙو فيلسوف ۽ ڏاهو سونھن کي مختلف انداز سان ڏسي ٿو.
“...the beautiful is that which apart from concepts is represented [vorgestellt wird] as the object of a universal satisfaction.”
هيگل فرد جي تخليق ڪيل سونھن ۽ فطري سونھن کي پاڻ ۾ ملائي ٿو ۽ گهڻن هنڌن تي فرد جي پيدا ڪيل سونھن (فنپارن) کي فطري سونھن تي فوقيت ڏئي ٿو. پر جڏهن مٿس اهڙي تنقيد ٿي تہ هن جواب ڏنو.
“God reveals himself in men and therefore the best of man’s works are the best of God’s.”
شاپنھار پنھنجي پر ۾ فطري سونھن کي بہ مڃي ٿو تہ فني سونھن جو پڻ معترف آهي. هو هڪ هنڌ چوي ٿو.
“Every thing is beautiful… Some things are more beautiful them other.”
جڏهن تہ نٽشي جو چوڻ آهي تہ،
“It is only as an aesthetic phenomenon that existence and the world are eternally justified”. “
نٽشي وڌيڪ چيو هو تہ سونھن ۽ ڪوجهائپ اسان جي ادراڪ جي بنيادي قدرن سان نسبت طور سڃاتا وڃن ٿا. ۽ انھن قدرن کان ڌار ڪري اسان سونھن يا ڪو جهائپ جو ادراڪ نٿا ڪري سگهون.
“The beautiful and the ugly are recognized as relative to our most fundamental values of preservation. It is senseless to want to posit anything as beautiful or ugly apart from this”.
نفسيات جو معروف ماهر يونگ سونھن سان گڏ ٻين اوصافن جي بنيادن تي عورتن کي چئن قسمن يا حيثيتن ۾ ورهايو آهي.
1. پھرين مرحلي ۾ عورت جي حيثيت صرف نسل جي بقا لاءِ لازمي آهي، جيڪو ڪردار بيبي هوا جو هو.
2. ٻي حيثيت ۾ عورت وٽ جنسي عنصر سان گڏ جمالياتي ۽ رومانوي جبلت بہ هوندي آهي، اهو ڪردار “هيلن” جو هو.
3. ٽين حيثيت ۾ عورت جنسي، روحاني ۽ مذهبي سپردگي رکي ٿي، جئين “ڪنواري مريم” هئي.
4. چوٿين حيثيت ۾ عورت حڪمت ۽ ڏاهپ جي درجي تي پھچي ٿي، جيئن “صوفيه” هئي.
يعني هر ڏاهي سونھن؛ خاص طور عورت جي سونھن کي پنھنجي پنھنجي انداز سان ڏٺو ۽ بيان ڪيو آهي. پر هڪ ڳالھہ طئي آهي تہ هر سھڻي شيءَ جي سونھن جو ڪارڻ ڌار آهي.
“Each beautiful object is beautiful seemingly for unique reasons.”
اهڙي طرح ڪي شيون پنھنجي فطري جوهر سبب حسين هونديون آهن تہ ڪن شين کي وري ڪا نسبت سھڻو بڻائيندي آهي. ڪي شيون تہ ماڳهين صرف ان سبب سھڻيون تصور ڪيون وينديون آهن تہ اهي ڪنھن نہ ڪنھن طرح فرد جي جمالياتي ذوق جي تشفي ڪن ٿيون، پوءِ ڀلي اهي شين سھڻيون هجن يا نه؛ پر ڇاڪاڻ تہ اهي فرد يا معاشري جي جمالياتي ذوق جو پوراء ڪن ٿيون ان ڪري اهي شيون حسين تصور ڪيون وڃن ٿيون.
