لطيفيات

شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ جماليات

ھي ڪتاب ڊاڪٽر شير مھراڻي جي 2012ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي ۾ پي ايڇ ڊي ٿيسز جي مقالي تي مشتمل آھي، جنھن جو نگران ڊاڪٽر غفور ميمڻ ھيو. ھن مقالي ۾ ڊاڪٽر شير مھراڻيءَ سونھن جي سموري تاريخ تي انتھائي برجستي انداز سان قلم کنيو آھي. ھن جماليات جي اوسر، تاريخ، مذھبن ۾ جماليات جي تصور، جماليات جي مختلف قسمن، جديد فلسفي ۾ جماليات جي تصور، تصوف ۾ جماليات جي تصور ۽ ڀٽائيءَ وٽ جماليات جي تصور ۽ شاھ جي رسالي جي مختلف سُرن ۾ جماليات جي تصور تي عالماڻي انداز سان لکيو آھي.

Title Cover of book AESTHETICISM IN THE POETRY OF SHAH LATIF

سر ڪوهياري

لفظ “ڪوھ” جي معنيٰ آهي جبل يا پھاڙ. ان نسبت سان ڪوهياري جي معنيٰ ٿيندي جابلو يا پھاڙي. سر ڪوهياري ۾ شاه صاحب هڪ پاسي سسئي جي جبل جهاڳڻ جي تصويرچٽي آهي تہ ٻي پاسي کيس جاڳڻ جا ڏس ڏنا آهن ۽ سندس ننڊ کي ننديو آهي. سر ڪوهياري سسئي جي مسلسل جدوجھد ۽ پنڌ جو عڪاس آهي. شاه جي رسالي ۾ سسئي بابت چيل پنجن سرن مان هي سر چوٿين نمبر تي آهي. سر ڪوهياري بابت ڪلياڻ آڏواڻي صاحب لکي ٿو.
“سنڌ ۽ پنجاب ۾ هي سر گهڻو ڳائڻ ۾ ايندو آهي ۽ نھايت درد ۽ ميٺاڄ وارو آهي. هن سر ۾ پھاڙن جي پنڌ جو بيان ۽ ڏونگرن جي ڏاکڙن جو احوال ڏنل آهي. انھيءَ لحاظ کان اهو نالو مٿس رکيو ويو ٿو ڏسجي. هن سر ۾ سسئيءَ جو مثال وٺي شاھ ننڊ تي ملامت هنئي آهي.”
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ موجب “ڪوهياري” بہ انھن سترهن راڳڻين مان هڪ آهي جيڪي شاه لطيف عوامي موسيقيءَ مان کنيون. جڏهن تہ ڊاڪٽر گربخشاڻي لکي ٿو،
“هي سر اصل جابلو قومن جو رچيل آهي. سنڌ ۽ پنجاب ۾ گهڻو ڳائڻ ۾ ايندو آهي.”
سر ڪوهياري ۾ شاه صاحب سڌو سنئو سونھن يا جماليات بابت گهٽ شعر چيا آهن. پر جيئن تہ اها شاه جي شاعري جي خوبي آهي تہ سندس هڪ ئي شعر هڪ ئي وقت ڪيترن ئي زاوين کي نبيري ٿو. انڪري هن سر ۾ بہ اهڙا ڪيترائي شعر آهن، جن ۾ سونھن جا عڪس ۽ اشارا موجود آهن. جنھن ۾ فني، فڪري، فطري توڙي جسماني سونھن شامل آهي.

ڏُونگَـرَ! تُون ڏاڍو، ڏاڍا! ڏاڍايُون ڪَرِين؛
مُون تَنَ اَندَرِ تِيئَن وَهِين، جِئن وَڻُ وَڍي واڍو؛
اِي ڪَرَمَ جو ڪاڍو، ناتَ پَٿَرِ ڪيرَ پَنڌَ ڪَري؟
(ڪوهياري)2:1
هن بيت ۾ هڪ پاسي فني لحاظ کان تجنيس حرفي جو انتھائي خوبصورت استعمال ٿيل آهي (ڏُونگَـرَ! تُون ڏاڍو، ڏاڍا! ڏاڍايُون ڪَرِين) تہ ٻي پاسي تشبيھ پڻ انتھائي پياري ۽ رقت آميز چونڊيل آهي. (مُون تَنَ اَندَرِ تِيئَن وَهِين، جِئن وَڻُ وَڍي واڍو) جنھن ۾ درد جي جمال جا جلوا عيان آهن. اهڙو يا ان کان بہ وڌيڪ درد انگيز اظھار ۽ سسئي جي خود ڪلامي هن بيت ۾ پئي پسجي.

