لطيفيات

شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ جماليات

ھي ڪتاب ڊاڪٽر شير مھراڻي جي 2012ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي ۾ پي ايڇ ڊي ٿيسز جي مقالي تي مشتمل آھي، جنھن جو نگران ڊاڪٽر غفور ميمڻ ھيو. ھن مقالي ۾ ڊاڪٽر شير مھراڻيءَ سونھن جي سموري تاريخ تي انتھائي برجستي انداز سان قلم کنيو آھي. ھن جماليات جي اوسر، تاريخ، مذھبن ۾ جماليات جي تصور، جماليات جي مختلف قسمن، جديد فلسفي ۾ جماليات جي تصور، تصوف ۾ جماليات جي تصور ۽ ڀٽائيءَ وٽ جماليات جي تصور ۽ شاھ جي رسالي جي مختلف سُرن ۾ جماليات جي تصور تي عالماڻي انداز سان لکيو آھي.

Title Cover of book AESTHETICISM IN THE POETRY OF SHAH LATIF

سر بلاول

سر بلاول هڪ هندستاني راڳڻي آهي. توڙي جي هن سر تي تحقيق دوران مختلف شيون سامھون آيون آهن. پر هن سر تي اهو نالو بلاول راڳڻيءَ سبب ئي پيو آهي. سر بلاول کي صبح جو “ڪلياڻ” بہ سڏيو ويو آهي. سر بلاول تي اهو نالو پوڻ بابت ميمڻ عبدالمجيد سنڌي لکي ٿو:
“بلاول تي ان نالي پوڻ جو سبب هي معلوم ٿئي ٿو تہ ملڪ ڪاٺياواڙ جي علائقي سورٺ جي بندرگاهن ۾ سومنات پٽن سان لاڳيتو “ويراول” بندر بہ هو. هنديءَ ۾ اڪثر “و” جي بدران“ب” اچاريو ويندو آهي. جيئن “شو” کي “شب” ۽ وشنو” کي “بشنو” چيو ويندو آهي. انکانسواءِ “ل” بدران “ر” اچاريو ويندو آهي. جيئن “ ڪويل” کي “ڪويريا”، “هولي” کي “هوري”، ۽ گجراتي لفظ “ويراول” بدلجي “بلاول” ٿيو آهي.”
بلاول راڳڻي بابت ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جو خيال آهي تہ بلاول ٺاٺ بابت ماهرن ڄاڻايو آهي تہ وادي سموادي سرن کي بدلائي موسيقي جي ماهرن “بلاول” جا ڪي ئي قسم ٺاهيا آهن
سر بلاول بابت محمد يعقوب آغا لکي ٿو:
“In sur Bilawal the poet has praised the generosity and kindness of the prophet of Islam. In fact it is not only Jam Jakhro who is the mentioned as the hero but Abro, Samo, Jam, Doongar Rai, Rai Rahu, master of the mound , master of kuch etc: have also been similarly mentioned. They all mean the Prophet by different names coined for the occasion.”
سر بلاول اصل ۾ ساراھ جو سر آهي جنھن ۾ شاھ صاحب خالقِ حقيقي سان گڏ حضور ﷺ ۽ جادم جکري جي واکاڻ ڪئي آهي. جڏهن تہ هن سر جي چوٿين داستان ۾ شاھ صاحب جي وڳنڌ فقير سان ڪيل چرچن گهٻن واري ظريفاڻي شاعري بہ شامل آهي. جنھن مان شاھ صاحب جي خوش طبعي هجڻ جي خبر پوي ٿو. يعني شاھ صاحب جتي غوروفڪر ۾ گم ۽ سنجيدو رهندو هو اتي هو خوش مزاج پڻ هو.
هن سر ۾ شاھ صاحب سونھن جي اهم عنصر جلال جي حوالي سان مرداڻي وجاهتن کي واکاڻيو آهي.
سَما! تو سِرَ ڇَٽُ، ناتَ پاڳارا پُرۡسَ ٻِيا؛
ڳَـهَڻَ! تُنھنجي ڳَڃَڙي، اچي جالَ جَڳٽُ؛
جِنِ جيھا ئِي پَٽُ، تِنِ تيھا ئِي بِکِيا.
(بلاول)1:3