شاه عبداللطيف ڀٽائي نہ صرف شاعر آهي پر هو اهڙو ڏاهو آهي جنھن جي ادراڪ جي سگهہ Power of perception ايڏي تہ سگهاري آهي جو سندس مشاهدي ۽ بيان ۾ انتھائي معمولي شيون بہ آيون آهن. ۽ اهي معمولي شيون سندس بيان سبب غير معمولي ٿي پيون آهن. اها هڪ آفاقي حقيقت Universal Truth آهي تہ ڪي گهٽ اهميت واريون شيون ڪنھن غير معمولي نسبت سبب اهم ٿي پونديون آهن. ڏيھہ توڙي ڏيساور ۾ اهڙا ڪيترائي ماڳ مڪان آهن جن کي ڪجهہ ماڻھن جي صرف اتي اچڻ سبب نہ صرف اهميت ملي آهي بلڪہ تاريخ ۾ پڻ انھن ماڳن مڪانن کي انھن عظيم ماڻھن سبب سڃاڻ ملي آهي.
شاه صاحب پنھنجي شاعري ۾ زندگيءَ جي عام شعبي سان لاڳاپيل عورتن جو ذڪر ڪري کين ايڏو اهم بڻائي ڇڏيو آهي جو اهو عام عورتون “آئيڊيل” ۽ سورميون بڻجي پيون آهن.
جسماني جمال جي حوالي سان شاه صاحب جون سڀئي سورميون پنھنجو مٽ پاڻ آهن. مومل جي سونھن جي لاءِ شاه صاحب چوي ٿو.
مُومَلَ ماري مِيرَ، آهيڙِيُنِ کي آڪَري؛
سوڍِيءَ گهڻا سَڪائِيا، پَڙهِيا پَڻِتَ پِيرَ؛
هَڻي تِنِ کي تِيرَ، مَڻِيو جن مَٿَنِ ۾.
(مومل راڻو) 2:4
اهو هڪ فيلسوفياڻو نڪتو پڻ آهي تہ اصل ۾ اها شيءَ وڌيڪ حسين آهي جيڪا وڌيڪ ڏاهي ۽ عقلمند ماڻھوءَ کي متاثر ڪري ٿي. هن بيت ۾ شاه صاحب مومل جي سونھن جو ذڪر ڪندي چوي ٿو، مومل ٽن فردن کي موهيو آهي، هڪ مير يعني دولت مند، ٻيو “پڙهيا پڻت پير”؛ يعني ڄاڻو ۽ ڏاها؛ ٽيون “هَڻي تِنِ کي تِيرَ، مَڻِيو جن مَٿَنِ ۾” يعني بادشاه! جن جي مٿي تي شاهاڻو ڇٽ هوندو آهي.
گُجَرِ کي گَجميلَ جُون، تارَنِ ۾ تَبَرُون؛
هڻي حاڪِمِيَنِ کي، زورَ ڀَريُون زَبَرُون؛
ڪاڪِ ڪَنڌِيءَ قَبَرُون، پسو پَرَڏيھينِ جُون.
(مومل راڻو) 2:2
يا هن بيت ۾ شاه صاحب مومل جي حسن جو احوال هڪ جوڳي کان پڇي ٿو.
آءُ لانگوٽيا لال ڪنھن پر ڏٺئي گجريون
آبُ اَرتو اکِيين، لُڙڪَ وَهائِيين لال؛
ڏِٺَءِ جي جَمالَ، سامِي! ڪُہُ نہ سَلئِيين؟
(مومل راڻو) 2:1
“اچ لنگوٽ پھريندڙ لال! تو گجر ذات جون سوڍيون ڪھڙي طرح ڏٺيون؟ اي لال تون اکين مان رت گاڏئان ڳوڙها پيو ڳاڙين. اي سامي تو جيڪي حسن جا جلوا ڏٺا تن جو احوال ڇو نٿو ڪرين.”
