سر يمن ڪلياڻ
“يمن هڪ ملڪ جو نالو آهي ۽ هڪ غير هندستاني راڳ جو نالو بہ آهي. حضرت امير خسرو يمن جي سرن کي ڪلياڻ جي سرن ۾ ملائي راڳ يمن ڪلياڻ ايجاد ڪيو.”
سر يمن ڪلياڻ پڻ گهڻ جهتي سر آهي. پرجماليات جي ڏس ۾ “صوفياڻو جمال” هن سر جي خاص خوبي آهي.
صوفِيءَ صاف ڪيو، ڌوئِي ورق وُجُود جو؛
تھان پوءِ ٿيو، جيئري پسڻ پرينءَ جو.
(يمن ڪلياڻ)5:5
تصوف زندگي گذارڻ جو هڪ اهڙو ڍنگ آهي جيڪو لڳ ڀڳ سڀني مذهبن ۾ موجود آهي. تصوف جو بنيادي مقصد روحانيت ۽ ازلي سونھن (خدا) سان لنون لائنڻ آهي. شاه صاحب جو چوڻ آهي تہ صوفي پھرين پنھنجي وجود کي ايترو مقدس يا پاڪ بڻايو آهي جو هو هن دنيا ۾ ئي پرينءَ (خدا) جو ديدار ڪريٿو. نہ تہ مذهبي نقطہ نگاه کان مڃيل آهي تہ خدا جنت ۾ پنھنجي بندن کي ديدار ڪرائيندو. پر “جيئري پسڻ پرينء جو” صرف پاڻ کي طاهر ڪرڻ سان ممڪن آهي.
“الله سبحانہ و تعاليٰ حسن و حسنہ و طهارت، محسن اور مطھر لوگون سي محبت ڪرتا هي.”
شاه صاحب عشق جي مقام کي تمام گهڻو اوچو ظاهر ڪيو آهي. هن جو چوڻ آهي تہ جيسيتائين ڪُلي طرح عاشق پاڻ کي معشوق جي جي مرضيءَ تي قربان نٿو ڪري تيسيتائين کيس پرينءَ جي سونھن جو جلوو نصيب نٿو ٿئي.
عاشقَ! معشوق جِي، وٺِي ويھُ ڳَرِي؛
جِمَ وِرچي ڇَڏئِين، سَندِي دوست دَرِي!
ڏِيندا ٻُڪِي ٻاجه جِي، ويندءِ ٺَپَ ٺَرِي؛
اَسان تان نہ سَرِي، تون ڪئن سَرِي سپرين؟
(يمن ڪلياڻ)7:7
سر يمن ڪلياڻ سونھن تان سر گهورڻ جو سر آهي. هن سر ۾ عاشق کي پرينءَ تان پاڻ وارڻ ۽ کيس پاڻ ارپڻ وارو جذبو سيکاريل آهي.
جان عاشقَ مٿي رَتُ، تان دعوىٰ ڪري مَ نِينھن جِي؛
سائو مُنھن، سُونھن گَــئِي، سِڪَڻَ اِيُّ شرط؛
نَڪِي گوڏِ گَـرَٿُ، مٿا سِرَ سؤدا ڪري.
(يمن ڪلياڻ)7:3
جيڪڏهن عاشق پاڻ خوبصورت ٿيڻ چاهي ٿو تہ پوءِ عشق جي دعويٰ نہ ڪري ڇو تہ سونھن تہ صرف محبوب کي جڳائي، عشق سر ڏيڻ جو نالو آهي. شاه صاحب هن سر ۾ ايڏا تہ من موهيندڙ استعارا استعمال ڪيا آهن، جو پڙهڻ کانپوءِ ڪي پھر تہ ماڻھو انھن تي سوچيندو ٿو رهي، جيئن هنن بيتن ۾ “ميخاني جي ماڪَ” “پِره جا پياڪَ” ۽ “سائِي ٿِيندين اُڃ” دل کي ڇھندڙ استعارا آهن. فني لحاظ کان پڻ هنن بيتن ۾ دلپذير وراڻ کي ڪتب آندو ويو آهي. ٻي پاسي هنن ئي بيتن ۾ شاه صاحب ظاهري سونھن وسيلي ابدي سونھن تائين پھچڻ جو گس ڏسي ٿو.
وجهج واٽاڙُئن تي، ميخاني جي ماڪَ؛
ٿيندي سُڌ سڀڪنھين، هنڌ هنڌ پوندي هاڪَ؛
پِره جا پياڪَ، جُه سي اَڱڻ آئيا.