تَڙِ تَڙِ ڪِيمَ تَرَسُ، سَرُ نھارِجِ سَڀَرو؛
ڏِيندُءِ لَکَ، لَطِيفُ چَئي، راڄَ راهُوءَ جي رَسُ؛
وِلھا جنھن وَنھيا ڪَيا، پاڳَ تَنھنجِي پَسُ؛
ڪوڙين لاهي ڪَسُ، جي ڳالھائي ڳاٽُ کڻي.
(بلاول)1:6
سر بلاول ۾ شاھ صاحب جادم جکري کي علامتي طور سندس جلال ۽ مھربان طبيعت موجب “سمو”، “هالار”، “جکرو”، “ڪڇ ڌڻي”، “ڏونگر راءِ”، “راهو”، “ڀٽ ڌڻي” وغيرہ جھڙن نالن سان تعبير ڪيو آهي. سندس ساراه ۾ چوي پيو تہ بس جکرو ئي جسکرو آهي، ٻيا بہ بھادر ۽ دياوان آهن پر اهي صرف نالن جا خان آهن. ڇاڪاڻ تہ سومرن جي علاوالدين سان ٿيل جنگ ۾ جادم جکري بھادري ۽ سخا جو ڇيھ ڪري ڇڏيو. هن رات جو دشمنن کي مانيون ٿي کارايون تہ ڏينھن جو جنگ ٿي ڪئي. روايتن موجب جادم جکري يارنھن ڏينھن (ڪارنھن ڪچھريون) جنگ ڪئي ۽ نيٺ شھيد/جهونجهار ٿيو.
جکري جي مرداڻي وجاهتن ۽ جلال جي واکاڻ ڪندي شاھ صاحب چوي پيو تہ هن کي ڌڻيءَ پاڻ ويھي ٺاهيو آهي. ( هتي شاھ صاحب سنڌي محاوري جو تمام حسين استعمال ڪيو آهي.) هو ڪيھر شينھن وانگر ڳاٽ اوچو ٿو ڪري ۽ شهپرن کي تاءُ ٿو ڏئي ( سنڌ ۾ مُڇ موڙڻ يا شهپرن کي تاءُ ڏيڻ مراداڻي رعب جي علامت آهي) هن ۾ سمونڊ جي ڇولين جھڙو رعب آهي. هو گهوڙي تي سوار ٿي جنگ جي ميدان ۾ ڪاهي پيو وڃي.

جَکِرو جوڙي، پاڻَ ڌَڻِيءَ پيدا ڪَيو؛
ڪيھر جِئَن ڪَرُ کڻي، مُڇُون مَلُھ موڙي؛
سَمُونڊَ جِئن سِيرَ ڪَيو، ٿو ٻارِ جِئَن ٻوڙي؛
گهوٽُ چَڙهِيو گهوڙي، پيچِيُنِ لائي پيچِرا.
(بلاول)2:1

ڏِٺي جادَمَ جَکِري، چِتِ نہ ٻِيا چَڙهَنِ؛
تہ ڪي کُوھَ کَڄَنِ، جهُ سَرُ لَڀي سَڀَرو؟
(بلاول)2:3
سر بلاول ۾ شاھ صاحب جکري کانسواءِ ابڙي جي واکاڻ ڪئي آهي. جنھن سومرن جي مارجي وڃڻ کانپوءِ سندن عورتون سام طور جهليون. هو پڻ تمام وڏو بھادر هو. ابڙي جي جنگي صلاحيتن کي واکاڻيندي شاھ صاحب چوي پيو تہ هو جنگي جوڌو هيو پر کيس عورتن جي حفاظت مارائي وڌو. “هو مھانئِين مِيرُ، پر مَسِتُوراتِنِ مارِيو.” شاھ صاحب ابڙي کي سڀني سمن جي سونھن سڏيو آهي. جنھن سومرن جون سامون جهليون.

سَرَڻِـيُنِ جي سُکَ لَءِ، سامَ کَنئِي سَردارَ؛
جي آيوُن اَبڙي جي آڌارَ، سي سُونگ نہ ڏِيندِيُون سُومِرِيُون.
(بلاول)1:8

اَبڙو وَڏ َوَڙو، سُوَڙو، سَمو، سُونھن سَڀَنِ؛
تَنھن دَرِ سَڀ اَچَنِ، ڪَنڌُ نہ ڪَڍي ڪَڇَ ڌَڻِي.؟
(بلاول)1:12
هن سر ۾ شاھ صاحب حضورﷺ جن کي جکرو (عظيم رهبر) سڏيندي سندن واکاڻ ڪئي آهي. ۽ خالق جا احسان مڃيا آهن جنھن اهڙو محبوب رهنما عطا ڪيو آهي. جيڪو سڀني نبين سڳورن جو سردار آهي.