يعني جنھن مومل جو حسن ڏٺو آهي اهو تہ ان سونھن جي ڳالھہ ئي نٿو ڪري سگهي هن جي اکين مان تہ صرف ڳوڙها ٿا وهن! اها حقيقت آهي تہ سونھن پنھنجي پر ۾ ايڏي اثر پذيري رکي ٿي جو ان ڏسندڙ ان کي مڪمل طرح نٿو بيان ڪري سگهي. سونھن جو جلوو پسڻ کانپوءِ صرف اهي ڏاها ئي ان منظر جي جمالياتي وصف ڪري سگهندا آهن، جن جا سونھن ڏسڻ وقت حوصلا برقرار رهندا آهن نہ تہ،
بيکارِيءَ کي بَرَ ۾، وِيو ڪَيفُ چَڙهِي؛
ڳالھيون ڪَندي ڪاڪِ جُون، ڳوڙها پِيَسِ ڳَڙِي؛
ڪا جا اَنگُ اَڙِي، جِئَن ڇُٽا ڦَٽَ ڇُڙِي پِيا.
(مومل راڻو) 1:5
“بيکاريءَ” جڏهن مومل جو حسن ڏٺو تہ هن کي تہ بر ۾ ئي نشو چڙهي ويو ( هن جو حوصلو خطا ٿي ويو) هو ڪاڪ جون ڳالھيون ڪندي روئي پيو.( يعني سونھن جو احوال نہ ڏئي سگهيو). پر شاه صاحب اهڙو ڏاهو شاعر آهي جيڪو نہ صرف مومل جي حسن تعريف ڪري ٿو بلڪہ هو ان جي تشريح پڻ ڪري ٿو. هو مومل جي عطر ۽ عنبير سان واسيل گلابي بدن، معطر وارن، ساون ۽ گلابي ويسن، کيس پھريل حسين زيورن ۽ خوشبوءِ سان واسيل ۽ هڳاءُ ڪندڙ تن جو ذڪر ڪري ٿو.
جھڙا گُلَ گُلابَ جا، تھڙا مَٿِنِ ويسَ؛
چوٽا تيلَ چَنبيلِيا، هاها! هُو! هَميشَ؛
پَسيو سُونھن سَيَّدُ چئي، نِينھن اچَنِ نيشَ؛
لالَنَ جي لِبيسَ، آتَڻِ اَکَرُ نہ اُڄَھي.
(مومل راڻو)2:1
جھڙا پانَنِ پَنَّ، تھڙيون سالُون مَٿِنِ سائِيون؛
عَطُرَ ۽ عَبِيرَ سين، تازا ڪَيائُون تَنَّ؛
مَڙهيا گهڻو مُشڪَ سين، چوٽا ساڻُ چَندَنَّ؛
سُنھن رُپي سونَ سين، سَندا ڪامَڻِ ڪَنَّ؛
ڪَيائِين لال لَطِيفُ چئي، وڏا ويسَ وَرَنَّ؛
مَنجه مَرڪِيَسِ مَنَّ: “سوڍي سين سَڱُ ٿِيو.”
(مومل راڻو)3:2
سونَ وَرنِيُون سوڍِيُون، رُپي رانديُون ڪَنِّ؛
اَگَـرَ اوطاقُنِ ۾، کَٿُوريون کَٽُنِّ؛
اوتِيائُون عنَبِيرَ جا، مٿي طاقَ تَڙَنِّ؛
ٻاٽَنِ ٻيلون ٻَڌِيون، پَسِيو سُونھن سَڙَنِّ؛
ٿِيا لاهُوتي لَطِيفُ چئي، پَسَڻَ لَءِ پِريَنِّ؛
اِجهي ٿا اچَنِّ، ڪاڪِ ڪَڪوريِا ڪاپَڙِي.
(مومل راڻو)3:3
جتي شاه صاحب مومل جي حسن جي واکاڻ ڪري ٿو، اتي راڻي جي رو ءِ (چھري) کي پڻ ساراهي ٿو. يعني اها مومل جنھن پنھنجي جمال جي زور تي ڪيئي بادشاه ۽ ڏاها گهائيا هئا اها راڻي جي سونھن هٿان پاڻ گهائل ٿي پئي آهي.
گُجَرِ گهڻا گهائِيا، پاڻا لَڳُسِ گهاءُ؛
مينڌَري مُلاءُ، لڳَسِ ڪانُ ڪَپارَ ۾.