(يمن ڪلياڻ)4:9
جُه سي اَڱڻ آئيا، تہ سَرو ڪندا سُڃ؛
سائِي ٿِيندين اُڃ، هي پِيتو! هُو آڻ ڪِي!
(يمن ڪلياڻ)4:10
“مٿين بيتن ۾ “موکي”، “متار”، “ميخانا”، “سرو” سڀ علامتون آهن. شاعر حسن جي واردات کي شراب جي نشي جان سمجهي ٿو. ظاهري سونھن انسان جي اندر صفائي ۽ سٿرائي جو تصور پيدا ڪري ٿي. اسين هر ظاهري حسن کي اکين سان پيئندا آهيون ۽ اهوئي حقيقي سونھن کي حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهي. عاشق انھيءَ ڪري حسن کي حسين ٽهڪڙن ۽ لئه دار آواز کي ڪنن سان پي مخمور ٿيندا آهن.”
طَالِبُ ڪَثَرَ، سونھن سَرُ، اِيَ رومِيءَ جِي رُوءِ؛
جنِين ڏٺي جُوءِ، تني ڪُڇيو ڪين ڪِي.
(يمن ڪلياڻ)5:10
“ساري ڪثرت (سموري ڪائنات) سندس ڳولھائو آهي. ۽ ان جو سر (اصل) سندس حسن آهي. اهو روميءَ جو متو آهي (هر ڪا چيز انھي حقيقي سونھن جي ڳولھا ۾ آهي) جن اها منزل ڏٺي آهي تن زبان سان ڪجهہ بہ نہ ڪڇيو.”
طَالِبُ ڪَثَرَ، سونھن سَرُ، اِيَ رومِيءَ جِي راءِ؛
ماڙهُو اِتِ ڪِياءِ، مَنڊُ نہ پسين مَنڊيو!
(يمن ڪلياڻ)5:11
طَالِبُ ڪَثَرَ، سونھن سَرُ، روميءَ چيو آهي؛
تاڙِي جي لاهي، تہ مَنجهين مُشاهدو ٿئي.
(يمن ڪلياڻ)5:12
“ساري ڪائنات) سندس ڳولھائو آهي. ۽ ان جو سر سندس سونھن آهي. ايءُ رومي فرمايو آهي. جي دل تان پردو لاهجي تہ اندر مان ئي ديدار حاصل ٿئي.”
سر يمن ڪليان ۾ ڪمال جون تشبيھون استعمال ٿيل آهن.
ڪاتِبَ! لِکِين جئن، لايو لامُ اَلف سين؛
اَسان سڄڻُ تئن، رهيو آهي روح ۾.
(يمن ڪلياڻ) 5:23
“الف” سان “لام” کي لاڙي لکڻ واري تشبيھہ ڪيڏي نہ وڻندڙ ۽ حسين آهي!.
تھڙا چالِيھا نہ چالِيھَ، جهڙوپسڻ پرينءَ جو؛
ڪھڙي ڪاتِبَ! ڪَرِئين، مٿي پنن پِيھہ؛
جي ورقَ وارِين وِيھَ، تہ اَکر اُهوئِي هيڪڙو.
(يمن ڪلياڻ) 5:24
سُپيريان جي سونھن جِي، ڳالھ ڪِينَ وڃي؛
وڃِي دَرِ دوستن جي، سُوريءَ سِرُ هَڄي؛
عاشقَ اَنگُن چڙهيا، ٻيو سَڀڪو ڀَڄي؛
پُڇِجِ پوءِ پِرِيتَڻون، پھرين سِرُ سَڄي؛
عاقِلَ ئِي اوڇُون ٿيا، ڀورو ڪِينَ ڀَڄي.
(يمن ڪلياڻ) داستان 7 وائي
مجموعي طور سر يمن ڪلياڻ امن، آشتي، سڪون، عشق، تصوف، موکي، مئخاني، سونھن ۽ جمال جو سر آهي. هن سر ۾ صوفياڻي جمال کان ظاهري ۽ ابدي سونھن تائين جا ڪيترائي منظر ڏيکاريل آهن. ادبي جمال، موسيقيت ۽ فني سونھن تہ ڀٽائي صاحب جي خاص خوبي آهي جنھن سان پڻ سر يمن ڪلياڻ پُر آهي.