ڏُونگَـرَ! ڏوراپو، پھريون چَوندِيَسِ پِرِينءَ کي:
”پھڻ پيرَ پِٿُون ڪَيا، تِريُون ڇِنيُون تو؛
رَحمُ نہ پِيُءِ رُوحَ ۾، قَدُرُ مُنھنجو ڪو؛
واڪو ڪَندِيَسِ: وو! مُون سان جَبَلُ ٿو جاڙُون ڪَري!
(ڪوهياري)2:3
جبل سان جڏهن سسئي ڳالھائي ٿي ۽ کيس پنھنجو درد ڀائي بڻائي ٿي تہ نتيجي ۾ اهو جبل بہ سسئي سان گڏجي روئي پيو. عشق جي درد جو اهڙو اظھار ۽ معنيٰ خيز پيشڪش شايد ئي دنيا جي ادب ۾ ملي. جنھن ۾ هڪ پاسي وجداني جنون آهي تہ ٻي پاسي حيران ڪندڙ صورتحال.
ڪي جي ڪَڍِيا پارَ، ڏُکِيءَ ڏُونگَـرَ پاڻَ ۾؛
سُڻِي سا تَنوار، مِرُون پِيا مامري.
(ڪوهياري)2:6
جبل جو سسئي جي سور ۾ ساڻس گڏجي روئڻ انتھائي اهم استعارو آهي. هونئن بہ جبل جي روايت آهي تہ جبل جا ماڻھو جبل سان پنھنجو ڏک، سور ۽ خوشي ونڊيندا آهن. هو ڏونگر کي پنھنجي ڇپر ڇانو سمجهن ٿا، ۽ سندن خيال آهي ته“ جيڪو ڏٿ گهري تہ ڏونگر ڏورڻ ڏاکڙو” يعني جيڪي ڏُٿ جي خواهش رکن ٿا انھن کي سمجهڻ کپي تہ ڏونگر ڏورڻ/جبل جهاڳڻ ڏاڍو اڻانگو آهي. ڇاڪاڻ تہ “ڇپر ڪين ڏئي سوکڙيون سُتن کي”. شاه صاحب پاران جابلو روايتن بابت تفصيل سان ڄاڻڻ ۽ انھن کي پنھنجي لافاني ڪلام ۾ زندہ رکڻ پنھنجي ڀونءِ سان بيپناه محبت جو ثبوت آهي. جڏهن ڪو شاعر پنھنجي مٽيءَ جي ماڻھن سان ايتريقدر پيار ڪري ٿو تہ يقينن سندس مٽيءَ جا ماڻھو بہ موٽ ۾ ساڻس ايترو ئي پيار ڪندا. شاه صاحب سان سنڌي ماڻھن جو پيار ان مان ثابت آهي تہ ڀلي هو مذهبن ۽ فرقن ۾ ورهايل هجن پر هو شاه کي پنھنجي محبتن جو مرڪز سمجهن ٿا، ۽ ڀٽ جي ڇانو ۾ اچي هو پنھنجا ويڇا وساري ٿا ڇڏين. شايد اڄ جا سياستدان سنڌي ماڻھن جي اهڙي نفسيات کي سمجهي ويا آهن، جو جيڪو بہ سياستدان سنڌ ۾ پنھنجي سياست چمڪائڻ گهري ٿو اهو مرڪزي جلسو ڀٽ شاه تي ٿو ڪري. ويجهڙائي ۾ انجا ڪيترائي مثال موجود آهن.
شاه صاحب سنڌ جي مڙني هاڪاري روايتن کي زندہ ۽ جاويد بڻايو آهي. سسئي جڏهن جبل سان گڏجي روئي ٿي تہ شاه صاحب فرمائي ٿو،
ٻَئِي ويٺا رُوَنِ، ڏُکِي ڏُونگَـرَ پاڻَ ۾؛
ڪنھنکي ڪِين چَوَنِ، مَنجهنِ جو پِرِيتَڻو.
(ڪوهياري)2:8
سسئي ۽ جبل جي وچ ۾ جيڪو لاڳاپو آهي اهو هو ڪنھن سان بہ نٿا سلين، پر ڏسجي ٿو تہ ٻنھي جي وچ ۾ لاڳاپو پنھون آهي. ڇاڪاڻ تہ سسئي پنھون جي پويان پئي پنڌ ڪري ۽ پنھون اهي ساڳيا جبل جهاڳي/اورانگهي ويو آهي. شايد سسئي جبل کي چوندي هجي“ تو جي منھنجو پنھون ڏٺو هو تہ کڻي روڪينس هان؛ ۽ موٽ ۾ جبل جو يقينن اهو ئي چوڻ هوندو تہ پنھون جڏهن هتان اورانگهيو يا لنگهيو پئي ان وقت منھنجي تہ ڇا پر پنھون پنھنجي وس بہ نہ هو، هن کي ڀائر کنڀيو کنيو ٿي ويا.” اهو ئي جبل ۽ جڏيءَ جي وچ ۾ پريتڻو هو، جيڪو هو ڪنھن سان بہ نٿا سلين. پر شاه صاحب سسئيء کي چوي ٿو.
اَڃا تُون اَواٽَ، واٽان پاسي ويسِرِي؛
سُونھين ٿِي سُواٽَ، تہ مَنجھان دِلِ دَڳُ لھين.
(ڪوهياري)6:5
ڇاڪاڻ تہ شاه صاحب تہ هيئن پيو چوي “وڃين ڇو وڻڪار، هت نہ ڳولين هوت کي.”
سر ڪوهياري جا ٻيا بہ ڪي ئي پھلو آهن. جيئن هڪ پاسي شاه صاحب چوي ٿو تہ جبل ڌرتيءَ جا ڪير يا ڪلا آهن (ڌرتي جبلن ۾ کتل آهي_اهڙو اشارو قرآن ڪريم ۾ پڻ موجود آهي) تہ ٻي پاسي سندس اهو چوڻ تہ محبوب يا پرين وري جبلن جون ميخون آهن. ڪيڏو تہ حيرت ۾ وجهندڙ جمالياتي اظھار آهي. ۽ مٿس وري سندس اهو چوڻ تہ “ھھڙا سيڻ سُڌِيرَ، ڪِينَ لھندِينءَ ڪي ٻِيا” هڪ وجداني جمال جو جھان پيدا ڪري ڇڏي ٿو جنھن ۾ پڙهندڙ توڙي ٻڌندڙ پاڻ کي گم ڪري ڇڏي ٿو.