(مومل راڻو)3:4
پر مومل جي گهائجڻ جو بہ ڪو سبب هو . ۽ اهو سبب شاه صاحب راڻي جي سونھن ٿو ڏسي؛ توڙي جو عام رائج آهي تہ راڻي پنھنجي ڏاهپ جي ڪري مومل کي ماڻيو هو. پر شاه صاحب راڻي جي چھري جي خوبصورتي جي واکاڻ ڪري ٻڌائي ٿو تہ راڻي جھڙو سھڻو ٻيو ڪو بہ نہ هو ۽ مومل راڻي جي حسن تي هرکجي پئي هئي.
رُوءِ راڻي جي ناهِ ڪو، سوڍو سَڀِنِ سُونھن؛
لاٿَائِين لَطِيفُ چئي، مٿان دِلِيُنِ دُونھن؛
ڪانھي ٻِي وِرُونھن، ٿِيو مِڙوئِي مينڌِرو.
(مومل راڻو) 3:5
نہ صرف راڻو بلڪہ ٻيا بہ ڪيترائي حسين ۽ سھڻا جوان مومل کي ماڻڻ لاءِ ڪاڪ تي ڪهي آيا هئي انھن جي سونھن بيان ڪندي ڀٽائي صاحب چوي ٿو.
ڪالَھه گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، جھڙو ماهُ مُنِيرُ؛
فَيضُ، فِراقُ فَقِيرُ، جوڳِي جاڳائي وِيو.
(مومل راڻو)1:2
ڪالَھه گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، پھر سِجَ کان پوءِ؛
پَسو سُونھن ساميءَ جي، رَتَ وَرنو روءِ؛
جو مُنھن مُومَلَ جي پوءِ، موٽَڻُ تَنھن مَسَ ٿِئي.
(مومل راڻو)1:3
شاه صاحب جو اشارو انھن شھزادن ڏانھن آهي جيڪي مومل کي ماڻڻ لاء ڪاڪ تي آيا هئا جن مان گهڻا تہ موقعي تي ئي مارجي ويا، (ڪاڪ ڪَنڌِيءَ قَبَرُون، پسو پَرَڏيھينِ جُون.) پر جيڪي بچيا انھن جا فقيراڻا حال هئا. حالانڪہ اهي شھزادا پڻ ڏاڍا خوبصورت هئا پر جيڪو مومل جي منھن ٿي پيو انھيء جو موٽڻ يابچڻ محال هو. “جو مُنھن مُومَلَ جي پوءِ، موٽَڻُ تَنھن مَسَ ٿِئي.”
نوري جتي نياز ۽ نوڙت جي علامت آهي، اتي سندس ظاهري سونھن ۽ سوڀيا بہ انتھائي شانانئتي آهي. شاه صاحب جتي نوري جي نياز، نوڙت، نهٺائي ۽ نماڻائي جا ڳڻ ڳايا آهن اتي سندس جسماني جمال جي واکاڻ پڻ ڪئي آهي. شاه صاحب سر ڪاموڏ ۾ پھريان نوري جي نوڙت جو ذڪر ڪيو آهي. ڇاڪاڻ تہ نوري جي نوڙت ئي سندس ناز ۽ سينگار هو.
تُون تَماچِي تَڙَ ڌَڻِي، آءٌ گَندِري غَرِيبِ؛
تو سين ڄامَ! قرِيبِ، ڪِي ڏَنُ ڇَڏائي ڏيجِ مُون.
(ڪاموڏ) 1:4
مھاڻِيءَ جي مَنَ ۾، نہ گِيرَبُ نہ گاءُ؛
نيڻَنِ سِين نازُ ڪَري، رِيجهايائِين راءُ؛
سَمو سَڀِنِ مُلاءُ، هيرِيائِين حِرفَتَ سين.
