لطيفيات

شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ جماليات

ھي ڪتاب ڊاڪٽر شير مھراڻي جي 2012ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي ۾ پي ايڇ ڊي ٿيسز جي مقالي تي مشتمل آھي، جنھن جو نگران ڊاڪٽر غفور ميمڻ ھيو. ھن مقالي ۾ ڊاڪٽر شير مھراڻيءَ سونھن جي سموري تاريخ تي انتھائي برجستي انداز سان قلم کنيو آھي. ھن جماليات جي اوسر، تاريخ، مذھبن ۾ جماليات جي تصور، جماليات جي مختلف قسمن، جديد فلسفي ۾ جماليات جي تصور، تصوف ۾ جماليات جي تصور ۽ ڀٽائيءَ وٽ جماليات جي تصور ۽ شاھ جي رسالي جي مختلف سُرن ۾ جماليات جي تصور تي عالماڻي انداز سان لکيو آھي.

Title Cover of book AESTHETICISM IN THE POETRY OF SHAH LATIF

سر کنڀات

سر کنڀات کي “ کماچ” بہ چئجي ٿو. هن سر تي اهو نالو کنڀات شھر جي هڪ گويي پاران اهو سر ڳائڻ سبب پيو آهي. هي سر من کي آرام ڏيندڙ آهي. بنيادي طور سر کنڀات حسن جي ساراه جو سر آهي. هن سر ۾ شاه صاحب چنڊ ۽ ستارن سان سرن جي تمثيل ۽ تشبيھہ ڏئي آخر ۾ پرينءَ جي سونھن کي چنڊ ۽ ستارن کان وڌيڪ سھڻو سڏيو ۽ سمجهيو آهي.
کَڻِي نيڻَ خُمارَ مان، جان ڪيائون نازُ نَظَرُ؛
سُورجَ شاخُون جهڪِيُون، ڪُوماڻو قَمَرُ؛
تارا ڪَتِيُون تائِب ٿيا، ديکِيندي دِلبَرُ؛
جهڪو ٿيو جَوهَرُ، جانِبَ جي جَمالَ سين.
(کنڀات)1:9
هر شاعر وٽ محبوب جي سونھن کي ڀيٽا ڏيڻ جو پنھنجو انداز آهي. ڪنھن محبوب کي گل سان ڀيٽيو آهي تہ ڪنھن چنڊ ۽ چانڊوڪي رات سان، ڪنھن ٿڌڙي هير سان محبوب جي تشبيھہ ڏني آهي تہ ڪنھن شاعر وري پنھنجي محبوب جي رنگ کي سنگ مرمر جي رنگ، قد کي سرو وڻ، اکين کي هرڻيءَ جي اکين، چال يا هلڻ کي مور جي چال، وارن کي رات ۽ نانگ جي ڪاراڻ، رخسارن کي گلن جي پنکڙين وغيرہ سان ڀيٽ ڏني آهي. شاه صاحب پنھنجي شاعري ۾ روايت جي پيرويءَ ۾ ڪجهہ روايتي تشبيھون بہ ڏنيون آهن، پر هن بيت ۾ شاه صاحب جيڪا محبوب جي سونھن جي واکاڻ ڪئي آهي سا انتھائي نئين، نرالي ۽ عاليشان آهي. يعني جڏهن محبوب ناز مان نگاه کڻي ٿو تہ چنڊ ۽ سج ڪومائجي ٿا وڃن، محبوب جياکين جي جوت جي اڳيان سج ۽ چنڊ جي روشني جهيڻي پئجي ٿي وڃي. جڏهن سندس سونھن تارن جي ميڙ ڏٺي تہ اهي پڻ سندس تائب ٿي پيا. هن بيت جي پڄاڻي تمام ڪمال جي آهي، “جهڪو ٿيو جَوهَرُ، جانِبَ جي جَمالَ سين.” يعني محبوب جي سونھن جي اڳيان فطرت جو سمورو جوهر، تجلي، سونھن، رنگ، رونق سڀ ڪجهہ مانند پئجي ويو آهي. سونھن جي اهڙي پيشڪش ۽ ڀيٽا دنيا جي شاعري ۾ ملڻ محال آهي.
اسان اڳ ئي بيان ڪيو آهي تہ شاه صاحب پنھنجي محبوب کي روايتي تشبيھن سان پڻ بيان ڪيو آهي، پر سندس بيان ڪرڻ جو انداز ايڏو تہ دل لڀائيندڙ آهي جو اڳ ڪتب آيل تشبيھون پڻ نت نيون ٿيون ٿيون لڳن، جيئن محبوب کي ستارن سان تہ گهڻن شاعرن ڀيٽيو آهي پر هن طرح نه،

تارا تيلِيءَ رُوءِ، لُڌا لالَنَ! اُڀِرِين؛
جھڙي تو صُبوح، تھڙي صافِي سَڄَڻين.
(کنڀات) 1:10

