سر آسا
ڪلياڻ آڏواڻي صاحب سر آسا جي لاءِ لکي ٿو:
“ “آسا” هڪ مٺي راڳڻي آهي، جا اسر جو ڳائبي آهي. انھيءَ وقت ساري ڪائنات ڌڻيءَ جي وڏائي ٿي ڳائي. ڪي صاحب فرمائين ٿا تہ “آسا” هڪ راجڪماري جو نالو آهي، جا پرڀات جو، ڌڻيءَ جي ساراھ ۾ گيت ڳائيندي ھئي. جنھن سر ۾ هوءَ ڳائيندي ھئي، تنھن تي “آسا” نالو پيجي ويو.”
ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو صاحب چوي ٿو:
“آسا هڪ راڳڻي آهي، هي راڳڻي اسر ويل ڳائي ويندي آهي. هي راڳڻي جتي روح جي راحت ۾ تراوت جو سبب آهي. اتي مادي فائدي جو ڪارڻ بہ آهي. بدني واڌ ۽ طبعي طور تي تندرست رهڻ لاءِ بہ هن راڳڻي مان فائدا وٺي سگهجن ٿا. جيڪي اسر جي سڀاڳي ويل اٿڻ ڪري حاصل ٿين ٿا.”
هن سر ۾ حسن جي اثر پذيري کان ويندي سونھن جي جلوا نمائي تائين جو برملا اظھار آهي. شاھ صاحب چوي ٿو تہ حسن جي آب و تاب کي ويجهو کان هڪ پل جي لاءِ بہ برداشت ئي نٿو ڪري سگهجي. “نَظَرُ نِزدِيڪونِ، سھي نہ سگهان ساعَتَ سِيئن”. يعني حسن جو جلوو ايڏو تہ جمال ۽ جلال سان وارد ٿئي ٿو جو ان کي سھي نٿو سگهجي.
سر آسا ۾ شاھ صاحب جماليات جي ڪيترين ئي جھتن کي واضع ڪيو آهي. هن سر ۾ شاھ صاحب تصوف جي جمال جا بہ جلوا ڏيکاريا آهن تہ جسماني سونھن جون پڻ مختلف رمزون پڌريون ڪيون آهن.
شاھ صاحب فرمائي ٿو تہ انسان ظاهري اک سان اندروني سونھن جون رونقون نہ ٿو ڏسي سگهي. پرين جي حسن جي اصل جلوي کي دل جي اکين سان ڏسي سگهجي ٿو.
ديکُ مَ تُون سين تَنِ، هِي جي مَجازِياڻِـيُون مُنھن ۾؛
ڪِينَ نہ سُڃاتو سُپِرِين، نھاري نيڻَنِ؛
پِرِين سي پَسَنِ، ٻَـئِي جنِين ٻُوٽِـيُون.
(آسا)3:1
انسان ۽ خالق جي وچ وارو واسطو انتھائي نازڪ آهي، جنھن تي خاص طور صوفين تمام خوبصورت بحث ۽ خيال آرايون ڪيون آهن. شاھ صاحب جو پنھنجو نقطہ نگاھ آهي.
هُو پِڻُ ڪونھي هِنَ ري، هِيُ نہ هُنھان ڌارَ؛
“اَلۡاِنۡسَانُ سِرِّيۡ وَ اَنَا سِرُّهٗ”، پَرُوڙِج پَچارَ؛
ڪَندا وِيا تَنوارَ، عالِمَ عارِفَ اَهڙِي.
(آسا)1:4
شاھ صاحب چوي ٿو تہ انسان جيستائين پنھنجي پاڻ کي خالق حقيقي گم نٿو ڪري تيستائين هو عبادت جو روحاني سڪون نٿو ماڻي سگهي. ظاهري عبادتون پنھنجي جاءِ تي پر جيستائين بندو پنھنجي وجود کي وجود ڪُل ۾ نٿو وڃائي تيستائين هو وصل جي حقيقي راحت کان محروم رهندو.
جان جان پَسِين پاڻَ کي، تان تان ناهِ نِمازَ؛
سَڀِ وِڃائي سازَ، تھان پوءِ تَڪبِيرَ چَئو.