جَکِري جِهو جُوانُ، ڏِسان ڪونَ ڏيھَ ۾؛
مُهَڙُ مِڙَني مُرۡسَلِين، سَرسُ سَندسِ شانُ؛
”فَڪَانَ قَابَ قَوۡسَيۡنِ اَوۡ اَدۡنَىٰ“، اِيُ مُيسَرُ ٿِـيُسِ مَڪانُ؛
اِيُ آگي جو اِحۡسانُ، جَنھن هادِي ميڙِيُمِ ھھڙو.
(بلاول)2:6
سر بلاول ۾ واکاڻيل ڪردارن جي لاءِ آخر ۾ شاھ صاحب چوي پيو تہ شال اهي مڙس ماڻھو سدائين جيئن جن جي اجهي ۾ عام ماڻھو خوش ۽ خوشحال آهن. هو اهڙا مھربان آهن جو انھن کي ڏسندي ئي اکين جي اڃ لھيو وڃي.

اَلا! جُنگَ جِيَنِ، جنِين اَجهي گهارِيان؛
شالَ مَ سُڪي ويئَرِي، جِئان پِيَّ پِيَنِ؛
مَرَڪَڻَ! اَکَڙِيَنِ، تو ڏِٺي مُون سُکُ ٿِئي.
(بلاول)3:2

اِيندي لَٿِي اُڃَ، پيرَ پـَيرِيندي ٺَرِيا؛
مَنجه ويئَرِيءَ سُڃَ، ڪَرَ لڌِي رِڻُ اُڪارِيـين.
(بلاول)3:3
سر بلاول واحد سر آهي جنھن ۾ شاھ صاحب جو ظريفاڻو ڪلام ملي ٿو، جيڪو پڻ سندس شاعريءَ جو حسن آهي. سر بلاول جي ظريفاڻي ڪلام مان شاھ صاحب جي خوش مزاجي جو پتو پوي ٿو.

وَڳَندُ وري آئِيو، پينارَنِئُون پوءِ؛
مُحڪَمَ لَڳَسِ موچِڙا، ذَرو نہ ڏِنُسِ جوءِ؛
ويٺو اِئين چوءِ، تہ پِيران پاسي نہ ٿِيان.
(بلاول)4:2

وَڳَندُ ورِي آئِيو، بَدُو سين بَدِبُوءِ؛
خاوَندَ! ڏي خُوشبُوءِ، تہ سُرهو ٿِيان سُپِرِين!
(بلاول)4:5
“شاھ صاحب جو سر بلاول وارو خوش طبعي ۽ مزاح وارو ڪلام، سنڌي مزاحيه شاعري جي بنياد جو پھريون پٿر آهي. شاھ جتي ٻين ڪيترين صنفن جي سنڌي شاعري ۾ شروعات ڪئي آهي، اتي مزاحيه شاعري جي شروعات بہ شاھ ڪئي... جيتوڻيڪ شاھ دنيا کي ترڪ ڪري تارڪي بڻيو، اتي هو هڪ زندہ دل ۽ خوش طبع انسان بہ هو.”
مجموعي طور سر بلاول ۾ جماليات جي حوالي سان شاھ صاحب حضورﷺ جي سونھن، جمال ۽ مھربانين جي واکاڻ سان گڏ جکري ۽ ابڙي جي مرداڻي وجاهتن ۽ جلال جي واکاڻ ڪئي آهي. مرداڻي رعب تاب ۽ هشمت جو خوبصورت اظھار هن سر جي خاص خوبي آهي. جڏهن تہ وڳنڌ فقير لاءِ چيل ظريفاڻو ڪلام پڻ پنھنجي نوعيت ۾ انتھائي اهم آهي. ڇاڪاڻ تہ ان مان شاھ صاحب جي خوش مزاجي ۽ ظريفاڻي طبيعت جي خبر پوي ٿي.