اي ميرانجهڙي رنگ وارا لُڌا تارا!(تيليءِ رُو) تون ڀل پيو اڀرين، پر تون جھڙو صبح جي وقت روشن ٿيندو آهين، پرين هميشہ ايترا روشن رهندا آهن. لُڌي تاري بابت تارن جي علم جي ڄاڻو ۽ ڏاهي ڊاڪٽر عاشق حسين البدوي ۽ ڀٽائي بادشاه جي نرالي پارکو محترمه ج ع منگهاڻيءَ سان منھنجا ڪيترائي بحث ٿيا آهن. ڊاڪٽر عاشق حسين البدوي جو خيال آهي تہ “لُڌي تاري کي انگريزيءَ ۾ “ڪينوپس” چئجي ٿو، جيڪو تارن ۾ ٻي نمبر تي روشن ترين تارو آهي. سندس خيال جو بنيادي ماخذ محمد يعقوب آغا جو شاھ جي رسالي جو انگريزي ترجمو آهي. جنھن،
تارا تيلِيءَ رُوءِ، لُڌا لالَنَ! اُڀِرِين؛
جھڙي تو صُبوح، تھڙي صافِي سَڄَڻين.
واري بيت جو ترجمو هن طرح ڏنو آهي،
“O Canopus star! You indeed rise in the horizon like a beautiful and bright star. But my beloved (at all times) is as bright as you are in the early morning.”
ڊاڪٽر بدوي جو ٻيو دليل اهو هو، “ڇاڪاڻ تہ دنيا جو پھرين نمبر تي روشن نظر ايندڙ تارو “سيرس” / “سائيرس” يمن ۾ سنڌ کان وڌيڪ روشن نظر ايندو آهي ۽ سنڌ ۾ سڀني کان وڌيڪ روشن تارو “ڪينوپس” نظر ايندو آهي. انڪري شاه صاحب جنھن تاري کي لڌو سڏيو آهي اهو ڪينوپس آهي.” جڏهن تہ منگهاڻي صاحبہ جو خيال آهي تہ “شاه صاحب لڌو تارو “وينس” کي سڏيو آهي، جيڪو آسمان تي سج ۽ چنڊ کانپوءِ سڀني تارن ۽ سيارن کان وڌيڪ روشن نظر اچي ٿو، ۽ ڇاڪاڻ تہ وينس کي “مارننگ اسٽار” پڻ سڏيو ويندو آهي، شاه صاحب پڻ چيو آهي، “جھڙي تو صُبوح، تھڙي صافِي سَڄَڻين” تہ لڌو وينس ئي ٿي سگهي ٿو.” جڏهن تہ مختلف ڪتابن ۾ کوجنا ڪرڻ کانپوءِ آءُ ذاتي طور اها راءِ رکان ٿو تہ لڌو اصل ۾ “ سيرس/سائيرس اسٽار” آهي، جيڪو نہ رڳو دنيا جو روشن ترين ستارو آهي بلڪہ فلڪيات جي ماهرن جو چوڻ آهي تہ جيڪڏهن سج جي جاءِ تي سيرس اچي وڃي تہ هيءَ دنيا موجودہ حالت کان 20 ڀيرا وڌيڪ روشن ٿي ويندي. لڌي کي سيرس/سائيرس سڏڻ جو هڪ ٻيو دليل اهو آهي تہ لڌو ٻٽو تارو ٿيندو آهي، ۽ سيرس پڻ ٻہ تارا هوندا آهن (الفا ۽ بيٽا). هن بحث مان مراد شاه صاحب جي سائنسي انداز ۽ فلڪياتي ڄاڻ جي بنياد تي ڏاهپ سان محبوب جي سونھن کي بيان ڪرڻ کي وائکو ڪرڻ آهي. تہ شاه صاحب پنھنجي عظيم مشاهدي سان نہ صرف محبوب کي ساراهيو آهي بلڪہ مختلف علمن تي بحث ڪرڻ لاءِ پڻ هڪ مواد ڇڏيو آهي. شاه صاحب جا اهڙا ڪيترائي بيت آهن جن مان سائنسي نوع جا مختلف بحث ڇڙي سگهن ٿا.
تارا، تِرَ، تِروڪِڻيؤن، مَٿِن ڦُلَڙيُون؛
کوءِ! سي راتَڙِيُون، جي مون پِرِينءَ پُڄاڻا پيئِيُون.
(کنڀات) 1:13

تارن جي چادر سان ڀريل آسمان جي سونھن جي واکاڻ ڪندي شاه صاحب فرمائي ٿو تہ بيشڪ تہ رات ستارن سان ڀريل ۽ خوبصورت آهي پر کوءِ اها رات (کوہ ۾ پوي اها رات) جيڪا پرينءِ کان سواءِ گذري.
شاه صاحب سر کنڀات ۾ محبوب جي سونھن کي مختلف انداز سان بيان ڪيو آهي. محبوب جي سمھڻ جو خوبصورت انداز چنڊ کان پڇڻ ڪيڏو نہ من موهيندڙ آهي.