( ڪاموڏ)1:12
نورِيءَ جي نِيازَ جو، عَجَبُ اَجهلُ هوءِ؛
سَمو سِرُ سَڀِنِ ۾، مي مُورِڇِيو سوءِ؛
اَچيو اُڀِـيَن پوءِ، حُجَتَ ڀَڳِي راڻِيين.
( ڪاموڏ)1:13
شاه صاحب جتي نوڙي جي نوڙت جي ڳالھہ ڪئي آهي اتي اهو پڻ بانور ڪرايو آهي تہ بيشڪ نوريءَ ۾ نياز ۽ نوڙت هئي پر اها پڻ حقيقت آهي تہ ڪينجهر ۾ نوريءَ جھڙي حسين ٻي ڪابہ عورت نہ هئي. نوري شڪل شبيھہ توڙي ارڪانن (اٿ ويھہ، چال چلت) ۾ روايتي مھاڻين کان بلڪل مختلف هئي. هوءَ پنھنجي پر ۾ مھاڻي لڳندي ئي ڪانہ هئي.
هَٿين پيرين آرِکَڻين، مُنھن نہ مھاڻِي؛
جِئَن سَڳو وِچِ سُرِندَڙي، تِئن راڻِيُنِ ۾ راڻِي؛
اَصُلُ هُئي اُنَ کي، اَهۡلَ ڄاماڻِي؛
سَمي سُڃاڻِي، ٻِيڙو ٻَڌُسِ ٻانھن ۾.
( ڪاموڏ)1:14
تھڙو ڪِنجُهرَ ڪِينَ ٻِيو، جھڙي سُونھن سَندِياسِ؛
مَڏَ، مِياڻِـيُون، مَڪُڙا، مِڙَئِي مَعافُ ٿِياسِ؛
مورِڇَلَ مَٿانسِ، اُڀو تَماچِيءَ تي هَڻي.
( ڪاموڏ)1:15
شاه صاحب هٿرادو سونھن کي ڪابہ وقعت نٿو ڏئي، هن جي سامھون جسماني جمال پڻ فطري جمال سان مشروط آهي. نوري ڄام تماچيءَ کي نہ صرف پنھنجي نوڙت ۽ نياز وسيلي پنھنجو ڪري ورتو هو پر وٽس قدرت پاران ڏنل سونھن پڻ هڪي تڪي هئي. جڏهن تہ نوري جي مقابلي ۾ ٻيون راڻيون جيڪي ڪيترائي سينگار ٿي ڪري آئيون اهي تماچيءَ کي نٿي آئڙيون. ايتريقدر جو هو چوي ٿو.
کوءِ سَمِيُون! ٻَنِ سُومِريُون! جي اَچَنِ اُوچي ڳاٽِ؛
وَرُ سي ڪِنجهرَ ڄائِيُون، جِن تَماچِيءَ جِي تاتِ؛
راڻِيُن مُلان راتِ، ماڻِڪُ مي پِرائِيو.
(ڪاموڏ) 1:16
بيشڪ هو ڪيترو نہ سينگارجي آيون آهن، پر ڄام تماچي انھن جي سينگار جي بدران نوريءَ جي سادگيءَ واري حسن تي موهجي ۽ ڳوهجي پيو آهي ۽ بادشاه هوندي هو پنھنجي راڻين جي بدران نوريءَ ڪارڻ ملاحن سان پيو اٿي ويھي.
سَمِيُون ڪَري سِينگارُ، راءُ رِيجهائِڻَ آئِيُون؛
ڄامَ هَٿَ ۾ ڄارُ، ڄُلي ڄُٻيرِنِ وِچَ ۾.
(ڪاموڏ) 2:5
مارئي جتي وطن جي سڪ سان گڏ مٽيءَ ۽ مارن جي محبت جي علامت آهي، اتي هوءَ پاڻ بہ انتھائي حسين ۽ جميل آهي. اهو سندس جسماني جمال ئي هو جنھن سبب عمر کيس ٿر جي کوہ تان زوريءَ کنيو هو. عمر جنھن سونھن سبب مارئي کي کنيو هو، مارئي لاءِ اها سونھن اصلي سونھن نہ هئي بلڪہ سندس جسماني سونھن ۽ جمال؛ عزت، آبرو ۽ مان سان مشروط هو. هوءَ جڏهن عمر جي قيد ۾ بند آهي تہ چوي ٿي،
سُونھن وِڃايَمِ سومرا! ميرو مُنھن ٿِيومِ؛
وَڃَڻُ تِتِ پِيومِ، جِتِ هَلَڻُ ناهِ حُسنَ ري.
