لطيفيات

شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ جماليات

ھي ڪتاب ڊاڪٽر شير مھراڻي جي 2012ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي ۾ پي ايڇ ڊي ٿيسز جي مقالي تي مشتمل آھي، جنھن جو نگران ڊاڪٽر غفور ميمڻ ھيو. ھن مقالي ۾ ڊاڪٽر شير مھراڻيءَ سونھن جي سموري تاريخ تي انتھائي برجستي انداز سان قلم کنيو آھي. ھن جماليات جي اوسر، تاريخ، مذھبن ۾ جماليات جي تصور، جماليات جي مختلف قسمن، جديد فلسفي ۾ جماليات جي تصور، تصوف ۾ جماليات جي تصور ۽ ڀٽائيءَ وٽ جماليات جي تصور ۽ شاھ جي رسالي جي مختلف سُرن ۾ جماليات جي تصور تي عالماڻي انداز سان لکيو آھي.

Title Cover of book AESTHETICISM IN THE POETRY OF SHAH LATIF

سر ڪلياڻ

لفظ “ڪلياڻ” معنيٰ سک، سڪون يا شانتي؛ شاه جي رسالي ۾ سر ڪلياڻ ڌڻيءَ جي ساراه سان شروع ٿئي ٿو.
“ هن سر ۾ شاه صاحب پھرين “وحدت مان ڪثرت” وارو صوفياڻو راز سمجهايو آهي: ڌڻي هڪ آهي ۽ سندس ڪوبہ ثاني ناهي، هي سموري گهڻائي سندس هيڪڙائي مان نڪتي آهي. هو “سونھن جو سر آهي” پاڻ ئي سھڻيون شيون پيدا ڪندڙ آهي ۽ پاڻ ئي پنھنجي سونھن تي حيران آهي.”
جماليات جي حوالي سان شاه صاحب جي شاعريءَ جا ٻہ اهم رخ آهن، هڪ فني ۽ ٻيو فڪري. فني حوالي سان شاه صاحب جي سموري رسالي ۾ ڀرپور موسيقيت، رواني، سلاست، نغمگي، ترنم ۽ شائستگي آهي. جيڪي ڳڻ ڪنھن فطري شاعر جا هجڻ گهرجن سي سڀئي شاه صاحب وٽ بحر بيڪران وانگر هڪيا تڪيا موجود آهن. شاه جو رسالو هڪ پاسي فڪري نڪتن ۽ فيلسوفياڻي ڏاهپ جو سمونڊ آهي تہ ٻي پاسي هڪ شاهڪار ادب پارو پڻ آهي. سندس شاعري جي خاص ادبي خوبي موسيقيت آهي. هو شاعراڻن ڳڻن جو اهڙو مھا ڪاريگر آهي جو سندس چيل سٽن مان جمال جو رس ٽمندي محسوس ٿئي ٿو. سندس شاعري جتي فطرت جي ڀرپور منظر نگاري جو پرتوو آهي اتي، خدائي واکاڻ جو وجدان پڻ آهي.

اَول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي؛
قادِرُ پنھنجي قُدرت سين، قائم آهِ قديم؛
والي، واحِدُ، وَحۡدَهٗ، رازق، رَبُّ رَحِيم؛
سو ساراه سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪِيم؛
ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جھان جي.
(ڪلياڻ)1:1

هن بيت ۾ هڪ پاسي ڌڻيءَ جي ساراه آهي تہ ٻي پاسي هي بيت فني جماليات جو بھترين نمونو پڻ آهي، جنھن ۾ اعليٰ ترين موسيقيت، رواني ۽ تجنيس حرفي آهي. شاه صاحب جو اهوئي ڪمال آهي تہ هو بھترين ٻولي ۽ لفظن ۾ بھترين ڳالھہ ڪري ٿو. ۽ هڪ ئي وقت سندس شعر جا ڪيترائي زاويا سامھون اچن ٿا. “شاه عبداللطيف ۾ هڪ مختلف ۽ اچرج جھڙي ڏات پسجي ٿي.” جنھن وسيلي هو شعر ۾ انتھائي پر اثر ۽ معنيٰ خيز ڳالھہ ڪري ٿو.

پاڻھين جَلَّ جَلَالَہٗ، پاڻھين جانِ جمالُ؛
پاڻھين صورت پِرِينءَ جي، پاڻھين حُسن ڪَمالُ؛
پاڻھين پِر مُريد ٿئي، پاڻھين پاڻَ خيالُ؛
سڀ سڀوئي حالُ، منجھان هي معلوم ٿئي.
(ڪلياڻ) 1:12

سر ڪلياڻ ۾ شاه صاحب جتي ڌڻيءَ جي واکاڻ ڪئي آهي، اتي سونھن، عشق ۽ درد جو پڻ دل کي ڇهندڙ بيان ڪيو آهي. سونھن کي دردسان همڪنار ڪري تمثيلي انداز ۾ سمجهائڻ سندس ئي ڪمال آهي. جيڪو درد جي جمال جو اعليٰ نمونو آهي.