اُڀِرُ چَنڊَ! پَسُ پِرِين، تو اوڏا، مُون ڏُورِ؛
سَڄَڻَ سُتا وِلَھ ۾، چوٽا ڀَري ڪَپُورِ؛
پيرين آئُون نہ پُڄڻِي، ٻاٻُل ڏِئي نہ ٻُور؛
جنھن تي چڙهِي اَسُورِ، سَنجهي سَڄَڻَ سِيٽيان.
(کنڀات)2:3

سر کنڀات ۾ شاه صاحب اٺ جي سينگار ۽ خدمت جو ذڪر پڻ ڪيو آهي. پر اهو سڄو ذڪر ۽ خدمت هڪ طرح جي نسبت سبب آهي. ڇاڪاڻ تہ پيرين پنڌ محبوب تائين پھچڻ ممڪن ناهي. “ڪَرَهو نہ ڪيڪانُ، پيرين آئُون نہ پُڄڻِي” ( محبوب ڏور آهي) ۽ اهو وهٽ جيڪو پرينءَ تائين رسائي ٿو، اهو پڻ انتائي پيارو ٿو لڳي ۽ شاه صاحب ان کي “مينديءَ جا ڏار”،“چندن جا گل” کارائڻ لاءِ آڇي ٿو ۽ کيس قيمتي پٿرن؛ ياقوت ۽ موتين جا هار ۽ سون جي مھار پارائڻ جي ڳالھہ ڪريٿو.


ڪَرَهو نہ ڪيڪانُ، پيرين آئُون نہ پُڄڻِي؛
جو مون راتِ رَساڻي، نيئِي ساجَنَ ساڻُ؛
مُون نہ وَهِيڻو پاڻُ، ويٺِي نيڻَ نِچوئِيان.
(کنڀات)2:6

ڳَلِ ڳانا ياقُوتَ جا، موتِيُنِ ڳُـتـيَس مالَ؛
ڪَدِيفي جِي ڪَرَها! هيدِي پايَنءِ حالَ؛
چَندَنُ چارِيَنءِ جالَ، جي مُون رات رَساڻِئين.
(کنڀات)2:11

مَيا! تو مھارَ، سڄِي پايان سونَ جِي؛
چارِيَنءِ چَندَنَ چوٽِيُون، نايو ميندِيءَ ڏارَ؛
سَندِي پِيَ پَچارَ، جي مُون رات رَساڻِئين.
(کنڀات)2:12
“اي چانگا! (اٺ) توکي سڄي سون جي گهڙيل مھار پايان، چندن جون مکڙيون کارايانءِ ۽ ميندي مٿان جهڪاءِ ان جون ٽاريون چاريانءِ جي تون رات جو هلي مونکي پرينءَ جي پيچري لائين.”
اٺ جي ايڏي خدمت ۽ سينگار اصل ۾ محبوب جي ديدار سان مشروط آهي. يعني اٺ کي تڏهن سون جي جڙيل مھار پارئبي، ڇيس چندن جا گل ۽ مينديءَ جا ڏار چاربا جڏهن هو محبوب ڏانھن کڻي ويندو. سونھن ۽ سينگار جي اهڙي صورت کي نسبتي جمال سڏي سگهجي ٿو. محبت جو اهو اصول هوندو آهي تہ محبوب سان گڏ ان سان وابسطہ شين سان بہ محبت ٿيندي آهي. حمل فقير جا “پرينءَ جي پار...” واري ترتيب وارا جڳ مشھور بيت نسبتي سونھن جو پرتوو آهن. پر نسبتي سونھن جو جيڪو نقشو شاه صاحب چٽيو آهي اهو انتھائي من موهيندڙ ۽ پيارو آهي.
سر کنڀات ۾ هڪڙي پاسي سونھن جي فطري جوهر سج، چنڊ، ستارن جي تشبيھن ۽ تمثيلن سان جسماني جمال جو بيان آهي تہ ٻي پاسي اٺن جي سينگار ۽ سونھن جو ذڪر ڪري شاه صاحب نسبتي جمال کي انتھائي انوکي معنيٰ بخشي آهي. رات جي چانڊوڪيءَ ۾ ستل محبوب جو ذڪر دل لڀائيندڙ آهي تہ محبوب جي ناز ڀري نظر فطري حسن منظرن ۽ موضوعن (سج، چنڊ ۽ ستارن) جي سونھن جي جو هر کي جهيڻو ڪري ٿي ڇڏي. محبوب جي ادا ۽ سونھن جو اهڙو دلنواز ۽ دلفريب تصور شاھ صاحب ئي مڪمن بڻايو آهي. اهڙين حسين ۽ دلفريب تشبيھن سبب سر کنڀات کي سونھن جو سر سمجهيو ۽ سڏيو ويندو آهي.