(مارئي)5:2
سُونھن وِڃايَمِ سُومِرا، ٿيندِيَسِ ڪِئن قَـبُول؟
ڪونھي سُهڳُ نہ سُولُ، پُوچي مُنھن پنوَهارَ سين!
(مارئي)5:3
شاه صاحب هن سر ۾ جسماني سونھن جو گهڻو ذڪر ڪيو آهي، پر اها سونھن مشروط آهي. يعني مارئي جي لاءِ جمال صرف ملير جي مارن وٽ رهڻ ۾ آهي، جيڪي پاڻ پڻ سھڻا آهن. پر جي مارئي مارن وٽ نہ ٿي رهي تہ وٽس اها سونھن پڻ نٿي رهي.
تِنِ مُنھن موچارا مارُئين، مَلِيرُ جنِين ماڳ؛
ناقِصَ نوازي گهڻا، سَندو تَنِ سَڀاڳُ؛
اَڱَڻِ مُون اَڀاڳُ، حُسنُ تي هِيئَن ٿِيو.
(مارئي)5:4
شاه صاحب وٽ سسئي بنيادي طور جستجو، جدوجهد۽ جاکوڙ جي علامت آهي. ان جاکوڙ جي نتيجي ۾ سسئي سور ۽ درد بہ ڏسي ٿي؛ پر اهي سور، درد، ڏک، ڏولاوا ۽ موسمي اثر سسئي جي پنڌ ۽ جستجو ۾ رڪاوٽ نٿا بڻجن.
ٿَڌيءَ ٿَڪِي نہ وِھي، تَتِيءَ ڪَري تاڻَ؛
وِڌائِين وَڻِڪارِ ۾، سَسُئِيءَ پاڻُ سُڪاڻَ؛
پُڇي پَہَ پَکِيُنِ کي، پيئِي مُنڌَ پَرِياڻَ؛
ڏِنَسِ ڏيہَ وَڻَنِ جا، تن اَللهَ لَڳ اُھڃاڻَ؛
مانَ پَرچِي پاڻَ، اَچي آرِياڻِي وَرِي.
(معذوري)5:2
پر جيئن تہ شاه صاحب جا سڀئي ڪردار پنھنجي روحاني ۽ جسماني جوڙجڪ ۾ پڻ تمام خوبصورت آهن. سسئي جي سونھن جي شاه صاحب واکاڻ ڪري ٿو پر اها واکاڻ ٻي رخ کان آهي.
“پَير پَٽانـئِي ڪُنۡئَرا، ڏُونگَـرَ مَٿي ڏي؛”
يعني سسئي جا پير پٽن کان بہ ڪوئنرا آهن پر هوءَ انھن نازڪ ۽ نفيس پيرن سان پھاڙن جا پنڌ ڪري ٿي. سسئي پنھنجي سموري جستجو ۾ ڄڻ تہ ٻٽي ڄر ۾ رهي آهي. هڪ پاسي هوءَ انتھائي خوبصورت، نازڪ ۽ نفيس؛ تہ ٻي پاسي کيس رڻ جهاڳڻو پيو.
اَوَجهڙ اَسُونھن، ڏيہُ گهڻو ئيِ ڏورِيو؛
سَڳَر رءَ سُونھن، پھتي ڪانہ پَنڌُ ڪَري.
(سسئي آبري)9:2
سسئي کي پنھنجي سونھن جي پرواه ڪانھي هوءَ پاڻ ارپڻ جي جذبي سان پنھونءَ جي پريت جي ڪڍ جبلن جي اڙانگن پنڌن تي آئي آهي.
