سر ڪاپائتي
سر ڪاپائتي بابت ڪلياڻ آڏواڻي صاحب لکي ٿو:
“ “ڪاپائتي” لفظ جي معنيٰ آهي: “ڪتڻ واري” يا “ڪاتار”. هن سر ۾ ائٽ يا چرخي يا ڪتڻ وارين جو ذڪر ڪيو ويو آهي.”
غلا۾ محمد شاھواڻي صاحب لکي ٿو:
“هن سر تي مضمون جي مد نظر نالو رکيو ويو آهي. ڪا بہ هندستاني راڳڻي هن نالي سان ڪانہ ٿي سجهي. جيئن تہ هن سر ۾ ڪاپائتيءَ جو ذڪر آيل آهي تنھن ڪري اهو نالو پيو اٿس...هن سر ۾ شاھ صاحب ڪاپائتي جي حال، سندس محبت ۽ منفرد مصروفيت جو ذڪر ڪيو آهي.”
ڊاڪٽر شوق صاحب موجب “شاھ لطيف هن سر ۾ انسان جي ذميدارين جو ذڪر ڪيو آهي. انساني جسم بہ هڪ چرخي مثال آهي. چرخو چرڻ سان ئي سھڻو ۽ ڪارائتو ثابت ٿئي ٿو. انسان بہ پورهئي سان ئي پيارو لڳي ٿو ۽ هر هنڌ مانُ لھي ٿو. هڪ هنڌ ويھي رهڻ مان ڪجهہ ڪين ورندو...هن سر جو مرڪزي نڪتو پورهئي سان ئي پيار آهي، شاھ سائين ٻڌايو آهي تہ هيءَ حياتي ٿورڙي آهي. ان جي هر هڪ گهڙي قيمتي آهي. جيڪي ان حقيقت کي سمجهن ٿا سي پورهئو ڪري پنھنجي عمر سجائي ڪن ٿا.”
سر ڪاپائتي ۾ شاھ صاحب نہ صرف ڪاپائتين جي پورهئي جو ذڪر ڪيو آهي بلڪہ سندن نفسيات، روين، گهرجن، رهڻي ڪھڻي جي پڻ عڪاسي پيش ڪئي آهي. سر ڪاپائتي شاھ صاحب ايڏي تہ باريڪ بيني سان پيش ڪيو آهي جو ايئن پيو لڳي ڄڻ تہ شاھ صاحب ڪاپائتين سان گڏ ڪاپو ڪيو هجي، جي ائين نہ هجي ها تہ شاھ صاحب ايئن ڪيئن ٿي چئي سگهيو تہ “لسي تَندُ، لَطِيفُ چئي، هَلي تِنِ هَٿاءُ”، يا وري ايئن تہ اي ڪاپائتي تنھنجون پھون ڪجهہ جهرڪين وڃائي/منجهائي ڇڏيون آهن تہ ڪجهہ هوا ۾ وکري/کنڊري ويون آهن. “پھيون تُنھنجُون جهرِڪَنِ جهورِيُون، ٻِيُون اُڏايُون واءَ”. اهو سڀ ڪجهہ تہ صرف اهو ئي فرد چئي سگهي ٿو جنھن اهو لقاءُ ڏٺو هوندو. شاھ صاحب جو ڪمال آهي جو هو جنھن بہ منظر ۽ ماحول جي عڪاسي ٿو ان ۾ ان ئي منظر ۽ ماحول سان ٺھڪندڙ لفظ ۽ استعارا ڪتب آڻي ان منظر، ماحول ۽ مقام جي چٽي تصوير پيش ڪري ٿو.
شاھ صاحب سر ڪاپائتي ۾ پورهتياڻين /ڪاپائتين کي خبردار بہ ڪندو رهي ٿو تہ “سمھو نہ ڪتڻ جي ڪيو جي توهان ائين نہ ڪيو تہ سينگار جي لاءِ سڪنديون وتندئو.”
ڪَتَڻَ جي ڪانہ ڪَرِين، سُتي ساهيِن هَڏُ؛
صُباحَ ايندَءِ اوچِتو، عيدَ اُگهاڙَنِ گَڏُ؛
جِتِ سَرتِيون ڪَندَءِ سَڏَ، اُتِ سِڪَندِينءَ سينگارَ کي.
(ڪاپائتي)1:4
“ ڪاپائتي خوبصورتي ۽ مھارت جي علامت آهي، پر کيس خبر نہ آهي تہ سندس هٿ سون جھڙا آهن ۽ سون جھڙن هٿن سان افاديت سان ڀريل ڪو وڏو ڪم ٿي سگهي ٿو، کيس اهوتہ پرو ڪونھي تہ ازلي سچ ۽ اعليٰ نور جي حاصلات، انھن سون ساريڪن هٿن سان ٿي سگهي ٿي.”