(آسا)1:5
جان جان پَسِين پاڻَ کي، تان تان ناهِ سُجُودُ؛
وِڃائي وُجُودُ، تھان پوءِ تَڪبِيرَ چَئو.
(آسا)1:6
شاھ صاحب فرمائي ٿو تہ جيڪي اکيون سج اڀرڻ سان ئي پرينءَ کي نٿيون پسن تہ پوءِ اهي اکيون ڪڍي ڪانگن کي ڏجن.
اُڀِرَنۡدي ئِي سِجِ، پِرِين جي نہ پَسَندِيُون؛
ڪَڍِي ٻيئِي ڏِجِ، اَکَڙِيُون ڪانگَنِ کي.
(آسا)2:1
ڀٽائي وٽ سونھن جي ديدار جو عجيب concept آهي. هن جو چوڻ آهي تہ پنھنجون اکيون نيرانو ئي (صبح جو ڪابہ شيءَ کانئڻ پيئڻ کانسواءِ ئي) پرينءَ کي آڇجن، يعني ڪابہ شيءَ کانئڻ پيئڻ کاسواءِ ئي پرينءَ جو ديدار ڪجي. جيڪڏهن محبوب جو منھن /چھرو ڏٺو تہ ڄڻ تہ ڪيئي کاڌا کائي ورتا.
نيرانا ئِي نيڻَ، نيئِي آڇِ پِرِيُنِ کي؛
سَتَرِ کاڌا کيڻَ، جه ڏِٺو مُنھن مَحۡـبُوبَ جو.
(آسا)2:2
جڏهن اکيون ڪٿي اڙجن ٿيون تہ پوءِ ديدار ۽ درشن لاءِ بيچين رهن ٿيون. محبت جي ان چين ۽ بيچيني ۾ پيون رسن ۽ پرچن.
اَکَڙِيُون اَکَڙِيُنِ تي، ڏَمَرَ ڏوسَ ڪَرِينِ؛
جيلانہَ سِڪَڻُ سِکِـيُون، تيلانہَ دَعوىٰ مَنجه دَڙِينِ؛
کِلَنِ ۽ کَرِينِ، رُسَنِ پَرۡچَنِ پاڻَ ۾.
(آسا)2:6
اَکِيُنِ کي آئُون، جان ڪِي جهلُون پائِيان؛
لوڪُ لَتاڙي نِنڊَ ۾، ساڄَنُ سوٺائُون؛
مُون کي مارِيائُون، پاڻَ پَرِچِي آئِـيُون.
(آسا)2:7
سر آسا ۾ جتي شاھ صاحب صوفياڻي جمال جي ڳالھ ڪئي آهي اتي جسماني سونھن جو پڻ ذڪر ڪيو آهي. هو فرمائي ٿو تہ محبوب سامھون اچي يا پٺيرو وڃي؛ هو ڏاڍو سھڻو ٿو لڳي. ۽ جڏهن محبوب جو ديدار ٿي وڃي ٿو تہ جسم جي لونءَ لونءَ ٺري پوي ٿي ۽ تن توانو ٿي وڃي ٿو. تن جي تازگي جو لاڳاپو جسماني سونھن سان هوندو آهي. ۽ شاھ وٽ ابدي سونھن سان گڏ جسماني سونھن جو تصور پڻ انتھائي نفيس، نازڪ ۽ ڇرڪائيندڙ آهي.
“چاهت جيڪا تن سان آهي/۽ انگن عضون سان آهي، ان جي عڪاسي ڪرڻ ۽ اندر جي تئونس ۽ تاس جو ذڪر جيئن لطيف وٽ ڀرپور ۽ واضح آهي اهو دنگ آهي. الا، حيرت ٿي ٿئي لفظن جي چونڊ ۽ انھن جي شديد اثر ڪرڻ تي، ٺڪاءُ ڪري گوليءَ جيان سڌا هانءَ ۾ لڳن ٿا.”
تان جي ٿِيَنِ سامھان، پُٺِيرا سُونھن؛
سَنئون وَرائي سُپِرِين، مُنھن جي مانڏي ڪَنِ؛
رَڳُون سَڀِ رَچَنِ، تَنَ ۾ تازائِي ٿِئي.