ويئِي سُونھن سَسُئِيءَ جِي، پُنھون ٿِـيَس پاڻَ؛
سَڀِنِ جِي سَيَّدُ چئي، آهي اُتِ اُماڻَ؛
ڀَنڀورَ جا ڀاڻَ، آڏا عَجِيبَنِ کي.
(سسئي آبري)5:5
سسئي شاه صاحب جي اهڙي سورمي آهي جنھن تي شاه صاحب پنھنجي رسالي ۾ سڀني سورمين کان وڌيڪ يعني پنج سُر چيا آهن. لڳ ڀڳ پنجن ئي سرن ۾ سسئي پنھونءَ لاءِ جاکوڙيندي نظر اچي ٿي. هوءَ ايترو ڇوٿي جاکوڙي؟ پاڻ ڇوٿي ولوڙي يا ڇو ٿي پاڻ کي پھڻن جي پنڌن ۾ رولي؟ ان جو جواب پڻ شاه صاحب پاڻ ٿو ڏئي.
سَڄَڻُ ڏِٺو جَنِّ، تن ڳِچِيءَ سِرِ ڳَہُ ڪَيو؛
ٻِيُون ڪوہ ٻُجهنِّ، قَدُرُ ڪِيمِيا اِنَ جو؟
(حسيني)12:10
سورٺ جي لفظي معنيٰ ئي آهي سونھن. جڏهن تہ محققن سورٺ “سئو راشٽر” جي بگڙيل صورت بيان ڪئي آهي. سورٺ انتھائي خوبصورت شھزادي هئي. پر شاه صاحب سر سورٺ جو مرڪزي ڪردار راءِ ڏياچ کي سڏيو آهي، جنھن ٻيجل کي سرندي جي سُر تي سِر ڏنو.
جاجِڪُ جهوناڳَڙہَ ۾، ڪو عَطائِي آيو؛
تَنھن ڪامِلَ ڪَڍِي ڪِينَرو، ويھي وَڄايو؛
شھر سَڄو ئِي سُرَ سين، تَندُنِ تَپايو؛
دايُون دَرِماندِيُون ٿِيُون، ٻايُنِ ٻاڏايو؛
چارَڻَ ٿي چايو، تہ مارِي آهي مَڱڻو.
(سورٺ) 2:1
ليلا پڻ خوبصورت ۽ حسين شھزادي هئي. پر هوءَ مڻئي تي موهجي پئي ۽ پنھنجي ور چنيسر جو سودو ڪري وڌائين. سر ليلا چنيسر ۾ مصنوعي ٺاه جوڙ جي بدران سادگيءَ واري حسن کي وڌيڪ مڃتا ڏنل آهي.
سَڀيئِي سھاڳِـڻيُون، سَڀـنِي مُنھن جَڙاءُ؛
سَڀَ ڪَنھين ڀانيو پاڻَ کي، تہ اِيندو مُون ڳَرِ راءُ؛
پيٺو تَنِ دَراءُ، جي پَسي پاڻُ لَڄائِيُون.
(ليلا چنيسر)3:3
نہ ڪِي هو ٻانھڙيُنِ ۾، نہ ڪِي ڳَرِ هُئومِ؛
نہ مُون، سِينڌِ نہ سُرمو، نہ سِينگارُ ڪَيومِ؛
تيلانہ ڪانڌُ سَندومِ، رُکو ئِي رَءِ ڳِڙي.
(ليلا چنيسر)1:8
“نہ ڪي ٻانھن ۾ نڪي ڳچيءَ ۾ڪو ڳهڻو هوم.نہ مون سينڌ سرمو ڪيو نہ ڪي سينگار، تنھن ڪري ڀوتار مون اڻ سينگاريل کي ئي گهڻو ٿو گهري.”
هن سر ۾ هڪ پاسي جسم جي فطري سونھن جي واکاڻ آهي ٻي پاسي مصنوعي ٺاه جوڙ کي رد ڪيو ويو آهي.