شاھ صاحب ڪاپائتي کي چوي پيو تہ تون سون جھڙن هٿڙن سان ڪاپو ڇو نہ ٿي ڪرين، سستي ۽ ڪاهلي ڇڏ ۽ سٽ ڪت تہ تنھنجو مان ٿئي.
سونَ سارِيڪا هَٿَڙا، ڪوہ نہ ڪَتِين رَڏِ؟
ويھي ڪُنڊَ، ڪاپو ڪَرِ، گهتُون گوهِيُون ڇَڏِ؛
تہ صَرافاڻي سَڏِ، مَرَڪِيو هُوندَ مَٽائِيين.
(ڪاپائتي)1:8
جتي ڪاهل ڪاپائتين کي شاھ صاحب ڪتڻ جي صلاح ٿو ڏئي اتي محنتي ۽ مھان ڪاپائتين کي شاھ صاحب ڀيٽا ۽ مڃتا بہ ڏئي ٿو.
ڪو جو وہ ڪاپائِتِيَنِ، ڪنبَن ۽ ڪَتَنِ؛
ڪارَڻِ سُودَ سَوارِيُون، آتَڻَ مَنجه اَچَنِ؛
اُنِ جِي سُونھن، سَيَّدُ چئي، صَراف ئي سِڪَنِ؛
اَگهيا سُٽَ سَندَنِ، پائي ترازِيءَ نہ تورِيا.
(ڪاپائتي)1:13
سر ڪاپائتي سنڌ جي صنعتي ۽ معاشي صورتحال جي منظوم تاريخ آهي. جنھن ۾ خوشحالي کان بدحالي تائين جو احوال آهي. جڏهن اهي پورهيت ڪاپو نہ ٿا ڪن ڇاڪاڻ تہ حالتون ايتريون خراب آهن جو کين ڪجهہ بچي ئي ڪونہ ٿو ۽ سندن دل ڀڄي پئي آهي جو “يورپي واپاري، سندن گماشتا يا وري مقامي دلال مقامي ڪاريگر جي ڀلي لاءِ نہ پر پنھنجي ڀلي لاءِ ڪاروبار ڪري رهيا هئا.” ۽ جڏهن اهڙي اڻوڻندڙ صورتحال سامھون هوندي تہ ڪھڙو ماڻھو ان ۾ ڪم ڪري سگهندو. نتيجي طور شاھ صاحب چوي ٿو:
نہ سي وَؤڻَ وَڻَنِ ۾، نہ سي ڪاتارِيُون؛
پَسِيو بازارِيُون، هِنئَڙو مون لُوڻُ ٿِئي.
(ڪاپائتي)1:20
ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو صاحب لکي ٿو:
“ڪاپائت Spinner هڪ اهڙي علامت آهي جيڪا هنر مند ۽ ماهر جي مفھوم ۾ ظاهر ٿئي ٿي. ڪاپائتي کي گائڪاري جيان قوت بخشيندڙ ۽ اثر ڇڏيندڙ هڪ قوت (طاقت) سمجهيو وڃي ٿو. پري Fairy کي بہ ڪاپائتي جي علامت طور مڃيو وڃي ٿو. پري معنيٰ خوبصورت عورت. سڀ ماهر خوبصورت نفيس ليکي سگهجن ٿا ڇو تہ انھن جي هٿن ۽ ذهن جي پورهئي تي صنعت جي ترقي ۽ ترويج جو دارو مدار آهي.”
ڪَتي مٿي آئيون، ڪري تند تيار
اٽل اوڏاهين ٿئي، جيڏانھن پرينءَ پار
ڪاپائتي قرار، منجھان پورهئي آئيو. *
پورهيت جي پورهئي سان نہ رڳو ديس ۾ خوشحالي اچي ٿي، پر خود پورهيت بہ پنھنجي پورهئي سبب خوشحال ٿئي ٿو جو کيس پورهئي ۾ پئسي سان گڏ قرار ۽ دلي سڪون بہ ملي ٿو.
مجموعي طور سر ڪاپائتي ائٽ تي سٽ ڪتيندڙ ڪاپائتي جي ڪٿا سان گڏ سنڌ جي صنعت ۽ معيشت جي تاريخ آهي. جنھن ۾ شاھ صاحب انتھائي خوبصورت انداز سان هڪ دور جي تصوير پيش ڪئي آهي. هن سر ۾ پورهيت جي هٿن کي سون ساريڪا هٿ سڏي شاھ صاحب پورهيت جو مان مٿاهون ڪرڻ سان گڏ هڪ جمالياتي تخليق پڻ ڪئي آهي. ڇاڪاڻ تہ ڪاپائتي نہ صرف هنر مند آهي بلڪہ پريء جي روپ ۾ سونھن جي علامت پڻ آهي. ان علامت تحت شاھ جي ڪاپائتي کي خوبصورت هنر مند عورت سڏي سگهجي ٿو.