(آسا)2:11
“لطيف، هر جذبي کي هڪ ڀرپور جيئري منطر طور اڀاري ٿو ۽ هر پسمنظر کي واضح ۽ چتي انداز سان پيشمنظر جي صورت ۾ اڳيان آڻي ٿو.”
جِتِ آهِ نہ ناهِ ڪا، اِيُ خاڪِيءَ جو خِيالُ؛
جانِبَ جو جَمالُ، پَسَڻان ئِي پَري ٿِيو.
(آسا) 3: 4
شاھ صاحب فرمائي ٿو تہ جن سرخيءَ جو سرمون پاتو (يعني جيڪي راتين جو جاڳيا ۽ سندن اکين ۾ رت جڳا بڻيا/اکيون ڳاڙه سريون ٿيون) اهي ئي سونھن جي ريٽي سونق ڏسي سگهن ٿا. ۽ جن پنھنجي اکين کي اجرو رکيو ۽ دنيوي ميراڻ کان پري رکيو اهي ئي هن دنيا جو اجرو پن ڏسي سگهندا.
سُرمون سُرخِيءَ جو، جَڏهن پاتو جن؛
تَڏهن ڏِٺِـي تن، رَوۡنَقَ ريٽي جَهِڙي.
(آسا)4:10
سُرۡمون سُفيدِيءَ جو، جَڏهن وِڌو جن؛
تَڏهن ڏِٺِي تن، اَڇائِي عالَمَ ۾.
(آسا)4:11
سر آسا ۾ شاھ صاحب عجيب انداز سان سونھن جي ديدار جون ڳالھيون ڪيون آهن. هو چوي پيو تہ عام انسان يا انڌو حسن جو حق سڃاڻي ئي نٿو سگهي. هتي ٻہ ڳالھيون واضع آهن، هڪ تہ شاھ صاحب ان ماڻھوءَ کي انڌو ٿو سڏي جنھن وٽ جمالياتي ذوق رکندڙ اک ناهي. يا وري واقعي بہ جيڪو انڌو آهي اهو حسن جي پرک نٿو ڪري سگهي. ٻنھي ڳالھين مان هڪ حقيقت پڌري آهي تہ حسن جي درست پرک Judgement of Beauty صرف اها اک ئي ڪري سگهي ٿي جنھن ۾ جمالياتي ذوق ۽ جمالياتي رجحان هوندو. ٻي صورت ۾:
حوصِلو حَيرَتَ ۾، ڪَري ڪِينَ دَرَڪُ؛
جو حُسُنَ سَندو حَقُّ، سو ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَ ڪِي!
(آسا)3:9
مجموعي طور شاھ صاحب سر آسا ۾ سونھن ۽ جمال جي مختلف رخن کي نبيريو آهي. هن سر ۾ صوفياڻي جمال جو ذڪر بہ آهي، جنھن ۾ پنھنجي پاڻ کي ابدي سونھن ۾ گم ڪرڻ جا اشارا آهن. تہ ظاهري يا جسماني سونھن جي پڻ ڳالھ آهي. جنھن جي لاءِ شاھ صاحب چوي پيو تہ پرين سامھان اچن ۽ ديدار ٿي وڃي تہ تن ۾ تازگي اچي وڃي، يا نيرانو ئي جي پرينءَ جو ديدار ٿي وڃي تہ جھڙو ڪه ست رشيون کائي ورتيون. اهي سڀئي نمونا سونھن جا آهن. پر سڀ کان اهم ڳالھ جيڪا شاھ صاحب هن سر ۾ ڪئي آهي اُها اِها آهي تہ حسن يا سونھن جي پرک جمالياتي ذوق رکندڙ اک کانسواءِ ڪوئي بہ نٿو ڪري سگهي. اهو پوءِ ابدي جمال هجي يا ازلي سونھن. ظاهري حسن هجي يا ڳجهي سونھن! جمال جي پرک، ادراڪ يا سڃاڻ لاءِجمالياتي ذوق جو هجڻ ضروري آهي.