سونا ڪُرَّ ڪَنَنِ ۾، ڳِچِيءَ ڳاڙها هارَ؛
ٻانھوٽا ٻانھن ۾، سِينڌِ سَڻِڀا وارَ؛
تيلانہَ پِيَّ پَچارَ، ڪانڌَ مُنھنجي ڇَڏِئِي.
(ليلا چنيسر)1:9
سھڻي جي سونھن ميھار جي محبت سان مشروط آهي. هوءَ پنھنجي سونھن تي ناز ڪرڻ بدران ميھار سان محبت جو دم ڀريندي فخر محسوس ڪري ٿي. توڙي جو ميھار جو نينھن سندس سونھن سبب ئي پروان چڙهيو پر هوءَ پنھنجي عشق ۾ ايتري غلطان هئي جو هن کي پنھنجي سونھن جو ڪو بہ پرو يا پرواه نہ هئي. سھڻي جي اڳيان ميھار ئي سڀ ڪجهہ هو. هوءَ سندس محبت جي پيچ ۾ ايتري قدر پوئجي چڪي هئي جو هن کي ميھارجي نانءَ تي مليل طعنا، طنڪا ۽ مھڻا بہ وڻيا ٿي. هوءَ پنھنجي تن ۽ من کي ميھار جي حوالي ڪري چڪي هئي. سندس نينھن شاه جي ٻين سورمين جي ڀيٽ ۾ انتھائي نرالو ۽ حيران ڪندڙ آهي. هوءَ پنھنجو حسن ميھار کي ٿي سمجهي.
ساهَڙَ ڌاران سھڻي، هِي تان جهڪِي زالَ؛
توڏِيءَ تَپُ شرُوع ٿِيو، هَئِ! هِيڻيءَ جي حالَ؛
جَڏِيءَ رِءَ جَمالَ، اَگهي ٿِي آهُون ڪري.
(ابيات متفرقه)3
توڏِي توڙائِين، نِينھن نوازِي سھڻي؛
ڳِچِيءَ هارُ حَبِيبَ جو، لائِقُ لَڌائِين؛
سو تَڙُ سوٺائِين، جيڏانھن عالَمَ آسِرو.
(سھڻي) 3:7
شاه صاحب جون سڀيئي سورميون حسن ۽ سونھن ۾ غيرمعمولي اوصافن جون مالڪ آهن. بلڪہ سڀني سورمين جي ڪٿا سونھن سبب ئي جڙي آهي. مومل “جھڙا گُلَ گُلابَ جا، تھڙا مَٿِنِ ويسَ؛”، مارئي، “جھڙي صورت سج، تھڙي مورت مارئي”، نوري، “اهڙو ڪينجهر ۾ ڪين ٻيو جھڙي سونھن سندياس”، ليلا، “وَڏيرِي هُياسِ، چَنيسَرَ جي راڄَ ۾”، سھڻي، “توڏِي توڙائِين، نِينھن نوازِي سھڻي”، سورٺ، “نُورُ تَجَلَّو نُورَ سين، نِميو نيڻَ پَسَنِّ” ۽ سسئي، “ويئِي سُونھن سَسُئِيءَ جِي، پُنھون ٿِـيَس پاڻَ” آهي. سڀني سورمين جي عشق جا داستان ڪنھن نہ ڪنھن طرح سونھن سان واڳيل آهن. مومل، مارئي، سسئي، سورٺ، سھڻي، نوري ۽ ليلا ست ئي سورميون سونھن جي علامت آهن. ۽ شاه صاحب جنھن نموني سان انھن جي سونھن کي بيان ڪيو آهي اهو ايئن ٿو لڳي تہ ڄڻ تہ شاه صاحب انھن سورمين جي حسن کي جيئرو ڪري ڇڏيو آهي. شاه جي شاعري ۾ اهي سورميون، پنھنجي سونھن، عشق، محبت، وطن پرستي، نياز نوڙت ۽ ناز وانداز ۾ زندہ ۽ جاويد ٿي ويون آهن.