ڏُونگَـرَ ڀُونيِنِ ڪِيرَ، سَڄَڻَ ميخُون ڏُونگَرين؛
ھھڙا سيڻ سُڌِيرَ، ڪِينَ لھندِينءَ ڪي ٻِيا.
(ڪوهياري)2:7

هن سر ۾ شاه صاحب پنھونءَ جي جسماني جمال جي پڻ واکاڻ ڪئي آهي، جيڪا پڻ جماليات جي باب ۾ اهم اڳڀرائي آهي.

پَرۡتَوو پُنھونءَ جو، سھائِي، سِياهُ؛
مُنھن ڏيئِي مُون آئِيو، رَنگارَنگِي راهُ؛
پھرين ڏِيندا پاهُ، پوءِ رَڱِيندا رَڱَ ۾.
(ڪوهياري)4:4

پَرۡتَوو پُنھونءَ جو، رُڳيائِي راحَتَ؛
ڀانـئِيان ڏِينھن ڀَوارئون، ساڄَنَ لاءِ صِحَتَ؛
مِٺِي مُصِيبَتَ، آرِي ڄامَ جِي.
(ڪوهياري)4:6
“پنھونءَ جو عڪس مون لاءِ رڳي (مڪمل/پوري/صرف_ هتي لفط “رڳي” جي معنيٰ صرف ان رخ ۾ وٺي سگهجي ٿي تہ يعني مونکي ٻيو ڪجهہ بہ نہ گهرجي صرف پنھون جو پرتوو ئي مون لاءِ مڪمل راحت آهي.) فرحت آهي. پرين خاطر ڀوائتي (ڏکئي) ڏينھن کي سگهائي (صحت) ڪري ٿي سمجهان. آري ڄام جو آواز مون لاءِ عيش آهي.”
مجموعي طور سر ڪوهياري ۾ شاه صاحب سسئي جي پنھون پويان جبل جهاڳڻ، جبل سان سندس ڳالھيون ڪرڻ، روئڻ، ننڊ، جاڳ ۽ سسئي جي جاکوڙ جي تصوير چٽي آهي. هن سر ۾ درد جي جمال سان گڏ فني، فڪري جمال تہ آهي ئي پر جڏهن شاه صاحب چوي ٿو تہ، “پَرۡتَوو پُنھونءَ جو، رُڳيائِي راحَتَ” تہ ان مان پنھون جي جسماني جمال جا اولڙا پڻ پسڻ ۾ اچن ٿا. يعني شاه صاحب سر ڪوهياري ۾ درد جي جمال سان گڏ فني، فڪري ۽ جسماني جمال جو اظھار پڻ ڪيو آهي.