سِرُ ڍُونڍيان، ڌڙ نہ لھان، ڌڙ ڍُونڍيان، سِرُ ناهِ؛
هَٿَ ڪَرايُون آڱريون، ويا ڪپجي ڪانِھ؛
وحدت جي وِهانءِ، جي ويا، سي وڍيا.
(ڪلياڻ)1:9

سُوري آهِ سينگار، اَڳَهِين عاشقن جو؛
مُڙڻ موٽڻ ميھڻو، ٿيا نِظاري نِروارُ؛
ڪُسڻَ جو قَرارُ، اصل عاشقن کي.
(ڪلياڻ)2:3
“عاشقن لاءِ اصل کان ئي سوري تي چڙهڻ سچو زيب (سندن سونھن ۽ سينگار) آهي. سوري کان پاسو ڪرڻ يا سوريء تان واپس ورڻ هنن لاءِ عيب آهي. هو پڌري پٽ شھيد ٿيڻ جا ڪوڏيا آهن. هنن جو اصل ۾ ئي سر ڏيڻ جو انجام هو.”
مُلھ مھانگو قَطَرو، سِڪَڻُ شھادت؛
اَسان عِبادتَ، نَظَرُ نازُ پِريَنِ جو.
(ڪلياڻ)2:19
امرت رس جو اهڙو دلفريب اظھار ۽ پرينءَ جي نگاه جو زڪر هڪ اهڙي وجداني ڪيف ۾ وٺي وڃن ٿا، جتي فن جي اثر پذيري ڪمال جي درجي تي پھتل آهي. شاه صاحب جو وجداني جمال پڻ هڪ ڌار ڪائنات آهي جنھن ۾ سونھن ۽ ڪيف هڪٻئي سان مکيا ميل ٿيل پسجن ٿا.

مَنڌُ پئندي مون، ساڄَنُ سھي سُڃاتو؛
پِي پِيالو عِشقَ جو، سڀڪِي سمجهيو سُون؛
پِريان سندي پارَ جِي، اَندرِ آڳ اَٿُون؛
جِئڻُ ناهي جَڳَ ۾، ڏينھن مِڙيئي ڏُون؛
اَلا، عَبۡدُاللَّطِيفُ چئي، آهين تُون ئي تُون.
(ڪلياڻ)داستان 2: وائي
ڪجهہ فيلسوفن وٽ انسان جي پنجن احساسن وسيلي پرکي ويندڙ حسين شيءَ ئي جماليات جو اصل محور ۽ مرڪز رهي آهي. شاه صاحب پڻ ڪٿي ڪٿي سونھن کي احساساتي سطحن تي بيان ڪيو آهي.

مِٺايان مِٺو گهڻو، ڪَڙو ناه ڪَلامُ؛
سُڪُوتُ ئِي سَلامُ، پِريان سَندي پارَ جو.
(ڪلياڻ)3:7

“مٺاڻ” زبان سان چکي ويندڙ شيءَ آهي. پرينءَ جي ڳالھين کي مٺاين کان بہ وڌيڪ مٺو سمجهڻ يا انھن جي خاموشين کي سلام سجهڻ هڪ اهڙي شاعراڻي ترڪيب آهي جيڪا ٻڌڻ ۾ تہ معمولي محسوس ٿئي ٿي پر جنھن طريقي سان شاه صاحب ان کي ڪتب آندو آهي اها ترڪيب غير معمولي بڻجي وئي آهي.

پريان سَندي پارَ جي، مِڙيئي مِٺائي؛
ڪانھي ڪَڙائي، چَکِين جي چيتُ ڪري.
(ڪلياڻ)3:8

ڪُهَنِّ تان ڪَرَ لھن، ڪَرَ لھن تان ڪُهَنِّ؛
سيئِي ماءِ! مھن، سيئي راحتَ رُوحَ جِي.
(ڪلياڻ)3:14
“جي ڪهن ٿا تہ ڄڻ تہ سار ٿا لھن جي سار ٿا لھڻ چاهين تہ ڄڻ تہ ڪهن ٿا. اي امڙ! اهي ئي وڍين ٿا ۽ اهي ئي جان جي فرحت آهن.”
مجموعي طور سر ڪلياڻ ۾ شاه صاحب جماليات جي جن قسم کي ڪتب آندو آهي، انھن ۾ فني جماليات، درد جي جماليات، جسماني جماليات، وحداني ۽ وجداني جماليات شامل آهن.